سنڌ اندر 743 اخبارون ۽ مئگزين ڇپجي رهيا آهن: سعيد غني

ڪالهه سنڌ اسيمبلي اندر ٿيل اجلاس ۾ صوبائي اطلاعات واري وزير سعيد غني اسيمبلي کي ٻڌايو ته صوبي اندر ڪل 743 اخبارون ۽ مئگزين ڇپجي رهيا آهن، جنهن مان 413 روزاني جون اخبارون ۽ 133 ماهوار مئگزين آهن. هن وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو ته 413 اخبارن مان 226 اردو ۾، 49 انگريزي ۾، 134 سنڌي ۾، 3 گجراتي ۽ هڪ بلوچي ۾ ڇپجن ٿيون. هفتيوار رسالن ۾ اردو ۾ 81، انگريزي ۾ 12، سنڌي ۾ 6 ۽ گجراتي ۾ هڪ ڇپجي رهيا آهن. ان کان علاوه ماهوار رسالن ۾ اردو ۾ 133، انگريزي ۾ 135 ۽ سنڌي ۾ 10 آهن. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اشتهار صرف انهن اخبارن يا رسالن کي ڏنا ويندا جيڪي صوبائي ميڊيا لسٽ تي رجسٽر ٿيل آهن، ڪنهن به اداري کي سرڪيوليشن جي سائيز جي شرط تي اشتهار نه پيو ڏنو وڃي. سرڪار هميشه گهٽ سرڪيوليشن وارن ادارن جي سپورٽ ڪندي آئي آهي ۽ اها مدد ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبائي اطلاعات کاتي جو ڪاروهنوار، پريس نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز، اينڊ بڪس رجسٽريشن آرڊيننس 2002 تحت هلايو پيو وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت صوبي اندر 68 نيوز ايجنسيون ڪم ڪري رهيون آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *