يادگار اعزاز
ڪجھ ڏينهن اڳ يعني اڱاري 20.06.2023 تي فيس بوڪ جي دنيا جو ديدار پئي ڪيم ته جيئن ڪي نوان نظارا پسي سگهان ۽ دلبر دوستن جون اپلوڊ ۽ شيئر ٿيل نثري ۽ نظمي تحريرون پڙهي ڪري ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهان يا ڪٿي ڪير ڄائو، ڪٿي ڪير مئو، ڪنهن جي ڪا سالگرهه، ڪنهن جي ڪا ورسي، ڪو ڪوڙو پوليس مقابلو، پوليس جو هٿيارن سوڌو اغوا ٿيڻ، لاشن ۽ بيمارن کان ڌاڙيلن جي ڦر، ڪنهن نياڻي جو بيگناهه قتل، پريمي جوڙن جو ڪورٽ ۾ نڪاح ۽ ڪورٽ ۾ طلاق نامون، سنڌ جي جبلن ۽ سونهن جو قتل، ڌارين جي هٿان پوليس جي ملي ڀڳت سان ان ليز ٿيل قديم سنڌي وسندين تي حملو، پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڪو احتجاج، ڪو ڌرڻو، ڪا ريلي، معصومن سان جنسي زيادتي، روڊ حادثا، مهانگائي خلاف مسلسل صبر، فائرنگ، ڌڪ، رت ۽ قتل وغيره بابت ڪا تازي بريڪنگ نيوز به ٻڌي سگهان ته ايئن ئي هڪ خبر دعوت نامي سان گڏ اکين آڏو آئي جنهن ۾ لکيل هو ته:
”دوست ضرور اچن، منھنجي ڪتاب جي مھورت رکڻ تي مان شاهه ڀٽائي چيئر جو ٿورائتو“
اها پوسٽ محترم سائين ذوالفقار هاليپوٽو طرفان شيئر ٿيل هئي، جنهن سان گڏ دعوت نامي وارو ڪارڊ به هو، جيڪو هن طرح هو ته:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران
سنڌ جي برک ڏاهي، لطيف جي پارکو، محقق، تاريخدان ۽ جهونن آثارن جي ماهر گُل حسن ڪلمتي جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي عظيم پورهئي جي مڃتا لاءِ هڪ ادبي ريفرنس اڱارو 27 جون 2023ع تي شام جو ساڍي پنجين وڳي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي، آڊيوٽوريم نمبر.2، ۾ رکيو ويو آهي.
اوهان کي دل جي گهرائين سان شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.
پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڊائريڪٽر شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر
سهڪار: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي
نوٽ: ان موقعي تي ذوالفقار هاليپوٽي ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي گُل حسن ڪلمتيءَ تي لکيل مضمونن ۽ تاثرن جي ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيندو.
(آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي سان گڏ جيڪڏهن سنڌ به لکيو وڃي ها ته هوند اهو دعوت نامي وارو ڪارڊ ويتر ئي سهڻو لڳي ها، پر خبر ناهي ته سنڌ کي ڄاڻي واڻي نه لکيو ويو يا وري ڪارڊ ٺاهيندڙ کي ڪا ويسر هئي، خير اميد ته دوست اڳتي اهو خيال ضرور رکندا)
جنهن بعد مون مٿي پڙهي آيل پوسٽ تي هيٺ ڏنل پوسٽ کي ڪاپي ڪري رکيو جيڪا مون فيس بوڪ پروفائيل (جمعو 09.06.2023) تي پوسٽ جي صورت ۾ اپلوڊ ڪئي هئي، ته جيئن سائين گل حسن ڪلمتي جي ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي خدمتن جي عيوض مڃتا طور تي ڀيٽا خاطر ننڍڙو نذرانو پيش ڪري، سندس ڪردار امرتا بخشي ۽ زنده رکي سگهجي.
اچو ته جدوجهد ڪريون
مهر فقير
اچو ته گڏجي ڪري، هڪ بلند آواز سان جدجهد ڪريون ته ڪراچي کي سنڌ جي مارئي جو خطاب ڏيندڙ ۽ ڪراچي جي تاريخ کي قلم وسيلي محفوظ ڪندڙ تاريخدان، محقق ۽ لطيف جي عاشق ۽ پارکو انسان مرحوم سائين گل حسن ڪلمتي جي ڪيل خدمتن جي عيوض ڀيٽا ڏيڻ واسطي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو هڪ هال، سپر هاءِ وي کان گڏاپ ويندڙ روڊ ۽ گڏاپ پريس ڪلب کي سندس جي نالي سان سرڪاري سطح تي منسوب ڪيو وڃي، سو اچو ته اهڙو مطالبو سنڌ سرڪار جي ڪنن تائين پهچايون.
جنهن جي موٽ يا انگريزي لفظ رپلاءِ ۾ سائين ذوالفقار هاليپوٽي صاحب لکيو ته ”اوھان جو زبردست مضمون منھنجي ڪتاب ۾ شامل آھي ادا اوھان ايندا ته ڪتاب اوھان حوالي ڪبو.
مٿين ڪمينٽ جي جواب ۾ مون لکيو ته:
”مهرباني سر، پر ڪهڙو؟
پر مون وٽ ته ڪتاب خريد ڪرڻ جيترا پيسا به ناهن“
(سائين گل جي وفات بعد مون هيٺيان مضمون لکيا هئا.
