عمران خان جي نفرت واري سياست سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
پ پ چيئرمين سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن جي شيڊول کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جو شيڊول سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آدمشماري تي ريڊلائين ڪڍي ڇڏي اٿئون، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالا ميئر اچڻ سان ڪهڙي قيامت برپا ٿيندي؟ اڄ تائين سنڌ جي عوام کي مڪاني نمائندن کان محروم رکيو پيو وڃي، عمران خان نفرت جي سياست ڇڏي جمهوري روايتن کي هٿي ڏياري. هن جو چوڻ هو ته نفرت جي سياست سان عمران خان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ملڪ کي به نقصان پهچي رهيو آهي.

