خاص

سگريٽ جا عادي نوجوان پنهنجن ٻارن ۾ نقصان ڏيندڙ جينيٽڪ بيماريون منتقل ڪري سگهن ٿا

سگريٽ پيئڻ وارا نه صرف پنهنجو پاڻ کي، پر پنهنجي مستقبل ۾ ٿيڻ وارن ٻارن کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا. ميڊيا رپورٽن مطابق نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي نوجوان پنهنجي ابتدائي جواني ۾ سگريٽ پيئن ٿا، اهي مستقبل ۾ ٿيندڙ پنهنجن ٻارن کي اهي جينيٽڪ بيماريون منتقل ڪري سگهن ٿا جيڪي کين نقصان ڏئي سگهن ٿيون. مٿين تحقيق ۾ 7 کان 50 سال جي عمر جي 875 ماڻهن جي جينيٽڪ پروفائلن ۽ انهن جي والدين جي سگريٽ نوشي واري رويي جي جانچ ڪئي وئي، جن ماڻهن جي والد ابتدائي جوانيءَ ۾ سگريٽ نوشي شروع ڪئي، انهن جي ٻارن ۾ دم، ٿولهه ۽ ڦڦڙن سان منسلڪ ڪيتريون ئي ٻيون جينيٽڪ علامتون سامهون آيون. يونيورسٽي آف سائوٿمپٽن ۽ ناروي جي يونيورسٽي آف برجن جي محققن مطابق اهو پهريون انساني مطالعو آهي جنهن ۾ پيءَ جي ابتدائي عمر ۾ ڪيل سگريٽ نوشي جا اثر ان جي ٻارن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا.