ماڻهو مري سگهي ٿو ڪردار ناهن مرندا، هڪ اهڙو ئي ڪردار جان محمد جانباز جو رهيو آهي۔ هن جي وفات کي اڄ 21 سال گذرڻ باوجود سندس ڪم سندس شخصيت جي گواهي ڏئي ٿو۔ هن جو تعلق ڪوهستان مالماڙي سان هو۔ هو هڪ استاد سان گڏوگڏ شاعر به هو ته هڪ بهترين سماجي ڪارڪن پڻ هو۔ اديب به هو ته عالم، فاضل به هو، پر مجموعي طور تي سندس سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي۔ شاعر جان محمد جانباز جوکيو متعلق پهرين ئي سوشل ميڊيا تي ڪافي مواد لکيل آهي۔ ڪجھ سال پهرين سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تان جان محمد جانباز جوکيو کي ڀيٽا طور زبردست ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ جانباز جي سوين شاگردن، دوستن، هم عصرن ۽ نوجوانن شرڪت ڪري جانباز کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان کان علاوه مون، منهنجي والد پروفيسر حاڪم الدين ۽ تازو ئي اڀرندڙ مالماڙي جي بهترين تاريخدان جسارت الياس ملڪي ليول جي مختلف سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ شاعر جانباز متعلق ڪافي ڪجھ لکي چڪا آهيون۔ هتي جانباز جي ادبي ڪم ۽ سندس شخصيت جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو:
جان محمد جانباز جو شعر و شاعري سان تعلق ٻالڪپڻي کان ئي هو۔ هن پنهنجو پهريون غزل فقط تيرنهن سالن جي عمر ۾ لکيو۔ لکڻ جو شوق کيس ماستر عبدالعزيز کي ڏسي ٿيو جيڪو ان وقت مشهور رسالي الوحيد ۾ لکندو رهندو هو۔ پاڻ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ پاڻ کي عاشق الموليٰ ۽ عاشق سروري سڏائڻ لڳو ۽ مختلف رسالن جھڙوڪ: ماھوار رسالي مھراڻ ۽ نئين زندگي ۾ شاعري ڏيندو رھيو۔ ان دوران بزم طالب الموليٰ جو سرگرم ڪارڪن رھيو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رھيو۔ سن 1967 ۾ اديب فاضل ۽ اديب عالم جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. انهن ئي سالن ۾ پنهنجو تخلص جانباز رکيائين۔
1980 ۾ فاصلاتي تعليم ذريعي لاھور جي وڪٽوريا ميڊيڪل ڪاليج مان ميڊيڪل جو ڪورس ڊپلوما ڪيائين ۽ علائقي ۾ دوا درمل ۽ انجيڪشن توڙي عام مرضن جي تشخيص ۽ علاج معالجو ڪندو هو، پر ڪابه في وغيره نه وٺندو هو نه ئي ٻين عطائي ڊاڪٽرن وانگر ڪا ڪلينڪ کوليائين، پر ھميشه باقائده ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن سان لھ وچڙ ۾ رھندو هو، جن ۾ خاص ڪري ڊاڪٽر حبيب الرحمان سان سندس دوستي هئي. اڄ گھڻا ماڻھو سندس ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ کي درست نٿا سمجھن، پر حقيقت اھا آھي ته جيڪڏھن ڪو اھل علم اھل شعور ان وقت جي دور ۾ پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ چاھيندو ھو ته کيس ھر قسم جي جديد علم جي ڄاڻ رکڻ ضروري هئي، جيئن ڪافي پراڻا استاد پنهنجن علائقن ۾ باقائده پيش امام، خطيب هوندا هئا. اھڙي طرح ڪي حڪمت جو ڪم ڄاڻندا هئا، ان لحاظ کان جيڪڏهن کيس ان وقت جو معالج ڊاڪٽر چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
1963 دوران سندس تخلص ۽ ادبي نالو جانباز ھو۔ سندس شاعري وڌيڪ غزلن تي مشتمل آھي۔ ان کان علاوه پاڻ گيت نظم ۽ بيت به چيا آھن۔ 1977 ۾ ديوان جانباز لکيائين جنهن ۾ الف ب وار غزل ڏنل هئا. ياد رهي ته جان محمد جانباز ڪوهستان مالماڙي جو پهريون صاحب ديوان ۽ علم العروض تي شاعري لکندڙ شاعر آهي۔ وفات کان ڪجهه مهينا پهرين سموري ديوان کي اتارو ڪري منجهس مناسب ڦير ڦار ڪيائين ۽ ٻيا ڪافي نوان غزل لکي ان جو تعداد 400 پورو ڪيائين. سندس ٻيا ڪتاب پڻ قلمي صورت ۾ رکيل آهن، جن ۾ هڪ نصيحت نامو “آڇيندي لڄ مران” موجود آهي۔ سندس همعصر شاعرن ۾ احسان علي احسن، عبدالحق عابد، محمد الياس همغم، محمد هاشم لهر ڪيٽوي، مومن مليرائي، محسن عباسي، سرويچ سجاولي، عاجز ساڪرائي ۽ اديبن ليکڪن ۾ اڪبر شاهه، قاسم پٿر، بصير احمد جوکيو وغيره شامل آهن، جن سان سندس لکپڙهه هوندي هئي.
پاڻ 15 سال پرائمري استاد رهيو۔ نوڪريءَ جي دوران ڪيترائي نيڪيءَ جا ڪم ڪيائين۔ ڀنڀور ۾ استاد جي حيثيت ۾ وڏي عزت ماڻيائين۔ بلوچن کيس تحفي ۾ زمين جو ٽڪرو ڏنو جيڪو عزيزن ۾ وقف ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ جي مدد سان هڪ جديد ڳوٺ ٻڌرايائين جنهن جو نالو پڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي نالي تي ڳوٺ عبدالوهاب رکيائين۔ پاڻ خط و خطابت جو ماهر هوندو هو۔ سندس لفظن ۾ روانگي هوندي هئي۔ شاعراڻي ڏات جي ڪري پاڻ سچو، کرو ۽ بااصول، باڪردار ۽ باضمير شخصيت جو مالڪ هو۔
پاڻ 63 سالن جي عمر ۾ چند مهينن جي سخت علالت کانپوءِ 3 جولاءِ 2003 تي ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو ڀنڀور ۾ وفات ڪيائين۔ سندس آخري آرامگاھ تاريخي قبرستان مڪلي ۾ مخدوم آدم نقشبندي جي اڱڻ ۾ آهي۔