گرينڊ هيلٿ الائينس پاران سڄي ملڪ جي اسپتالن کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي
آل پاڪستان گرينڊ هيلٿ الائينس پاران سڀاڻي سڄي ملڪ جون اسپتالون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خبرن موجود ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ (ايم ٽي آءِ) ايڪٽ جي خلاف آل پاڪستان گرينڊ هيلٿ الائينس سڀاڻي کان ملڪ جون اسپتالون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته آل پاڪستان گرينڊ هيلٿ الائينس جي ترجمان ڊاڪٽر اسفند يار جو چوڻ آهي ته موجوده شڪل ۾ ايم ٽي آءِ بل بلڪل به ناقابل قبول آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ اسٽيٽس کي شامل نه ڪيو ويو آهي. بل خلاف سڀاڻي کان سڄي ملڪ جون اسپتالون بند رهنديون جڏهن ته ڊينگي ۽ پوليو ڪائونٽر ۽ ايمرجنسي ڪم ڪندي رهندي. ساڳئي وقت اسلام آباد ۾ ايم ٽي آءِ خلاف سومر کان ٻه ڪلاڪ احتجاج ڪيو ويندو.