خاص

سنڌ لاڪ ڊائون ۾ سختي، رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين سمورا دڪان بند رھندا

سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اڄ کان سڀني دڪانن سميت ريزڪي دڪان پڻ رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين مڪمل طور بند رھندا. فقط ميڊيڪل اسٽور ۽ اسپتالون معمول موجب کليل رھنديون. سموريون وڏيون صنعتون بند ڪرڻ ۽ بينڪن کي ضروري برانچون کولڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. وڏي وزير جو چوڻ آھي ته لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آھي. آءِ جي سنڌ کي ھدايت ڪئي آھي ته ھو سخت قدم کڻي ۽ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت بڻائي ۽ شھر ۾ ماڻھن کي گھمڻ نه ڏئي. جڏھن ته سنڌ جي وڏي وزير ليبر ڪالوني سکر ۾ 640 زائرين جون ٽيسٽون ناڪاري اچڻ کان پوءِ انھن کي گھرن ڏانھن واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن وزير اعليٰ ھائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس جي 27 ھين اجلاس ۾ ڪيو، جنھن ۾ صوبائي وزير، قانون واري صلاحڪار، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، گھرو کاتي واري سيڪريٽري، ڪور 5 ، رينجرز، پاڪ بحريه، ايف آءِ اي، ايئرپورٽ، سول ايويئيشن، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن شرڪت ڪئي