بلاگنئون علمي ميدان ۾ سرگرم تاشفين ميمڻ July 5, 2024 Zahida Abro مُنڌَ نه مَنجهان تَن پَسي لَڪَ لُڏن جي، جا پَر کاهوڙين سا پَر سِکي سَسُئي. لطيف سائين سسئي جي بهادري جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو ته هيءَ عورت عام عورتن مان ناهي، جيڪي نرم نفيس، ڏُک تڪليف، جدوجهد جاکوڙ کان قاصر لَڪَن پهاڙن کي ڏسي ڊڄي پوئتي پير ڪرڻ واريون وايون ڪري، پر هيءَ اها عورت آھي جنهن کاهوڙين يعني جاکوڙيندڙ مسلسل جدوجهد ڪندڙن جون رسمون رواج ۽ اصول سِکي ورتا آھن. مِرُون کِيَنم ماس، هَڏَ ھلندا هوت ڏي. هوءَ پهاڙن جي اوکن پنڌن کان ته نٿي ڊڄي، پر ھيءَ خونخوار جانورن کان به نٿي ڊڄي ۽ چئي ٿي ته جيڪڏھن مِرُون منهنجو ماس کائي وڃن ته به منهنجا بچيل هَڏ به منهنجي منزل طرف هلندا. منزل ۽ قدمن جي وچ مفاصلي ۾ ايندڙ رُڪاوٽون هن لاءِ ڪابه معنيٰ نٿيون رکن. هوءَ منزل تي پُڄڻ لاءِ ھر ڏک تڪليف درد سهڻ لاءِ تيار آھي. اهڙي ئي بهادر ۽ مضبوط عورتن مان تاشفين ميمڻ به هڪ آهي، سندس والد جو نالو اصغر علي ميمڻ آهي، پاڻ 31 جون 1990ع ۾ نوابشاهه ۾ جنم ورتو. سندس والدين اصل نوشهروفيروز جا هئا ۽ ننڍڙي دڪان مان ترقي ڪري مختلف ڪمپنين جون ايجنسيون قائم ڪيائين. ائين سندس سڃاڻپ شهر جي ڪاروباري ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳي۔ مطلب ته پاڻ هڪ اهڙي ڪاروباري شخص جي خاندان ۾ پيدا ٿي جيڪو پنهنجن ٻارن کي ڪامياب ڏسڻ چاهيندو هو. تاشفين ميمڻ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ وڏي آهي. پاڻ شهر جي خانگي ڪي جي اسڪول مان ٽئين ڪلاس تائين پڙهي. اسٽار گرامر هائر سيڪينڊري اسڪول ۾ منهنجي بهترين شاگردياڻين ۾ سرفهرست رهي. پاڻ اتان انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرز انگريزيءَ ۾ ڪيائين. پاڻ 2010 ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ گھر ۾ ٽيوشن ذريعي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. بهترين رزلٽ ڏيڻ ڪري ڪيترائي ٻار وٽس ٽيوشن لاءِ داخل ٿيا، جتي کين خاص توجهه ڏئي حوصلا افزائي ڪري سٺي پوزيشن ۾ بيهاريو جنهن سبب سندس اسڪولن ۾ اي گريڊ اچڻ لڳا. پاڻ هميشه پنهنجي اعتماد کي وڌايو ۽ هميشه پنهنجي ڏات ڏيکاري بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ رهي. کيس والدين توڙي استادن هميشه همٿايو ته جيئن علم جي حصول لاءِ اڳتي وڌي منزل ماڻي سگهجي. اهڙي ريت پاڻ سٽيزن فائونڊيشن ۾ ٽي سال انگريزي استاد طور ڪم ڪيو. جڏهن ته هاڻي پيپلز اسڪول نوشهروفيروز ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي، جتي سندس مقصد نئين نسل کي مضبوط بڻائڻ ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ آهي. اهڙو اسڪول آهي، جيڪو اثر کان پاڪ ماحول قائم ڪري، سندس ٿوري توجهه سان اسڪول جو معيار بلند ٿيو آهي، کيس سٽيزن فائونڊيشن پاران بهترين استاد جو ايوارڊ پڻ مليو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس 100 سيڪڙو شاگردن فيڊرل بورڊ جو امتحان پاس ڪيو، پرنسپال جي حيثيت سان هميشه سندس محنت کي ساراهيو ويو. هڪ عورت هجڻ جي ڪري پاڻ اسڪول جي ليڊر جي حيثيت سان ڪيترن ئي چئلينجن ۽ ماڻهن جي چالبازين کي منهن ڏنو آهي. اسان جي سماج ۾ هڪ مضبوط عورت جي ڪاميابي کي قبول ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، پر پاڻ هميشه چئلينج کي قبول ڪرڻ ۽ سڀني مشڪلاتن تي غالب ٿيڻ لاءِ تيار آهي. مطلب ته قوم جي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ انسانيت جي بقا لاءِ علم جي ميدان ۾ هر وقت مضبوط بيٺل تاشفين ميمڻ جو هڪ ئي مقصد آهي ته گهر گهر ۾ علم جو ڏيئو ٻاريو ته سماج مان جهالت جي اونداهي ختم ٿي ويندي. چوندا آهن ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو جيڪڏهن عورت پڙهي ته هڪ گهر پڙهيو. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نظر سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هيءَ دنيا به خوبصورت نه هجي ها، کيس پڪ آهي ته هڪ صبح ضرور ايندو جو اسان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي علم جي اهميت کي سمجهي عورتن کي علم جي ميدان ۾ اڳڀرو ڪندا. عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ سائمن ڊيبورا چيو هو ته عورت پيدا ناهي ٿيندي، پر اها ٺاهي ويندي آهي جڏهن ته ارسطو چواڻي “غلام عورتن جي ڪُک منجهان غلام ٻار ئي پيدا ٿيندا آهن” هاڻي جيڪڏهن عورتون تعليم يافته ٿينديون ته سماج ۾ سڌارو ايندو. پاڪستان عورتن جي حوالي سان ٽئين نمبر تي خطرناڪ ملڪ آهي. ڇو ته عورتن جي حقن ۽ ترقي فراهم ڪندڙ ملڪن مان 142 نمبر تي آهي. جيڪڏهن اسان هيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ ڏسون ته اسان جا وار ڪانڊارجي ويندا ان لاءِ 2014-2015 ۽ 2016-2017 جون رپورٽون پڙهي سگھجن ٿيون ته اسان جو نسل، مذهب ۽ جنس جي متڀيد کي اوليت نه ڏني ويندي سڀني کي برابر حق ملندا، پر هتي قصو ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اڄ حالت اها آهي ته 25 سيڪڙو ڇوڪريون يونيورسٽي تائين مس رسي سگھن ٿيون، ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جو تعداد ته 70 سيڪڙو آهي، پر شادي يا گھريلو پابندين ڪري 50 سيڪڙو ڇوڪريون به نوڪري نٿيون ڪري سگھن. مطلب ته جنهن سماج ۾ انسان جو قدر جنس جي بنياد تي ٿيندو ته پوءِ اهو معاشرو صحتمند ڪيئن هوندو. ان لاءِ عورتن کي بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي. *** Post Views: 105