بلاگخاصنئون

سنڌ ۾ زنده دفن ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي؟

خبر آهي ته نوشهروفيروز لڳ ٺارو شاهه جي پاسي ۾ هڪ ظالم، پاڳل، جاهل پيءُ پنهنجي تازي ڄاول نياڻي جنهن جي عمر صرف 15 ڏينهن هئي ان کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري قبرستان ۾ کڏ کوٽي جيئرو دفن ڪري ڇڏيو. سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته ان ظالم شخص جيڪو پيءُ چورائڻ جي قابل نه آهي، کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن ٻارڙيءَ ۾ خون جي ڪمي واري بيماري ٿيليسيميا جي هجڻ جو انديشو آهي، ان ڪري هن ٻارڙيءَ کي علاج جي لاءِ حيدرآباد کڻي وڃو.
بجاءِ علاج ڪرائڻ جي ان ظالم درندي پنهنجي معصوم نياڻي کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ آرام سان اچي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهيو. نه ان جي مائٽن دانهن ڪئي نه ئي ٻارڙيءَ جي ماءُ کي ڪهڪاءُ پيو جو اها دانهون ڪري ها ته جيئن ان ٻارڙيءَ کان جيئڻ جو حق نه کسيو وڃي ها. بس پوءِ ڪنهن رحمدل پاڙي پاڙي واري وڃي حد جي پوليس کي ٻڌايو جنهن ان شخص کي گرفتار ڪيو، سندس نشاندهي تي ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو ۽ پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال موڪليو ويو. ان ظالم شخص تي ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي. سوال اهو آهي ته انهيءَ ايف آءِ آر ۾ صرف ان شخص جو نالو هجڻ گهرجي؟ ان ماءُ جو نالو نه هجي؟ جنهن ان ٻارڙي کي 9 مهينا پيٽ اندر سانڍيو، پر پوءِ پنهنجي وحشي مڙس کي روڪي نه سگهي ته هو ان ٻارڙي کي جيئرو دفن نه ڪري. ڇا ايف آءِ آر ان ماڻهوءَ جي سڀني گهر ڀاتين تي داخل نه ٿئي، جن نه هن پاڳل کي روڪيو نه ئي ڪا دانهن ڪوڪ کڻي قانون تائين پهتا، انهن مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي. ڇا اهي ان ڏوهه جا برابر شريڪ نه آهن؟ ايف آءِ آر ان سماج تي ڇو نه ڪٽي وڃي جنهن سماج ۾ نياڻي ۽ پٽ کي الڳ الڳ طور سمجهيو ويندو آهي ۽ ورتاءُ پڻ الڳ الڳ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙي بيماريءَ جي وڪڙ ۾ ان وحشي درندي جو پٽ آيو هجي ها ته ڇا هو ان پٽ کي به ايئن ئي ماري ها؟ ڇا ايف آءِ آر قانون تي نه ڪٽجي جيڪو اهڙو وحشي درندن ۽ ذهني طور اپاهج بڻيل پاڳل ماڻهن کي پاڳل خانن ۾ رکڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ انهن کي سماج اندر اهڙن ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ڇو ته اهڙن ماڻهن کي قانون جو خوف نه هوندو آهي. هينئر به ائين ئي ٿيندو ڪجهه وقت کانپوءِ هن ماڻهو کي آزاد ڇڏيو ويندو. ڇا ايف آءِ آر وقت جي حڪمرانن تي نه ڪٽي وڃي جن وٽ وسيلن هئڻ جي باوجود آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو موثر منصوبو نه آهي. جنهن تيزيءَ سان اسان جي آبادي وڌي رهي آهي، خاص طور تي صوبي سنڌ جي انهيءَ طبقي جي جيڪو غربت کان هيٺ واري لڪير ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. مطلب ان کي پيٽ ڀري کائڻ جي لاءِ ٻه ويلا ماني نٿي ملي. ان تيزي سان وڌندڙ آباديءَ کي ڪيئن قابوءَ ۾ آڻجي. سنڌ حڪومت وٽ بهبود آبادي کاتي هجڻ باوجود اسان کي اهو ڪٿي به نظر نٿو اچي. هاڻي جنهن طبقي وٽ وسيلا نه هوندا، تعليم نه هوندي، تربيت نه هوندي ۽ جهالت هوندي، مدي خارج عقيده هوندا، اتي ٻار ڄڻڻ جو رجحان وڌيڪ هوندو ته اهي والدين نفسياتي مريض هوندا ۽ اهڙن نفسياتي مريضن مان اهڙن عملن جي توقع رکي سگهجي ٿي، جهڙو عمل مٿي ذڪر ڪيل شخص پنهنجي نياڻي سان ڪيو آهي. هن وقت سنڌ صوبي جي لوڪل گورنمينٽ وٽ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪائونسلر جي روپ ۾ پنهنجا نمائندا موجود آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته پورو انتظامي ڍانچو موجود آهي. هاڻي خبر پئي آهي ته انهن يونين ڪائونسل جي بجيٽ پڻ جهجهي انداز ۾ وڌائي وئي آهي، انهن ڪائونسلرن ۾ مخصوص سيٽون عورتن جون پڻ موجود آهن. سرڪار گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ماڻهن جي ذهن سازي لاءِ استعمال ڪري، اهي عورتون، اهو ڪائونسلر، ٻهراڙين جا استاد مرد توڙي عورتون، مقرر ٿيل ڊاڪٽر انهن تي اها ذميداري رکي وڃي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏين ته آبادي وڌائڻ سان انهن جو ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي، سندن صحت ته خطري ۾ ايندي پر پيدا ٿيندڙ ٻار جي لاءِ وسيلا موجود نه آهن. بجاءِ هو سماج جو هڪ بهتر انسان ٿيڻ جي حڪمران طبقي جو غلام پيدا ٿيندو ۽ انهن جي خدمت ۾ زندگي بسر ڪندو. ان کي ٻن وقتن جي ماني به ملندي الائي نه.
انهيءَ پاسي اسان سڀني کي خاص طور تي سنڌ حڪومت کي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ محدود خاندان جي لاءِ آگاهي مهم هلائڻي پوندي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ بيروزگار ۽ جاهل والدين پنهنجن ٻارن کي ڪڏهن بک کان تنگ ٿي ته ڪڏهن نياڻين جي وڌيڪ انگ پيدا ٿيڻ جي ڪري ته وري ڪڏهن ڪنهن ٻار جي بيمار پيدا ٿيڻ سبب انهن کي زنده دفن ڪندا رهندا، جيڪو رواج 14 سئو سال اڳ هڪ جاهل سماج ۾ عام هو.