جديد فڪر جو پسمنظر
ليکڪ: سي ڊي ھارڊي(C.D Hardie)
فلڪيات جي ماھرن ڪاٿو لڳايو آھي ته ڌرتي ٻه ھزار ملين سال اڳ وجود ۾ آئي. حياتيات جي ماھرن موجب ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي شروعات پنج سؤ ملين سال اڳ ۾ ٿي. گذريل لکين ڪروڙين سالن ۾ ان حياتياتي مادي جون خاصيتون انساني زندگيءَ کان نراليون ھيون. اسان جا اوائلي وڏڙا پنھنجين عادتن ۾ ڪنھن حد تائين جانورن واريون خاصيتون رکندا ھئا، اھي اڻ رڌيل سبزيون ۽ ميوا کائيندا ھئا ۽ آرٽ ۽ ھنر کان اڻ واقف ھئا. اسان لکين سالن جي ارتقائي سفر ڏانھن جڏھن نھار ڪيون ٿا ته اسان کي خوشگوار حيرت ٿئي ٿي ته وڏي مٿي واري اھا مخلوق، جا غارن ۾ رھندي ھئي، جانورن جون کلون اوڍيندي ھئي ۽ پنھنجي جمالياتي ذوق جي تسڪين خاطر انھن ڪجھ مجسما ۽ غارن جي ديوارن تي تصويرون ٺاھيون، سا ڀاڳوند مخلوق اھڙي شاندار ۽ سڀاويڪ تبديلي جو ثمر ٽن عملي حاصلاتن جي نتيجي ۾ حاصل ڪيو. اھي ٽي حاصلاتون ڪھڙيون ھيون؟ پھرين، ڳالھ ٻولھ جي سگھ، ٻي باھ جي استعمال جي دريافت ۽ ٽين تير ڪمان جي ايجاد شامل آھي.
ڳالھ ٻولھ جي اھميت جي سچائي ان ڳالھ ۾ آھي ته انسان ذات کي ادراڪ توڙي مثال سان سيکاري سگھجي ٿو. جانور عام طور تي ٽن شين ذريعي سکن ٿا. ھڪ مشروط طريقي سان، ٻيو آزمائش ۽ غلطيءَ سان ۽ ٽيون، مثال ذريعي انسان به يقينن انھن مٿين طريقن سان سکن ٿا، پر اھي ٻين انسانن سان ڳالھ ٻولھ جي ذريعي به سکن ٿا. اھڙيءَ طرح ھر فرد انفرادي طور تيزيءَ سان ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪري سگھي ٿو. والدين لاءِ اھو ممڪن آھي ته پنھنجي ٻار کي اھو سيکارين ته جيڪڏهن سندس زندگيءَ کي ڪو خطرو لاحق ھجي ته مختلف حالتن ۾ ان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. جڏھن ته ٻئي پاسي جانور جڏھن به ڪو خطرو سر تي محسوس ڪري ٿو ته اھو پنھنجي ٻچي کي تحفظ فراھم ڪري ٿو.
باھ جي استعمال جي دريافت انسان ذات جي لاءِ سڦلائتي ثابت ٿي. ان کان اڳ ٿڌ جي ڪري انسان جي چرپر ۽ سرگرميون محدود ھيون. گوشت ۽ مڇي سندن کاڌ خوراڪ جو اڃا حصو نه ٿيا ھئا. انھن تبديلين جي اھميت جي پروڙ – تڏھن جي ڀيٽ ۾ ھاڻ وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. ترقيءَ جو دارومدار ماحول جي اثر ھيٺ ٿئي ٿو. اھو ممڪن آھي ته جيڪڏھن انسان آبھوا ۽ موسم کي نظر ۾ رکندي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين حرڪت ۽ لڏپلاڻ نه ڪري ھا ته ڪڏھوڪو انساني نسل جو خاتمو ٿي چڪو ھجي ھا! اھڙيءَ طرح تير ۽ ڪمان جي ايجاد انسان ذات لاءِ نه صرف مختلف کاڌن جي قسمن جي رسائيءَ کي يقيني بڻايو، پر کين وحشي جانورن جي حملن کان تحفظ پڻ فراھم ڪيو. تير ۽ ڪمان سان انسانن جانورن جو شڪار ڪري سندن کلون حاصل ڪيون ۽ سرديءَ کان بچڻ خاطر پنھنجي تن کي پڻ ڍڪيو.
