نئون

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي 55 فلسطيني شهيد، 2400 زخمي

غزه ۾ احتجاج ڪندڙ فلسطينين تي اسرائيلي فوج جو تشدد ۽ وحشياڻي فائرنگ ۾ 55 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 2400 زخمي ٿي پيا. خبرن موجب اسرائيلي سرحدي علائقي غزه ۾ آمريڪا پاران پنهنجي سفارتخاني کي يروشلم (بيت المقدس) ۾ منتقل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙن تي اسرائيلي فوج پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 55 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 2400 زخمي ٿي پيا. سومر جي ڏهاڙي ان عمل خلاف احتجاج شروع ٿيو جنهن ۾ 10000 فلسطينين شرڪت ڪئي ۽ غزه جي علائقي تي پهتا. واضح رهي ته هي احتجاج مختلف وقتن تي ڪيو پيو وڃي، جنهن جي شروعات 30 مارچ تي ٿي هئي ۽ اسرائيلي فوج ان احتجاج ۾ هن وقت تائين 80 کان وڌيڪ فلسطينين کي ماري چڪي آهي. جڏهن ته 9400 زخمي ٿي ويا آهن. واضح رهي ته يروشلم ۾ آمريڪي سفارتخاني جو احتجاج اسرائيل جي 70 هين سالگره جي موقعي تي ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي صدر به اسرائيل پهتو آهي. ٻئي طرف فلسطيني هن ڏينهن کي نڪبا جي نالي سان سڏيندا آهن، جڏهن 1948ع ۾ اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 7 لک فلسطينين کي فلسطين مان نيڪالي ڏني وئي هئي.