سمورا مسئلا حل ٿي ويا: ترين گروپ جو بوزدار سان ملاقات کانپوءِ اعلان
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي نامزد گروپ جي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان ملاقات ٿي جنهن ۾ عثمان بوزدار ميمبرن کي خدشا ختم ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. رپورٽ موجب جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ سعيد اڪبر نواني، نعمان لنگڙيال، اجمل چيما، عون چوڌري، عمر آفتاب، نذير چوهاڻ ۽ زوار وڙائچ شامل هئا. جهانگير ترين گروپ جي وفد پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجن خدشن کان آگاهي ڏني. جنهن تي عثمان بوزدار کين خدشن جي ازالي جو يقين ڏياريو جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهيون ۽ منهنجا دروازا اوهان سڀني جي لاءِ کليل آهن. ڪڏهن به ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ اسان سموريون ڳالهيون ڪيون، بجيٽ جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اسان حڪومت سان گڏ آهيون ۽ وڏي وزير سان جيڪي ڳالهيون ٿيون ان تي مڪمل مطمئن آهيون.

