ڪراچيءَ ۾ 19 آگسٽ 2025 تي تيز بارش سبب ڪراچي شهر پنهنجي شهري زندگيءَ جو حُسن وڃائي ويٺو ۽ ان جا سڀ روڊ ۽ رستا درياءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. شهر جي ڪيترن ئي روڊن تي ماڻهو ڪلاڪن تائين پنهنجين گاڏين ۾ ڦاٿل هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين رستو ڳولهيندا رهيا، پر انهن کي گهر پهچڻ لاءِ ڪا واهه نه ملي.
اسڪولن مان ايندڙ ٻارن جون گاڏيون رستن تي ڦاٿل رهيون ۽ والدين سندن پهچڻ جو انتظار ڪندا رهيا، پر ڏهن ٻارنهن ڪلاڪن کانپوءِ به ٻار گهر نه پهتا. ٽيليفون نيٽورڪ جي ڪم نه ڪرڻ جي ڪري ماڻهن جو هڪٻئي سان رابطو معطل ٿي ويو ۽ ڪراچي هڪ جهنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳو.
ڪورنگي ايسوسئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي صدر جنيد نقي مطابق ڪورنگي جي چئن هزار صنعتن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو ڪم ڪرڻ وارا مزدور پنهنجي ڊيوٽي تي نه پهچي سگهيا. ڪراچيءَ ۾ صنعتي پيداوار جي صلاحيت 50 سيڪڙو گهٽ رهي. شام جو جيڪي ماڻهو گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا انهن کي پنهنجي گهر پهچڻ ۾ صبح ٿي ويو. سبزي منڊيءَ جي صدر مطابق سپر هاءِ وي تي نئين سبزي منڊي ۾ گراهڪن جي آمدرفت نه هجڻ جي برابر رهي ۽ اتي پهچندڙ ڀاڄين ۽ فروٽ جي سپلاءِ ۾ به تاخير ٿي وئي.
ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن جي ڪري غريب ۽ مسڪين مڊل ڪلاس جي ماڻهن جا گهر ۽ سندن روزاني ضرورت جو سامان پاڻيءَ ۾ ٻڏي تباهه ۽ برباد ٿي ويو. هي اسان جو اهو شهر آهي جنهن کي اسان پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي مرڪز سڏيون ٿا ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي. هن ترقي يافته ٽيڪنالاجي جي زماني ۾ جڏهن توهان کي ايندڙ برساتن جي باري ۾ پنج ڇهه مهينا اڳ خبر پئجي سگهي ٿي ۽ مون سون هر سال ٿئي ٿو، ان جي شدت جو احساس اسان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري اڳ ۾ ئي آهي، پر اسان جي سنڌ حڪومت ۽ ان جي هيٺ هلندڙ بلدياتي ادارا الائي ڪٿي گم رهيا ۽ انهن کي مليل فنڊ خبر ناهي ته ڪٿي استعمال ٿيا؟ جو انهن ڪراچيءَ ۾ مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال جا رستا آجا نه ڪيا، روڊن ۽ رستن تي جيڪي قبضا هئا انهن کي خالي نه ڪرايو ويو، جن نالن جي مرمت ٿيڻي هئي اها نه ڪئي وئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪراچي 19 تاريخ تي ٻڏي ويو.
شايد اهو هر سال ايئن ئي ٻڏندو رهندو. ڇو ته سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي ڏيکاري چڪي آهي. سنڌ حڪومت جا ادارا هن شهر جي بنا پلاننگ واڌ کي اڄ ڏينهن تائين نه روڪي سگهيا آهن. برساتن کان اڳ شهر جي پاڻي جي نيڪال واري نظام کي اڄ ڏينهن تائين سنڌ حڪومت مثالي نه بڻائي سگهي آهي ۽ ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ مناسب ۽ بين الاقوامي معيار جي انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۾ سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي.
پاڻيءَ جا پنهنجا گس هوندا آهن. انگريزن جي زماني ۾ هي شهر ڪڏهن به نه ٻڏو. ڇو ته پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ منظم ۽ قدرتي نظام قائم هو، جنهن ۾ شهر جي مختلف حصن مان برسات جو پاڻي قدرتي نالن ۽ دريائن جي ذريعي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو، جن ۾ لياري ندي جيڪا سڀ کان اهم ۽ وڏي ندي آهي جيڪا اولهه طرف وهندي آهي. هيءَ ندي برساتن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، اها ڏکڻ طرف کان سمنڊ ۾ ملندي هئي، پر اڄ ان جو ڪافي حصو غير قانوني اڏاوتن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن جي ڪري تنگ ٿي ويو آهي.
ملير ندي ڪراچيءَ جي اوڀر واري پاسي اهم ندي آهي، جيڪا برساتن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ان جو به وڏو حصو قبضن هيٺ آهي. ان کان علاوه سائيٽ ايريا، لانڍي ۽ نارٿ ڪراچي جي علائقن مان پاڻيءَ جو نيڪال وڏن وڏن نالن ذريعي ٿيندو هو. انگريزن جي دور ۾ انهن نالن جي وهڪري کي ڪنهن به طرح متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويو، پر ايم ڪيو ايم جي دور ۾ انهن نالن مٿان غير قانوني قبضا ڪيا ويا، ڪچرو اڇلايو ويو ۽ انهن مٿان پلاٽنگ ڪري اڏاوتون ڪيون ويون، جنهن جو نتيجو اڄ اهو آهي جو برسات جو پاڻي شهر کي ٻوڙي رهيو آهي ۽ ٻوڙيندو رهندو.
صدر ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جهڙا اهم ڪاروباري مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. شاهراهه فيصل ۽ ايم اي جناح روڊ جيڪي ڪراچي جا اهم رستا آهن انهن تي گاڏيون ٻڏل رهيون. نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، گلشن اقبال، جي انڊر پاسن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ٽريفڪ معطل رهي. ملير ۽ لانڍي جهڙا علائقا جيڪي شهر جا هيٺانهان علائقا شمار ٿين ٿا انهن علائقن ۾ ماڻهن جي گهرن اندر پاڻي داخل ٿي ويو. گلشن حديد جيڪو ڪراچيءَ جي بن قاسم ٽائون ۾ واقع آهي.
پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي لاءِ هڪ رهائشي علائقي طور ٺاهيو ويو، پر ان جو انفرااسٽرڪچر اڄ ڏينهن تائين بحران جو شڪار آهي. هن علائقي جا روڊ رستا ۽ ٻيو بنيادي ڍانچو زبون حال آهي. پنهنجي خراب ڍانچي سبب هن علائقي ۾ به ماڻهو بدحالي جو شڪار رهيا. سنڌ حڪومت کي پنهنجي نااهلي تي شرمندگي جو اظهار ڪندي پنهنجي ميئر کي ته گهٽ ۾ گهٽ تبديل ڪرڻ گهرجي.
ڪرڻ جي لاءِ ته سنڌ حڪومت وٽ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت صرف هڪ بنيادي ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ چاهي ته ان سان ايندڙ سالن ۾ ان صورتحال کان بچي سگهجي ٿو، اهو اهو آهي ته ڪراچيءَ جا قدرتي پاڻيءَ جا گس ۽ نالا مڪمل طور تي پراڻي صورت مطابق کوليا وڃن، انهن تان قبضا هٽايا وڃن، انهن کي قدرتي حالت ۾ جيڪي انگريزن جي دور ۾ پنهنجي قدرتي حالت ۾ بحال هئا ساڳي طرح سان بحال ڪيو وڃي ته ڪراچيءَ کي اربن فلڊنگ کان بچائي سگهجي ٿو.