شاھ جي رسالي جي شيخ اياز جي ترجمي جو خاص مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان ۾ موجود اوڻايون سامھون آيون آهن جن جو هن مضمون ۾ ذڪر ڪجي ٿو.
پهرين ڳالھ ته ترجمي جي متن ۽ اصل متن يا رسالي جي سمورن نسخن ۾ ڪابه ساڳي ترتيب يا لکڻي ناهي نتيجي ۾ تحقيق دوران ڪافي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.
ٻي ڳالھ ته رسالي جي نسخن ۾ متن جي گهٽ وڌائي آهي. شيخ صاحب اردو ترجمي دوران پهريان نثري ترجمن کي نظر ۾ رکيو آهي جنهن جي ڪري بيتن جي ترجمي ۾ غير ضروري وڌاءُ، ڊيگھ ڪئي وئي آهي، جيڪو عمل شاعري جي مزاج خلاف آهي.
رسالي جي اصل متن ۾ بيتن جو الڳ هڪ پسمنظر آهي ڪنهن بيت ۾ شاعر خود سان مخاطب ٿئي ٿو، ڪٿي ڪنهن ڪردار کان ڳالهارائي ٿو، ڪٿي ڪنهن ڪردار کي نندي ٿو، ڪٿي ڪردار خود کي نندي يا ملامت ٿو ڪري، ڪٿي اعتراف ڪري ٿو، ڪٿي ملامت، تنبيھ، ڪٿي تعريف، ڪٿي، مشاهدي، منظر ڪشي جو بيان آهي، ترجمي ۾ اهڙين باريڪ بين اسلوبي خصوصيات کي نظر انداز ڪيو ويو آهي يا گهٽ اهميت ڏني وئي آهي. جنهن سان اصل متن جو روح متاثر ٿيو آهي.
مثال طور هن بيت جو ترجمو ڏسو؛
جڙ جيئري جن سين، مئي پڻ سين تن
جي هت نه هوت پسن، سي ڪنهن پر پسنديون ڪيچ (سر حسيني)
اردو ترجمو شيخ اياز:
محبت طالب عزم و یقین ہے ،جہاں تو ہے تیری منزل وہیں ہے،
کسی عالم میں بھی وہ عالم حسن جدا ہوکر بھی جدا تجھ سے نہیں ہے
بہار بی خزاں جذب محبت ، حسین جب تک دل ھر شی حسین ہےِ۔ (سر حسینی )
هن اصل بيت جي مفهوم ۽ ترجمي جي مفهوم ۾ ڪافي اجنبيت، بيگانگي يا اوپرائپ لڳي ٿي محسوس ٿئي ٿو ته اصل بيت جو روح ترجمي ۾ منتقل ٿي نه سگهيو آهي.
اصل بيت ۾ هڪ مذهبي ڳالھ کي ورجايو ويو آهي ته “جيڪي جوڙا هن دنيا ۾ آهن اڳئين جهان ۾ به اهي جوڙا گڏ هوندا” جيڪي هتي نه گڏبا سي اتي ڪيئن گڏبا؟ پر ترجمي ۾ اصل روايت ڏي اشارو نٿو ملي، رڳو وصل کي يقيني ڄاڻايو ويو آهي.
هڪ ٻئي بيت جو مثال:
سَرٖي ڪِينَ ڪِئون، ويڻَ موکِيَ جي مارِئا!
ڪو جو سُخنُ ڪَلاٰڙَ جو، پِتٖي تي پِئونِ!
تِهان پوءِ ٿِئون، مَرَڻُ مَتارنِ کي! (سر يمن ڪلياڻ)
اردو ترجمو:
ان بلانوش مے پرستوں کو یہ نہ سمجھو شراب نے مارا
ہائے اس کا کلام زہر گداز ان کو جس کے خطاب نے مارا
هن ترجمي ۾ بيت جي ٻئي مصرعي ۾ رڳو قافيي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ خطاب جو لفظ ٿاڦيو ويو آهي جيڪو اصل متن جي مفهوم جي منشا پوري نٿو ڪري جتي طعني يا مهڻي لفظ کي تلاش ڪري رکڻ گهربو هو.
موکِيَ مَٺو نه گُهرِئا، وِہَ نه وِھاٽِئا
سُرڪِيَ ڪاڻِ سَيِّدُ چٖي، اُتٖي ٿِي آٽِئا
جٖي ڳالِنَ ڳَنڱاٽِئا، تَنِ بَٺَنِ پاسي بُٺِيُون (سر يمن ڪلياڻ)
اردو ترجمو:
زہر نوشی سے جو نہ گھبرائے خوش رہے ان سے اہل می خانہ
سید ان کا ہجوم طوفاں خیز اور ساقی کا ایک پیمانہ
موت کے بعد بھی بسا اوقات تشنہ رہتی ہے روح رندانہ
هن بيت جي ترجمي ۾ بيت جي ٽئين مصرع جو اصل مفهوم “ڳالھين ۾ مات کائڻ” جي مفهوم جي منتقلي نه ٿي سگهي آهي، اردو مصرع جي مفهوم جو مطلب گهربل معنيٰ جو حق ادا نه پيو ڪري. رڳو قافيي جي خانه پوري لاءِ لفظ “رندانه” ڪتب آندو ويو آهي.
اردو ترجمو هن ريت به ٿي پئي سگهيو:
خوش رہے ان سے ساقیہ ، گئے تھے جو زہر آلودہ مے پینے
سید ! جو متارے آتے تھے ،ساقی کے ہاں پی کر جینے
باتوں سے مرنے والے دفن ہوئے احاطے مے خانے
سچ چيو اٿن شاعري جو ترجمو تمام مشڪل ڪم آهي ۽ ان ۾ اصل متن جي مفهوم جي هدفي زبان ۾ منتقلي مترجم لاءِ آسان ناهي.
عاشِقَ! معشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويهُ ڳرِي،
جِمَ وِرِچي ڇَڏِيٖين، سَندِي دوستَ دَرِيَ!
ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجهَه جِي ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَه سَرِي، تو ڪِنءَ سَرِي سُپِرِين (سر يمن ڪلياڻ)
هن بيت جي چوٿين مصرع ۾ عاشق پنهنجي محبوب کي ڏوراپو ڏيندي چوي ٿو ته اسان جي توهان کانسواءِ نه ٿي سري توھان جي ڪئين سري سپرين.
اردو ترجمو؛
خوباں میں بیٹھ جا عاشق ہو نہ تو ان کے در سے روگرداں
ان سے وابستہ تیری ہر تقدیر اور وہی تیرے درد کا درماں
ان کے در کے بغیر ناممکن عرصہ زندگی میں امن اماں
اردو ترجمي جي چوٿين مصرع جي مفهوم کي رڳو قافيي جي گهرج پوري ڪرڻ واسطي لفظ “امن امان” کي ٿاڦيو ويو آهي، جنهن مان اصل متن جي منشا منتقل نه پئي ٿئي مصرع جو مطلب اصل مفهوم جي بلڪل نفي پيو ڪري ۽ شعر جي معنويت بري طرح متاثر ٿئي ٿي.
چوٿين مصرع جو ترجمو هن ريت به ٿي پئي سگهيو:
ان کے در کے سوا اس دل کا قرار ممکن کہاں
هي مصرع اصل متن جي مفهوم جي ترجماني ڪري ٿو. جنهن مان شاعر جي منشا صاف ظاهر ٿئي ٿي، جنهن مان قاري به فيضياب ٿي سگهي ٿو.
***