ڪراچي جا دشمن صفائي مهم ناڪام بنائڻ چاهين ٿا: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جا دشمن صفائي مهم کي ڪامياب نٿا ٿيڻ ڏين هن وڌيڪ چيو ته اهڙن عنصرن 24 انچ جي سيوريج لائين ۾ پٿر وجهي ان مان گذرندڙ پاڻي کي روڊ تي اٿلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪالهه ڪليس مان ڪراچي مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ لياري کان ٿيندو شاهراهه فيصل پهتو ته اتي انهن کي سيوريج لائين مان ڪڍيل پٿر ڏيکاريا ويا. هن موقعي تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اونرز اينڊ رينڊز آف ڪراچي نالي هڪ گروپ پاران سيوريج لائين ۾ اهي پٿر وڌا ويا هئا جيئن وڏي وزير جي مهم کي ناڪام بڻايو وڃي. هن موقعي تي وڏي وزير سيوريج لائين کي پٿرن سان ڀريندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان ڪراچي جي خدمت ڪري رهيو آهيان ۽ توهان جي اهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندس. هن موقعي تي وڏي وزير حڪم نامون جاري ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن جون تصويرون مون کي ڏنيون وڃن جيڪي مان سڄي لڪ مان شيئر ڪندس. ساڳئي وقت اهڙن ماڻهن کي قرار واقعي سزا پڻ ڏني ويندي.