ٽيڪسٽائل سيڪٽر ڊيفالٽ جي ويجهو، 70 لک ماڻهو بيروزگار
آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسي ايشن گورنر اسٽيٽ بينڪ کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ٽيڪسٽائل سيڪٽر ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جڏهن ته 70 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. اپٽما طرفان گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد کي موڪليل خط ۾ تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي ٽي اهم مسئلا سامهون آهن. مقامي ٽيڪسٽائل انڊسٽري 50 سيڪڙو کان گهٽ پيداواري صلاحيت تي هلي رهي آهي، جنهن سبب ٽيڪسٽائل سيڪٽر ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل 70 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن.