ڊائري جا ورق

زندگي
عنوان: زندگي
زندگي ھڪ مسلسل تحريڪ جو نالو آهي جيڪا جيتري اھم آھي اوتري ئي متحرڪ ھئڻ گھرجي.
زندگي جو با مقصد ھجڻ ئي اصل زندگي آهي.
زندگي ڪڏھن ماريندي آهي ته ڪڏھن جيئاريندي آهي، پر ”مرڻا اڳي جي مئا“ واري زندگي ئي ماڻهو کي بقا بخشي ٿي.
زندگي ۾ ڏک دائمي ۽ سک عارضي ھوندا آھن.
زندگي ۾ ڏک بنيادي ۽ سک ثانوي حيثيت رکن ٿا.
زندگي کي صحيح معنيٰ ۾سمجھڻ ۽ سڦل زندگي گذارڻ لاءِ علم ۽ ادراڪ جو ھجڻ ضروري آهي.
زندگي جو ڏکن سان اهڙو رشتو آھي جھڙو ”روح: جِئن سي کوُھيءَ نارَ، وَھَنِ واري ۽ گاڏُئان، ھِنئڙو پِرِيان ڌارَ،“
ڏک زندگي کي سونھون بڻائيندا آهن جيڪڏهن زندگي ۾ رڳو سک ھجن ته پوءِ زندگي اسونھين لڳندي آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ ۾ ڏک زندگي جو رکوالو آھي جيئن ”ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“
زندگيءَ جو اصل سبق تجربا ۽ مشاهدا ئي هوندا آهن.
زندگي امتحان پھرين وٺندي آهي ۽ سبق پوءِ ڏيندي آهي.
زندگي ۾ ھر ماڻھو وٽ خواهشون تمام گهڻيون آهن ۽ خواھش جو سڌو سنئون واسطو ڏک سان آهي، معنيٰ جيتريون خواهشون گھڻيون اوترا ڏک گھڻا. خواھش جو پورائو ھرڪو چاھي ٿو، پر ڏک سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ ڪير به نٿو چاھي.
مطمئن زندگي گذارڻ جي طلب ھر ماڻھو ڪري ٿو، پر پنھنجي حال تي مطمئن ڪير به رھڻ نٿو چاھي.
انسان جي زندگي جو سڀ کان اھم ۽ وڏو ڏينھن اھو ئي آھي جنھن ڏينھن کيس زندگي کي سمجھڻ جو ادراڪ حاصل ٿي وڃي ٿو.

