اولاد قدرت طرفان عنايت ڪيل ھڪ حسين تحفو آھي. سندن پرورش ھڪ تمام مشڪل ءِ مھارت طلب ڪم آھي. اھو مشڪل ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿئي ٿو جڏھن ٻار ڪنھن جسماني يا نفسياتي بيماري سان پيدا ٿئي ٿو. جڏھن ٻار جسماني يا ڪنھن ذھني ڪارڪردگي جي تبديلي سان پيدا ٿئي ٿو ته پرورش جو فرض والدين لاءِ ڏکئي ھجڻ سان گڏوگڏ ڏکوئيندڙ به ٿي وڃي ٿو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھنن مختلف صلاحيتن وارن ٻارن لاءِ اسان جو معاشرو تمام گھڻو بيرحم آھي، اسان جي چوڌاري اھڙن ماڻھن جي گھڻائي آھي جيڪي سطحي سوچ وارا آھن سندن سطحي ذھنيت اھڙن ٻارن جي مختلف صلاحيتن کي سمجھڻ جي سگھ نٿي رکي. ھو جڏھن اھڙن ٻارن کي ڪنھن پبلڪ پليس تي ڏسن ٿا ته ھو ھنن کي ڪڏھن حيرت ۽ اچرج سان ۽ ڪڏھن طنزيه انداز سان ڏسن ٿا. والدين پنھنجن ٻار لاءِ معاشري جا نه قبول ڪرڻ وارا رويا محسوس ڪرڻ کانپوءِ کين گھر کان ٻاھر وٺي وڃڻ کان ڪيٻائيندا آھن. ڪاش! ھر انسان وٽ ٻين جي جذبات جو احساس ڪرڻ واري سوچ، سمجھ ۽ احساس ھجي ھا ته شايد ھي معاشرو انسانيت جھڙي جذبي سان سرشار ھجي ھا. جسماني بيماري گھڻي دير ايتري ڳجھي نٿي رھي سگھي ۽ ڊاڪٽر انھن بيمارين جي جلدي تشخيص ڪري سندن وقت سر علاج ڪري سگھن ٿا. اصل مسئلو دماغ جي اوسر سان لاڳاپيل ٻارن جي نفسياتي بيمارين جو آھي جن جون علامتون وڌندڙ عمر سان ظاھر ٿين ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن ته ھنن جي تشخيص جوان ٿيڻ کان به پوءِ ٿئي ٿي… انھن نفسياتي بيمارين کي نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز (Neurodevelopmental Disorders) چئبو آھي. نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز اھڙين علامتن جو مجموعو آھي جيڪي ذھن جي واڌ ويجھ ۽ ڪارڪردگي کي متاثر ڪن ٿيون، جنھن جي نتيجي ۾ ڳالھائڻ، رويا، ذھني ۽ جسماني ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. نيورو نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز جون علامتون معمولي کان شديد ٿي سگھن ٿيون ۽ متاثر جي زندگي ۽ خاندان کي شديد متاثر ڪري سگھن ٿيون. نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز سماجي، ذھني ۽ جذباتي صلاحيتن تي اثر انداز ٿين ٿا. نيوروڊولپمينٽل جي فھرست ۾ ڪيترائي ڊس آرڊرز شامل آھن جن ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿيڻ وارن ڊس آرڊرز ۾ اٽينشن ڊيفيسنٽ ھائپر ايڪٽو ڊس آرڊر (اي ڊي ايڇ ڊي)، آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر، سيريبرل پالسي، ڪميونيڪيشن ڊس آرڊرز، ڪنڊڪٽ ڊس آرڊرز، انٽليڪچوئل ڊس ايبليٽيز، لرننگ ڊس آرڊرز، نيوروڊولپمينٽل موٽر آرڊرز شامل آھن. مٿي ڄاڻايل فھرست مان جديد تحقيق مطابق ٻار اي ڊي ايڇ ڊي ۽ آٽزم اسپيڪٽرم ۾ وڌيڪ مبتلا ٿي رھيا آھن. اي ڊي ايڇ ڊي نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز جو ھڪ اھڙو قسم آھي جنھن ۾ مبتلا ٻار ۽ وڏا به متاثر ٿي سگھن ٿا. ھن ڊس آرڊر جي علامتن ۾ ٻارن ۾ ھڪ ھنڌ ويھڻ ۾ مشڪل محسوس ڪرڻ خاص طور سان خاموش ۽ پرسڪون ماحول ۾ حد کان وڌيڪ بغير سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ڳالھائڻ، ٻين جي ڳالھ ٻڌڻ بغير پاڻ ڳالھائڻ شروع ڪرڻ، حد کان وڌيڪ جسماني چرپر ڪرڻ، مليل ھدايتن تي عمل نه ڪري سگھڻ، ڪنھن به ڏنل ڪم کي ڌيان نه ڏئي سگھڻ شامل آھن. ھن جي تشخيص ۾ ٻه اھم ۽ شروعاتي علامتون آھن جن ۾ ڪنھن به ڳالھ تي ڌيان نه ڏئي سگھڻ، ھرو ڀرو ۽ ھر وقت جسماني چرپر ڪرڻ شامل آھن. اي ڊي ايڇ ڊي جون علامتون ٻارنھن سالن کان اڳ شروع ٿين ٿيون ۽ ڪجھ ٻارن ۾ ٽن سالن کان به اڳ ظاھر ٿين ٿيون. تقريبن سڀ ٻار شرارتي ٿين ٿا ۽ شرارت ڪرڻ ننڍپڻ جو حصو آھي، پر اي ڊي ايڇ ڊي ۾ مبتلا ٻار جون شرارتون ۽ حرڪتون نارمل زندگي گذارڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿيون، جن ۾ سندن تعليم، سماجي رابطا، سنگت ساٿ ۽ نظم و ضبط جا مسئلا شامل آھن. اي ڊي ايڇ ڊي ٿيڻ جا سبب جيتوڻيڪ واضح طور معلوم ٿي نه سگھيا آهن، پر محققن جي تحقيق مطابق اي ڊي ايڇ ڊي جي ڪارڻن ۾ موروثيت، وقت کان اڳ پيدا ٿيڻ، ماحول ۾ زھريلن مادن جي موجودگي، پريگنينسي دوران جيڪڏھن ماءُ نشو استعمال ڪري، دماغ کي ڪو ننڍڙائپ ۾ ڌڪ لڳڻ، پيدائش جي وقت ٻار جو گھٽ وزن ھجڻ شامل آھن. ٻيو ڊس آرڊر جنھن ۾ محققن جي تحقيق مطابق ٻار گھڻو ڪري مبتلا ٿين ٿا اھو آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر آھي. ھي دراصل گھڻين علامتن جو مجموعو آھي، جيڪي گھٽ تمام ھلڪين علامتن کان وٺي گھڻين ۽ شديد علامتن تائين پکڙيل آھي. ھن ڊس آرڊر جي علامتن ۾ سماجي لاڳاپن دوستي رکڻ، انھيءَ کي قائم رکڻ، ڳالھ ٻولھ ۾ ڏکيائي، بار بار دھرائڻ واريون عادتون، شوق ۽ ڳالھيون، نظرون نه ملائڻ، پنھنجي نالي سڏڻ تي ڌيان نه ڏيڻ، جڏھن ھنن سان ڳالھائبو ته ائين لڳندو ڄڻ ھو اوھان جي ڳالھ نٿا ٻڌن، موقعي جي مناسبت سان نه ٺھندڙ منھن جا تاثر وغيرہ شامل آھن. آٽسٽڪ ءِ اي ڊي ايڇ ڊي ۾ مبتلا ٻارن کي قدرت عام ٻارن کان مختلف صلاحيتن سان نوازيو آھي جن کي سمجھڻ عام ماڻھو جي سمجھ کان مٿانھون آھي. دراصل ھنن ٻارن ۾ اھڙيون صلاحيتون ھونديون آھن جن کي دريافت ڪرڻ جي گھرج ھوندي آھي. ڪيترائي آٽسٽڪ ٻار فن مصوري جا ماھر، بھترين گلوڪار، بھترين بورچي ۽ ٻين ڪيترين ئي صلاحيتن جا مالڪ ھوندا آھن. اصل مسئلو انھن صلاحيتن کي دريافت ڪرڻ جو آھي. ڪيتريون ئي مشھور شخصيتون جيڪي اي ڊي ايڇ ڊي، آٽزم اسپڪٽرم ڊس آرڊر يا ٻين نيوروڊولپمينٽل ڊس آرڊرز ۾ مبتلا ھجڻ جي باوجود پنھنجن والدين جي ڪوششن سان پنھنجين صلاحيتن کي دريافت ڪري ڪامياب زندگي گذاري رھيا آھن. آٽزم ٿيڻ جا سبب جيتوڻيڪ اڄ ڏينھن تائين معلوم نه ٿي سگھيا آھن، پر محققن جي تحقيق ڪنهن حد تائين موروثيت، ماحولياتي اثرن کي ھن جو ڪارڻ ڄاڻايو آھي. پاڪستان ۾ِ ڪيترائي نجي ۽ سرڪاري ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ وارا ادارا ھنن ٻارن کي تعليم سان گڏ سائيڪوٿراپي ۽ ڪائونسلنگ مھيا ڪري رھيا آھن. تنھن جي باوجود به ھنن مختلف صلاحيتن وارن ٻارن لاءِ عام ماڻھن جا رويا انتھائي افسوس جوڳا آھن.