بلاگنئون

اين جي اوز جي فنڊنگ ۽ سول ