دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ پھرين مئي سن 1889ع ۾ شڪاگو (آمريڪا) جي مزدورن پاران شروع ڪيل ڊگھي جدوجھد، ڦاسين ۽ قربانين بعد ڪاميابي ملڻ جي مناسبت سان مزدورن جو عالمي ڏينهن شاندار انداز سان ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏينهن تي خاص طور مزدور جدوجھد جي 10 ڏھن بھادر اڳواڻن کي مليل ڦاسي جو ڏھاڙو ملهائيندي کين ياد ڪندي اڻ ڳڻيا سلام پيش ڪري سامراج جي ظلمن جي نندا ڪئي وڃي ٿي. مزدورن مٿان ظلم جو آغاز ته گهڻو آڳاٽو رھيو آھي، پر 1866ع ۾ آمريڪا کان شروع ٿيل ھي لاٽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ روشن ٿيندي وئي، ڇو جو مزدورن مٿان ظلم، ناانصافي، تشدد، غلامي جي زنجيرن جي طوق سبب نيٺ چڻنگ ڀنڀٽ بڻجي ظالمن کي ساڙيو، تنهن ڪري ھن تحريڪ جي مطالبن کي مڃتا ملي جنهن ۾ مزدوري يا ملازمت جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ٿيو. ھن تحريڪ خلاف سرمائيدارن، ڪارخانن جي مالڪن ۽ ناانصافي تي ٻڌل حڪومتن طرفان مزدورن جي مطالبن کي مڃتا نه ڏيڻ واري غرور ۽ تڪبر جو نيٺ ڪنڌ ڀڳو ۽ مزدورن جي مزدوريءَ جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ٿيڻ سميت ٻيا بنيادي مطالبا منظور ٿيا.
جيئن ته مزدور تحريڪ جو حق تي ٻڌل آواز مضبوط زنجيرن کي ٽوڙي ۽ طاقتورن جي سختين کي پيرن ۾ لتاڙڻ جو آغاز “شڪاگو” مان بلند ٿيو آھي، تنهن ڪري ان شھر سميت بھادر مزدورن ۽ سندن اڳواڻن کي نه وساريندي ياد ڪيو وڃي ٿو. ڏسڻو اھو آھي ته آمريڪا مان سن 1866ع کان 1889ع تائين لاڳيتو ڪشالن، تڪليفن، گرفتارين، جيلن جي سختين ۽ ڦاسين واري ڪامياب جدوجھد جو اڄ جي دوران وارن مزدورن ھارين ۽ ملازم پيشي کي لاڀ حاصل ٿي رھيو آھي يا نه؟ ان منظر نامي ۾ پاڪستان خاص طور سنڌ صوبي جي مزدورن خاص ڪري بٺن، ڪارخانن، فيڪٽرين، شگر ملن، ھارپي تي مزدوري ڪندڙن، سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي مزدورن جي حالتن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪيترن نقطن تحت سنڌ جو مزدور اڃان به ظلم، ناانصافين ۽ سختين جي ور چڙھيل آھي. پاڪستان ۾ مزدورن جي مسئلن بابت اڪثر سرڪارن ڪو خاص ڌيان نه ڏيڻ ڪري اڄ به مزدورن جي حالت ۾ ڦيرو ڏسڻ ۾ نه ايندو ۽ ساڳي ڪسمپرسي واري حالت جي ڪري مزدور ۽ ھاري انيڪ تڪليفن ۾ وڪوڙيل ڏسبا. ڪيترن ادارن توڙي جاگيردارن وٽ ڏھاڙي يا ماھوار پگھار تي گھٽ اجوري تي ڪم ڪندڙ ھارين ۽ مزدورن جو علاج نه ڪرائڻ، حادثن سبب موت تي ان جي وارثن جي مدد، امداد نه ڪرڻ، ماھوار پگھارن ۾ مھانگائي جي راڪاس مطابق واڌارو نه ڪرڻ، بونس نه ڏيڻ يا ان مان ڪٽوتي ڪرڻ، مختلف رعايتون جيڪي سندن حق سمجھيون وڃن ٿيون سي نه ڏيڻ، مختلف ادارن ۾ وڏي عرصي کان بطور ڪچو مزدور Casual Worker يا ٺيڪيداري سسٽم ھيٺ ڪم ڪندڙن کي قانون موجب پڪي ملازمتن نه ڏيڻ يا ان ۾ دير ڪرڻ سان گڏوگڏ گھڻن ادارن ۾ تعصبي روين اڪثر سنڌي ڳالھائيندڙ سان HR ڊپارٽمينٽن جي پسند ۽ ناپسند سبب روزگار نه ڏيڻ ۽ ترقين جي راهه ۾ رڪاوٽون وجھڻ جھڙيون زيادتيون سر عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جن جو اوس ازالو ٿيڻ گھرجي. اهڙيون زيادتيون خاص ڪري ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۽ ڪراچي جي اڪثر فئڪٽرين ۾ رپورٽ ٿيڻ لڳيون آھن. ھن ڏس ۾ ڪيترن سرڪاري ادارن ۾ مزدورن/ھيٺين گريڊن جي ملازمن سان انصاف نه ٿيڻ، پگھارن ۾ اضافو نه ڪرڻ ۽ حق نه ملڻ جا احتجاج، مظاھرا ۽ بک ھڙتالون ٿيڻ لڳيون آھن، جن جو ملازمن جي حقن تحت تدارڪ لازمي سمجھيو وڃي ٿو. خاص ڪري اسٽيل مل ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي مزدورن ۽ ملازمن کان ننڍن آفيسرن سان انساني ناتي مدد جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي.
ھن دور ۾ مزدورن/ملازمن جو تنظيمون CBA ۽ سندن ويڪائو مفاد پرست اڳواڻن تي به آڱريون کڄڻ جون خبرون گردش ۾ رھن ٿيون جن جي ڪري مزدورن/ملازمن جي اڪثريت کي جائز حق نٿا ڏنا وڃن، جنهن لاءِ وسوارين وزارتن ۽ سندن ماتحت ادارن کي ڌيان ڏيندي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ھن ڏس ۾ پاڪستان جي سڀني صوبن خاص ڪري سنڌ صوبي جي مزدورن لاءِ فلاحي منصوبا، اولاد جي ڪوٽا، ھنري سکيا جا مختلف پروگرام شروع ڪرڻ، سندن اولاد جي اعليٰ تعليم واسطي سھڪار ڪرڻ سان گڏ ادارن ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل ڪرڻ، ڌارين ملڪن جي ڀاڄوڪڙن خلاف ايڪشن کڻڻ کين نيڪالي ڏيڻ،EOBI اداري کي سرگرم ڪندي وڌ کان مزدورن/ملازمن کي نيٽ ورڪ ۾ آڻڻ ۽ کين سھولتون ڏيندي پينشن کي 10،000 مان وڌائي 20,000 رپيا ماھوار ڪرڻ سميت ريلوي جي سفر ۾ رعايتون ڏيڻ ضروري قدم سمجھيا وڃن ٿا. اھڙيءَ ريت مزدورن سان تڪبر غرور وارن روين جو خاتمو ڪندي محبتي ۽ ھمدرديءَ وارو ماحول ۾ ھڪٻئي جي راءِ، مشورن جو احترام لازمي آھي جيئن ڪوبه ادارو نفرتن بجاءِ دوستاڻي محبتي ماحول ۾ ھڙتالن/مطالبن بجاءِ پرامن انداز سان پنهنجا مطالبا يا ضرورتون مڃرائي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيل رھي. پاڪستان جي جملي وفاقي يا صوبائي کاتن جي مزدورن ملازمن جي نالن سان منسوب ڪيل وزارتن ۽ ان سان سلھاڙيل ادارن جي ٿڌن ڪمرن ۾ ويٺل وزيرن ۽ بالا آفيسرن کي پنهنجا رويا انسان دوست مزاج سان نڀائيندي مزدورن/ملازمن ۽ ھارين جي روبرو خبر چار لھڻ گھرجي خاص طور مقامي علائقن جي بي روزگار نوجوانن توڙي غريب بي سھارا نياڻين توڙي ڪوٽا موجب معذورن کي ملازمتن ۾ اوليت ڏيڻ لازمي آھي. اھڙي ريت مزدورن جي عالمي ڏينهن کي فقط موڪل ڪندي خوشي ۾ ملھائڻ بجاءِ ان جي بنيادي جدوجهد ۽ قربانين جي روشنيءَ ۾ مزدورن ۽ ملازمن جي حال ۽ مستقبل واسطي فراخدلي سان بھتر فيصلا ڪرڻ ۽ شڪاگو جي جدوجھد کي پڙھڻ طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو. آخر ۾ شڪاگو جي بھادر مزدور اڳواڻن کي ڪامريڊن جي ٻولي ۾ سرخ سلام پيش ڪجن ٿا.