نئون

سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جو اعلان

سعودي عرب جي خزاني واري وزير شهزادي خالد بن عبدالعزيز پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب جو شهزادو خالد بن عبدالعزيز وفد سميت گوادر پهتو جتي پيٽروليم واري وزير غلام سرور ۽ پاڻي جي معاملن واري وزير علي زيدي سندس استقبال ڪيو. سعودي وفد کي چائنا بزنس ڪامپليڪس ۾ بريفنگ ڏني وئي جتي گوادر پورٽ اٿارٽي جي ترقياتي ڪمن واري حوالي سان رپورٽ به پيش ڪئي. هن موقعي تي شهزادي ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ڪندو. جنهن بعد پاڪستان، سعودي ۽ چين جو ڪاروباري ڳانڍاپو هڪ مثال ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي جي امن لاءِ وڏي اهميت رکندڙ ملڪ آهن. وفاقي وزير پيٽروليم چيو ته سعودي عرب جي شامل ٿيڻ سان سي پيڪ جي منصوبي جي اهميت وڌي ويندي. هن اهو به چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن اسان سعودي عرب کي زراعت ۾ سيڙپ ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ميٽنگ بعد وفاقي وزير ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سعودي عرب گوادر ۾ آئل سٽي جي قيام لاءِ ايندڙ مهيني معاهدن تي صحيحون ڪندو.