نئون

اليڪشن ڪميشن ملڪ اندر سڀني بلدياتي حڪومتي نظام معطل ڪري ڇڏيو

چونڊن جي ويجهو اچڻ سبب اليڪشن ڪميشن ملڪ اندر تمام بلدياتي حڪومتي نظام معطل ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون ان ڳالهه جو خيال رکن ته پاڻيءَ جو نيڪال ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال معمول مطابق رهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آئين مطابق اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ذميدار آهي، جنهن ڪارڻ اي سي پي هڙئي قدم کڻي سگهي ٿي. ان سبب ئي ايندڙ ڏينهن ۾ چونڊن تي ڪنهن به قسم جي اثر انداز ٿيڻ واري عمل کي روڪڻ جي لاءِ هي حڪم ڏنا ويا آهن. هن کان اڳ ۾ ڪنهن به بلدياتي ملازم کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي وڌي وئي هئي. ياد رهي ته بلدياتي حڪومتن تي هن قسم جي پابندي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لڳائي وئي آهي.