ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ متنازع بيان ڏئي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي عوام کي بيچين ڪري ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. سندس بيان موجب سنڌ ثقافتي طور هميشه ڀارت جو حصو رهيو آهي ۽ سرحد تبديل ٿي سگهي ٿي، “ڪير ڄاڻي سڀاڻي سنڌ وري ڀارت ۾ شامل ٿي وڃي.” ان قسم جا بيان لڳي ٿو ته ڀارت کي ان واقعي جي ڪاوڙ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي ايئرفورس ڀارت جا 7 جهاز ڪيرائي ڀارت کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪيو آهي ته ڀارت جي ايئرفورس هن وقت هڪ ڪمزور ترين فورس آهي. رياستن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اهو ممڪن ناهي ته ڀارت پنهنجي سرحدن کي سنڌ جي سرحدن سان ملائي ڇڏي. اهو هڪ غير عملي ۽ ڀارت لاءِ تباهي آڻيندڙ خيال آهي. هن وقت سنڌ جي سرحد ڪنهن به اهڙي علائقي سان ڳنڍيل ناهي جيڪو ڀارت جي قبضي ۾ هجي يا جنهن ۾ ڀارتي فوج جو پهچڻ تمام سولو هجي. سنڌ ۽ ڀارت جي وچ ۾ رڻ ڪڇ جو ريگستاني علائقو موجود آهي.
راج ناٿ سنگهه کي شايد ان ڳالهه جو احساس ڪونهي ته صوبي سنڌ جو عوام چاهي ان جو ڪهڙي به مذهب سان تعلق هجي اهو پاڪستان جو گهڻ گهرو آهي ۽ پاڪستان ۾ رهي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. پاڪستان کي ٽوڙي ڀارت سان گڏجڻ جي نه ڪڏهن خواهش رکي ٿو ۽ نه ئي ان جي لاءِ ڪڏهن تيار ٿيندو. راج ناٿ سنگهه جو بيان هڪ سياسي بيان کان وڌيڪ نفسياتي دٻاءُ وارو بيان آهي، جيڪو حقيقي فوجي يا سياسي حڪمت عملي جو حصو ناهي، ڇو ته ان جا نتيجا ڀارت لاءِ تمام خوفناڪ ٿي سگهن ٿا. 22 اپريل 2025ع تي پهلگام واقعي ڀارت جي ڪمزورين کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ فضائي جهڙپ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ڀارت جا جهاز ڪيرائي ڀارت کي نقصان پهچايو. هن وقت سڄي دنيا ۾ ڀارت جي ايئرفورس جي خراب ڪارڪردگي مختلف صورتن ۾ اڳيان اچي رهي آهي. تازو دبئي ۾ هڪ ايئر شو ۾ ڀارت جو تيجس جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.
ان افسوسناڪ واقعي ۾ ان جو پائليٽ به پنهنجي جان وڃائي ويٺو. هن وقت ايئرفورس جي اندر اڏام ڪندڙ جهازن کي فلائنگ ڪافن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، يعني اڏامندڙ قبرون. ايئرفورس جي جوانن جي تربيت بين الاقوامي معيارن مطابق نه ٿي رهي آهي ۽ اهي جڏهن فلاءِ ڪن ٿا ته انهن کي ڪيترائي وسوسا گهيري وڃن ٿا، جنهن جي ڪري هڪ سال ۾ ايئرفورس جا ڪيترائي حادثا ٿين ٿا. پاڪستان هن وقت پنهنجي جيو اسٽريٽيجڪ پوزيشن جي ڪري جيو پوليٽيڪل گيم ۾ سڌي طرح لاڳاپيل (ريليونٽ) بڻجي ويو آهي. ان نقطي ڀارت کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن وقت پاڪستان آمريڪا، چين ۽ روس سان به پنهنجا لاڳاپا بهتر بنائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. اها ئي صورتحال ڀارت کي پريشان ڪري رهي آهي. ڇو ته ڀارت جي سڀ کان وڏي سيڪيورٽي ڳڻتي چين آهي ۽ چين پاڪستان جو مضبوط دوست ۽ دفاعي معاون آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀارت جي دفاعي وزير راج ناٿ سنگهه سنڌ بابت اهو بيان ڏئي پاڪستان جي علاقائي سالميت تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ بلوچستان کانپوءِ سنڌ جي علائقي ۾ به عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجن منصوبن جو اشارو ڏنو آهي.
پاڪستان جا لاڳاپا آمريڪا سان شروع کان ئي تمام سٺا رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اهي لاڳاپا سرد به ٿي وڃن ٿا، پر جڏهن به پاڪستان آمريڪا جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڀارت کي هڪ نفسياتي دٻاءُ محسوس ٿيندو آهي ۽ هو اهڙي قسم جا جوابي حربا استعمال ڪندو رهندو آهي، جنهن سان هو دنيا کي اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پاڪستان جي اندر تمام گهڻا مسئلا موجود آهن ۽ ڀارت هڪ طاقتور ملڪ آهي. تازوئي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدو پڻ ڀارت جي لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀارت جي دفاعي وزير هن سڄي صورتحال کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن پاڪستان جي دفاع تي آڱر کنئي آهي، پاڪستان جي اندر ڳڻتي پيدا ڪئي آهي ۽ هر فورم تي ان بيان جي جواب ۾ ڳالهايو پيو وڃي. يقينن ان بيان جو مقصد بين الاقوامي ڌرين جي اڳيان پاڪستان جي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستان اندر نه سيڙپڪاري ٿي سگهي، نه ئي پاڪستان جي مٿان ڀروسو ڪندڙ دوست ملڪ ان تي مڪمل طور ڀروسو ڪري سگهن، اهو هڪ نفسياتي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن سنڌ جي عوام کي پڻ چيڙائي ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ورهاڱي کانپوءِ هتي رهجي ويل سنڌي هندو به پاڪستان سان وفادار آهن، انهن جي وفاداري پنهنجي ڌرتيءَ سان آهي ۽ ڀارت ۾ رهندڙ هندو به پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو حصو اڄ ڏينهن تائين نه بڻيا آهن، شايد اهو ئي سبب آهي جو سياسي طور تي ڀارت ۾ ڪوششون جاري آهن.