(هي مضمون تڏهن لکيو هئم جڏهن سائين گل حسن بيمار ۽ اسپتال ۾ زير علاج هو. ”گل حسن ڪلمتي سنڌ جو سرمايو“-مهر فقير جمعو 20.01.2023)
01 تاريخ مري وئي-مهر فقير-اربع 17.05.2023
02 سنڌ جا تاريخي ۽ قديمي ماڳ يتيم ٿي ويا-مهر فقير-خميس 18.05.2023
03 گل حسن ڪلمتي جو تحقيقي ڪم نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ضرورت-مهر فقير-ڇنڇر 20.05.2023
گڏوگڏ انهيءَ وقت وري هي هيٺيون ڪمينٽ به لکيم ته:
”سر پوليس جي نوڪري آهي. موڪل ڏاڍي ڏکي ٿي ملي وري به انشاءَ اللھ ڪوشش ڪبي“
۽ ايئن تاريخ 27.06.2023 اڱاري تي شام جو چڪرا ڳوٺ منجهان بائيڪ تي وڃي آرٽس ڪائونسل ڪراچي سنڌ پهتس جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽي پاران سنڌ جي مهان مورخ، دانشور ۽ قديم آثارن جي ماھر مرحوم سائين گل حسن ڪلمتي جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ھڪ ادبي گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ھن عظيم فرزند ۽ عوام دوست مورخ جي تحقيقي پورھئي تي روشني وڌي وئي.
خطاب ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، نورالهديٰ شاهه، ذوالفقار ھاليپوٽو، پروفيسر سليم ميمڻ، سيد خدا ڏنو شاهه، رحمان گل پالاري، ڪليم لاشاري، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻيا شامل ھئا.
پروگرام جي ميزباني سائين ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪئي، جڏھن ته مرحوم گل حسن ڪلمتي بابت پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ذوالفقار ھاليپوٽي جي سهيڙيل ڪتابن جي مهورت پڻ ڪئي وئي.
پروگرام ۾ سائين گل حسن ڪلمتي جي نياڻي ماهين بلوچ تقرير دوران پنهنجي بابا کي ساريندي لڙڪ نه روڪي سگهي، جنهن ڪري ماحول سوڳوار ٿي ويو، سچ ته گل ڪلمتي ڪنهن کان به نه وسري سگهندو ۽ هن جي پيار ۽ پورهئي جي خوشبوءِ سدائين سنڌ ۽ سنڌين کي واسيندي رهندي، پر افسوس جو هن هيڏي هستيءَ جي نياڻيءَ کي گهرائي اسٽيج تي به نه ويهاريو ويو، جيڪو هڪ نامناسب عمل آهي. هن چاليهي جي تقريب ۾ پروفيسر مشتاق مهر، محمد يونس مهر، جاويد مهر (جاويد مهر کي سنڌ پبلڪ لائبريري لاءِ گڏيل شاعريءَ جا ڪجھ ڪتاب به ڏنم) ۽ پيار محمد کان علاوه ڪراچي جي مختلف ڳوٺن کان ادبي دوست ۽ ڪافي فيمليز پڻ موجود هيون.
هن پروگرام ۾ ڪنهن به اهو مطالبو نه ڪيو ۽ نه وري ڪا قرارداد پاس ڪئي ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي سنڌ جي هڪ هال جو نالو گل حسن ڪلمتي رکيو وڃي.
هن پروگرام ۾ سڀني بهترين ۽ ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون، پر شل انهن تي ڪو عمل ڪري، خاص ڳالھ اها ته ڪراچي کي پنهنجو ڪريو. صدين کان هتي آباد سنڌين ۽ بلوچن سان ملي ڪري اندرون سنڌ وارو لفظ ختم ڪري ڪراچي جون واڳون سنڀاليو ته جيئن ايندڙ نسل کي تحفظ ملي سگهي ۽ ڪلمتي جي رهيل ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ ڪلمتي جو ٿيل ڪم سنڌي قوم لاءِ هڪ دستاويز آهي، ان کي محفوظ ڪريو، جيڪو اڳتي اوهان کي ڪم ايندو.
سائين ذوالفقار هاليپوٽي جي مرتب ڪيل ڪتاب سسئيءَ جي واٽ جو مسافر گُل حسن ڪلمتي (فن، شخصيت، ڪردار) ۾ منهنجو مضمون جيڪو فيس بوڪ تان کنيو ويو آهي،
”گل حسن ڪلمتي جو تحقيقي ڪم-مهر فقير“ صفحو 105 تي شامل آهي. جيڪو منهنجي لاءِ سچ ته وڏو اعزاز آهي، اڄ به بي انتها خوش آهيان.
اهو مضمون مون هنن اخبارن ۾ شايع ڪرايو هو
روزاني ايڪتا ڪراچي سنڌ-ڇنڇر 20.05.2023
روزاني هلال پاڪستان ڪراچي سنڌ-سومر 22.05.2023
روزاني سهڻي سنڌ لاڙڪاڻو سنڌ-سومر 22.05.2023
روزاني پاڪ وطن لاڙڪاڻو سنڌ-سومر 22.05.2023
گل حسن ڪلمتي جو تحقيقي ڪم نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ضرورت-مهر فقير
ان وقت منهنجي کيسي ۾ ايترا پيسا ڪين هئا جو اهو ڪتاب خريد سگهان ڇو ته منهنجي پگهار منجهان 20,000 هزار ڪاٽيا ويا هئا، ايئن پروگرام ختم ٿيڻ بعد گهر طرف روانو ٿيس، عيدالاضحي جي مناسبت سان ڪالا پل، قيوم آباد ۽ ناصر جمپ تي مختلف جانورن جي خريد و فروخت جاري هئي، جنهن ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي هئي، ڇو ته اسان وٽ اڪثر ڪاروبار فوٽ پاٿ ۽ روڊ تي ئي ٿيندو آهي، خبر ناهي اسان وٽ قانون ڪڏهن پيدا ٿيندو.