لفظن کي رقص ڪرائيندڙ تخليقڪار
ڏٺو وڃي ته تخليقڪار پنهنجي تخليقي اک سان سماج جا عڪس چٽڻ جا ماهر هوندا آهن. ها! پر هو فلڪيات جي علم جا به ڏاها هوندا آهن، تڏهن ته ستارن ۽ ڪهڪشائن جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن.
هو چاهين ته وڻن ٽڻن، گُلن پوپٽن، دريائن، ساوڪن، برپٽن، رڻن، رستن ۽ جبلن کان به محبتن جو اظهار ڪرائي وٺندا آهن. سندن تخليقي سگھ تمام تيز تر هوندي آهي. ادبي کيتر ۾ جتي سموري سنڌ نمايان نظر اچي ٿي، اُتي سنڌ جي لاڙ جو ٿر سان لاڳاپيل حصو ٽنڊوباگو ڪنهن کان ڳجهو هوندو. ائين ٿي سگهي ٿو؟ جتي هاليپوٽن جي وڏي قطار نظر اچي ٿي. مسافر، گُلزار، اسلم، مقبول، اقبال ۽ منور کان ويندي فراق تائين سڀني هاليپوٽن ادبي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. آئون تقريبن سنڌ جي سفر ۾ ھوندو آهيان ان سفر ۾ ملندڙ محبتون منهنجي جيون جو اثاثو آهن، تازو سفر دوران پياري فراق هاليپوٽي پنهنجي ڪتابن جا انمول تحفا ڏنا. سندس ايترو پيار مون لاءِ اعزاز ۽ اُتساھ جو سبب آهي.
پياري فراق هاليپوٽي سان ڪافي ورهين کان شناسائي آهي. سندس شاعري فيس بڪ ذريعي پڙهڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي. خير جيئن ئي سندس شاعريءَ جي ڪتاب (درياھ جو لهجو) جا ورق اٿلايم ته سوچ جو سفر الائي ڪٿي وڃي پهتو.
منهنجو هڪ شعر آهي:
عشق وڃي ان درَ تي پُهتو،
شيشو ڄڻ پٿر تي پُهتو.
پياري فراق پنهنجو هي ڪتاب پنهنجن ٻچڙن راول، مقدس، آزادي، حاجي سونھاري عرف ببلو (جيڪو ٻڌڻ جي صلاحيتن کان محروم آهي).
سپرين
۽ انهن جي ماءُ جي نانءُ ڪيو آھي.
سندس نثري خيال پڙهي عقل دنگ رهجو وڃي. پاڻ لکي ٿو،
(عورت)
”زمين جي هيٺيان
جيتري به معدنيات آهي
مون کي خبر آھي.
زمين جي مٿان
جيترا به خزانا آهن
آئون ڄاڻان ٿي.
آئون توهان کي سڀ ڪُجھ ٻڌائينديس
پهرين مونکي زمين تي اچڻ ته ڏيو…!!“
يار ٿورن لفظن ۾ ايڏي وڏي ڳالھ.! عورت جي عظمت کي ايترو همٿائڻ.؟ آئون فراق جي هن خيال سان بلڪل متفق آهيان ته عورت کي پنهنجي اظهار جي آزادي ۽ پنهنجي مرضي کان سدائين پري رکيو ويو آهي. اوهان لطيف سرڪار جي فلسفي کي ڏسندئو ته هن به سدائين عورت کي همٿائڻ ۽ سھارو اتساھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. عورت کي نماڻو ڪري پيش ڪيو اٿس.
مون پياري فراق جي تخيل ۾ عورت جو احتجاج بار بار پڙهيو آهي. پاڻ هڪ ٻئي نظم ۾ چوي ٿو،
”ٽي سئو ايڪاسي مردن هُن سان ريپ ڪيو.
فقط چار مردن هن سان
دل سان جسماني سنجوڳ ڪيو.
جن کي سماج دوزخ جا ٽڪيٽ ڏئي سگهي ٿو،
اغوا ٿيڻ مهل
سندس ماءُ ڪمند وڍي رَهي هُئي
۽ هيءَ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي لوڏي رهي هُئي..!!“
ڪيڏو نه ڪرب آهي سٽن ۾..!!
مونکي هتي پنهنجو هڪ شعر ياد پيو اچي ته،
”واھ جو قاضيءَ ڪيو آ فيصلو
جڳر جا ٽُڪِرا چَٽيءَ ۾ گم ٿِيا“
واقعي تخليقڪار وٽ جيڪا تخليق واري اک آهي، جنهن سان هو اندر جي اڌمن سماج جي فرسوده رسمن رواجن ۽ اڻ برابري جي اٿل پٿل کي جنهن انداز سان چٽي ٿو تنهن جو ڪو به مثال يا ماپو ناهي ملندو.
هن ڪتاب (درياھ جو لهجو) ۾ پاڻ پنهنجي پاران جيڪو لکيو اٿس سو به ڪمال آهي.