ان عھد جي پڄاڻيءَ وقت انسان ذات اھم تبديلين – جيڪي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رونما ٿي چڪيون ھيون- ان لاءِ تيار ھئي. تقريبن ڏھ ھزار سال اڳ انسانن (خاص طور يورپ ۾) زراعت ۽ جانورن جي گھريلو پالنا جو عمل شروع ڪيو. ھاڻ شڪار ڪندڙ قبيلن جو عھد پورو ٿيو ۽ زراعت سان واڳيل طبقي جو دور شروع ٿيو، جنھن ۾ انسانن شڪار بجاءِ جانورن جا ڌڻ ڌارڻ شروع ڪيا، ٻوٽا پوکيا ۽ فصل اپايا. پنج ھزار سالن جي اندر ان انقلاب سان اھو ممڪن ٿيو ته غذائي شيون وافر مقدار ۾ ٺھڻ شروع ٿيون، جنھن سان مھارت رکندڙ مختلف طبقن جھڙوڪ: ھنرمندن، پادرين ۽ واپارين جي ڪافي ممڪن مدد ٿي سگھي، جيتوڻيڪ کاڌي جي پيداوار ۾ سندن ڪوبه حصو ڪونه ھو. اھڙيءَ طرح مستحڪم شھري تھذيبن جي اوسر ٿي، جنھن ۾ پھريون دفعو انسانن جي ھڪ وڏي تعداد ھڪ گڏيل زندگيءَ جي شروعات ڪئي. جڏھن ته اڳي ساڳئي قبيلي ۾ (سواءِ چند ماڻھن جي) گھڻن ماڻھن جو گڏجي رھڻ ممڪن نه ھوندو ھو. ھاڻي کاڌي حاصل ڪرڻ جي نئين طريقي جو مطلب اھو ٿيو ته سڀني ماڻھن تائين غذا جي رسائي آسانيءَ سان ٿي سگھي. زندگيءَ جي ھن نئين طرز ڪيترائي نوان مسئلا پيدا ڪيا. ھڪ ننڍڙي قبيلي ۾ پيدا ٿيل ڪنھن به مسئلي جو حل عام فھم(Common Sense) سان حل ڪيو ويندو ھو، پر جڏھن قبيلو ڪثير بڻجي وڃي ٿو، تڏھن ڪنھن به طرز جي حڪومت ضرورت بڻي وڃي ٿي، ته جيئن قبيلي جي اندر مختلف گروھن جي وچ ۾ اٿندڙ ڏکين مسئلن جھڙوڪ: زمين جي مالڪي، جانورن ۽ پيداوار جي وسيلن وغيره کي حل ڪري سگھجي. ھزارن سالن کان اھڙا مسئلا گھڻو ڪري اڻ نبريل ئي رھيا. بيشڪ، اھو ويجھي ماضيءَ ۾ ٿيو آھي، جو مسئلن جا تسلي بخش حل، ڌنڌلن خاڪن جي صورت ۾ بصيرت ماڻي چڪا آھن.
اسان انھن چئن اوائلي معاشرن ۽ سماجن بابت تمام گھٽ ڄاڻون ٿا. اھي چار ئي سماج – ھڪ چين ۾، ٻيو فرات، ٽيون مصر ۽ چوٿون سنڌ جي وادين ۾ اسريا. علم ناگريز طور جزوي ھوندو آھي، جو ان جو دارومدار نه صرف امڪان تي ھوندو آھي ته ڪجھ محفوظ ٿيل شيون جھڙوڪ: مجسما ۽ مقبرا بچي چڪا ھجن، پر اھو ان اتفاق تي به دارومدار رکي ٿو ته محفوظ ڪيل شين بابت اسان جي تشريح ھلندڙ وقت ۾ درست ٿيڻ گھرجي، پر اسان کي انهن بابت خاطرخواهه علم ھوندي، اعتماد ضرور آھي ته سوين سالن ۾ تھذيب جو درجو حاصل ڪيو ويو، جنھن ۾ زندگيءَ معتدل آسائش جو معراج ماڻيو. اھڙو علم-جڏھن اسان لاءِ ھڪ مستحڪم بين الاقوامي صنعتي سماج جوڙڻ مسئلو ھجي- شايد ھلندڙ وقت ۾ اسان جي لاءِ ڪجھ خاص آھي. شڪاري قبيلي جي جڙاوت ۾ سوين ھزارين سال لڳي ويا، پر زرعي طبقي جي قائم ٿيڻ ۾ صرف پنج ھزار سال لڳا. ان سان اھو ممڪن ٿيو ته شھرن جي ترقي ٿي، ڀر وارن علائقن جي پيداوار تي ماھر مزدورن جي طبقي جو گذران ٿيڻ لڳو. انھن اوائلي شھرن کي نظر ۾ رکي ڏسنداسين ته وڌيڪ پنج ھزار سال ٻيا به گذري چڪا آھن ۽ گذريل سؤ سالن جي اندر اھو واضح ٿي چڪو آھي ته انسان ذات ترقيءَ جي ھڪ ٻئي اوسٿا ۾ داخل ٿي رھيو آھي، يعني سائنسي علم جي بنياد تي ھڪ صنعتي تھذيب جي تخليق. خواہ ھي ڪامياب ٿيندو يا نه، اھو وقت کان اڳ آھي. ٻن عالمي جنگين مان ته اھو پتو پوي ٿو ته سڄي عالم ۾ صنعتي تھذيب پائيدار صورت حاصل ڪري وٺي، سو ڏکيو لڳي ٿو- پر ڪيترائي اھڃاڻ به آھن، خاص طور تي گذريل ويھن سالن جي اندر روس ۾ آيل تبديلين، جيڪي ھڪ وڏي اميد جو بنياد فراھم ڪن ٿيون (اھا ڳالھ فاضل ليکڪ تقريبن ٻين عالمي جنگ جي خاتمي جي ٻن سالن کانپوءِ ڪري ٿو.)
انسان جو اوائلي سڌارو- وحشي پڻي جي تشخيص کان مصر ۽ عراق جي شھري تھذيبن تائين- تمام ٿورڙين، پر اھم حاصلاتن يعني ٻوليءَ جي استعمال، باھه جي استعمال، تير ۽ ڪمان جي استعمال ۽ شايد سڀني کان اھم زراعت ۽ کيتيءَ جي عمل جو نتيجو ھو. انھن اوائلي شھري تھذيبن کان اڄ تائين ماڻھوءَ جي ترقي بابت اوھان جو ڇا خيال آھي؟ انھن بنيادي حاصلاتن جي ڀيٽ ۾ ڇا ھن اھڙو ڪجھ ڪيو آھي؟ جيتوڻيڪ اسان کي ايتري خبر آھي ته ھيستائين ڇا ڇا ٿيو آھي. ھاڻ، اسان جو تاريخي علم ٽي ھزار سال پوئتي وڃي ٿو. اھو ياد ڪرڻ شايد مفيد آھي، جو ڌرتيءَ جي تاريخ جو تمام ننڍڙو جزو علم سان ڍڪيل آھي. مون کان ڪير پڇي ته انسان جي پوين سڀني حاصلاتن مان سڀ کان وڌيڪ شاندار ڪھڙي آھي ته آئون چوندس ته انسان ھڪ اھڙي شيءِ کي تڪميل تائين پھچايو آھي، جنھن جو ڪو به نعم البدل ڪونھي- اھو آھي سائنسي علم. ڪنھن به دائري جھڙوڪ آرٽ يا اخلاقيات ۾ تاريخ جي اڀار کان جيڪا به ترقي ٿي آھي، مون کي اھا شڪي لڳي ٿي، پر ائين آھي يا نه، منھنجي خيال ۾ ان کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته مصر جي تھذيب ۽ اڄ تائين انساني زندگيءَ ۾ جيتريون به تبديليون رونما ٿيون آھن، اھي ٻئي ڪنھن شيءِ کان وڌيڪ سائنسي تصورن ۽ خيالن جي واڌ ويجھ، انھن جي ڦھلاءُ ۽ روشن خياليءَ جي ئي سبب ٿيون آھن.
***