لکي ٿو:
”وان گوگ. پنهنجي محبوبه کي پنهنجا ڪن وڍي تحفي طور موڪليا هئا. شايد سندس محبوبا سندس ڳالهيون غور سان نه ٻڌندي هئي! ۽ مون وري پنهنجي محبوبا کي پنهنجي زبان وڍي پوسٽ ذريعي موڪلي هئي، پر ٽپال کاتو اڃا تائين کيس پهچائي ناهي سگهيو. جيڪڏهن منهنجي زبان هن تائين پهچي چڪي هجي ها ته مونکي هي ڪتاب ڇپرائڻ جي ضرورت نه پئي ها..!!“
مون پياري فراق جا ٽئي ڪتاب مٿڇِرا پڙهيا آهن. سندس نثري خيال ته تمام گِھرا ۽ انمول آهن، پر سندس غزل به گهٽ ٿوري آهن. ڪتاب ۾ موجود غزلن مان ڪجھ شعر ملاحظه فرمايو،
وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي اسان اڪثر ائين سوچيو،
ھُجي ها ڳوٺ تنهنجي ۾ اسان جو گهر ائين سوچيو.
***
هِن جوانيءَ جو تون مون کي مُور ڏي،
پوءِ وهيءَ کي وياج جيئن ڏسجي کڻي
***
وياسين ليھ ليڙون ٿي اندر جي پوءِ به آڏاڻي،
اسان پئي سنڌ کي اُڻيو تڪئي تن لاءِ نه سوچيوسين.
***
وهيءَ جي وَٽ سُڪي ويندي جوانيءَ جون تون جوڳون ڏي،
بدن جي سيم سڀ تنهنجي ٻري ۾ ڄڻ پئي آھيان.
سمورا غزل شاندار آهن جنهن ۾ ڌرتيءَ جو محبت جو انوکو احتجاج به آهي ته محبوب سان ملڻ جون ساھ ڇڏيندڙ حسرتون به.!! ڪتاب (درياھ جو لهجو) ۾ تيرنهن غزل، اَٺ نظم، اڻٽيھ نثري نظم، چار وايون ۽ هڪ بيت شامل آهي. جيڪو شهيد راجا ڏاهر ڀنڀري جي نانءُ منسوب ڪيل آهي. آئون سمجهان ٿو نثر ۽ نظم الڳ الڳ آرٽ آهن. پياري فراق هاليپوٽي وٽ ٻنهي ۾ لکڻ جو فن موجود آهي.
هن وٽ اهڙو ڪمال آهي، جو خيالن جي سرڪس ۾ لفظن کي رقص ڪرائڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو..!!
سندس ٻيو ڪتاب (مُجسمن سان ڳالهيون)، جيڪو مڪمل نثري نظمن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي نانءُ ارپنا ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل چوئيتاليھ نثري نظم آهن، هڪ کان هڪ نظم سوچ جون سرحدون پسائي ٿو. هن ڪتاب جو مهاڳ محترم محمد دين راڄڙي صاحب لکيو آهي. پياري فراق جي سموري شاعري سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. سندن هي نظم ڏسو،
”آئون جڏهن کان آسمان سان رُٺو آهيان،
ڌرتي مون کي پنهنجو سمجهڻ لڳي آهي.
پوءِ به منهنجون اکيون گهڻي دير آسمان ڏسن ٿيون،
آئون لِڪي ڇُپي
آسمان سان ٺهي به وڃان
پر هي منهنجي پوڙهائپ جا ڏينهن آهن ۽ آسمان تي ڪابه قبر ناهي..!!“
يار ڪمال جو خيالي رنگ آهي، شاعر ته الائي ڇا تي لکيو آهي، پر هن نظم پڙھڻ سان منهنجي ذھن ۾ شاھ عبداللطيف رحه جي ھڪ سِٽ ذهن ۾ طواف ڪرڻ ٿي لڳي ته:
”ايءَ نه ماروئن ريت جو سيڻ مٽائن سونَ تي.“
مُون کي پياري فراق جي شاعري
ان سپاهي جيان محسوس ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ سرتيءَ لاءِ وڙهندي وڙهندي جان ته ڏيو ڇڏي، پر دشمن جي بيعت نٿو ڪري.
پياري فراق جي شاعري جو ڳچ حصو يارن دوستن ساٿين جي نانءُ ٿيل آهي، پر محور پنهنجي ڌرتيءَ کي رکيو اٿس. سندس مزاح واري انداز ۾ سچ جو ڳاٽ اوچو لڳندو اٿم. پاڻ رک رکان بغير هر ڳالھ سڌِي چئي ڏيڻ جو قائل آهي. هڪ ٻئي نظم ۾ لکي ٿو،
”آئون وڏي آواز ڳالهائيندو آهيان ته هوءَ ديوار ٿي ويندي آهي
رات جو هوءَ پنهنجي ننڊ
منهنجي مانيءَ جي ڇَٻيءَ
هيٺان رکندي آهي.!!“
يار ڇا ته تخيل آهي. معنيٰ هوءَ جا عورت آهي، جيڪا سندس گهر واري آهي، اها تيستائين ننڊ نٿي ڪري، جيستائين سندس ورَ ماني نٿو کائي..!! هن نظم پڙهڻ کان پوءِ پڪ ٿي ته يار ماڻهو واقعي ٻئي لاءِ جيئي ٿو.!! دل جي ڳالھ ته مونکي پياري فراق جي ڪتابن تمام گهڻو متاثر ڪيو.! سندس ٽيون ڪتاب ”هڪ زندھ ڪيل قديم ٻولي“، هي تخليقڪارن جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڀيٽا طور لکيل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل محترم عزيز گوپانگ لکيو آهي. ڪُجھ حصو اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو،
”فراق جي ڪُلهن تي ساغر صديقيءَ جي ميري چادر ۽ پيرن ۾ سانوڻ فقير جي ڇِڳل چَپل پاتل آهي. هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن هو داتا جي درگاھ تان اُٿي اقبال جي مزار تي قُل پڙهندو ۽ پوءِ ڀٽ شاھ تي اچي لطيف کان سندس نوان بيت ٻڌندو.!!“
هن ڪتاب جي ارپنا شھيد فضل پنهور جي امڙ جي نانءُ ٿيل آھي، جنهن پنهنجي ٽيٽيھ سالن جي ڳڀرو پُٽ کي کلندي مِٽي ماءُ حوالي ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ پنجيتاليھ تخليقڪارن جي جنم ڏينهن جي حوالي سان انتهائي جاندار ۽ سحر انگيز نثر سان ڀيٽا ڏني وئي آهي.
آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته تخليقڪار کي هي حيرت انگيز خيالن جا خزانا ڪيئن ٿا ملن..!
پنهنجي پاران ۾ لکيل ڪجھ حصو پڙهي ڏسو،
”وڻن کي ڪڏهن به پنهنجي وڌندڙ يا گهٽجندڙ قد تي ڪا حيرت يا ڪاوڙ ناهي ايندي، پر اهي انسان ئي آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي هر وقت بلند و بالا ڏسڻ چاهيندا آهن ۽ هتي مون يارن جا قد ڪڇِيا آهن. انهن جا حقيقي قد ته اوهان پڙهندڙ ئي ڪڇي سگهندئو.!!“
هن ڪتاب ۾ ڀيٽا طور به ايڏا ته خوبصورت خيال پيش ڪيل آهن جو منڊيءَ تي ٻڙو..!! ڪجھ سٽون اوهان سان ونڊ ڪيان ٿو،
هر ماڻهو اڳيان هڪ ديوار اڀي ٿيل هوندي آهي. ٽپي ويو ته منزل، نه ٽپي سگهيو ته سدائين زمان حال ۾ جيئندو رهندو..!!
***
ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ لاءِ مرڻ آسان آهي، پر ڪنهن غلام ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جيئڻ ڪيترو ڏکيو آهي، اهو دنيا جي سڀني آزادي پسند هيرن جي زندگي مان اسان کي معلوم ٿي سگهي ٿو..!!“
***
دنيا ۾ جڏهن اسرافيل جي ڦوڪ کان پوءِ، ڪجھ به باقي نه رهندو، رهندا تہ فقط اهي رنگ سلامت رهندا، جيڪي مصورن ۽ شاعرن جي اکين کان ڪو به کسي نٿو سگهي..!!
***
ڪولهڻيون جڏهن راسوڙ ڳائينديون آھن ته مونکي هن جي شاعري ياد ايندي آهي.
جڏهن مون جواهر لعل نهرو ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن جي زال انڊونا جي عشق بابت ڪنهن رسالي ۾ مضمون پڙهيو، ته خدا گواھ آهي ته منهنجي ذهن ۾ هن جو هڪ غزل گردش ڪرڻ لڳو.!!
فراق جي سموري ڪتاب ۾ اهڙا انيڪ خوبصورت خيال موجود آهن، جن کي پڙهي روح راضي ٿيو وڃي. مون ٽئي ڪتاب مٿڇِرا پڙهيا آھن.
ھي ڳالھ به اهم آهي ته سندس تخليقن جا عنوان به بنھ منفرد ۽ روح ڀَريا آهن مثال،
”اڌورو ڪن فيڪون، ڌرتيءَ جي آخري ماپ، سوناري جو هڪ ڌڪ، عدم کان ڪُل تائين، وصيت نامو، شريفن جا ڪپڙا، هڪ پيٽ ٻه بکون، پاڻ ۾ پاڻ جي تلاش، وصال جي ڪاري باک، نابالغ اڳٺ، مقتول چوڪيدار ۽ ٻيا کوڙ اهڙا عنوان آهن جيڪي خود هڪ ڀرپور ڪهاڻي لڳن ٿا.
پياري فراق جي شاعري تي نقاد ئي سٺو لکي سگهي ٿو. مون ته بس پنهنجي اندر جي احساسن کي پني تي اتاري، اوهان اڳيان پيش ڪيو آهي.
***

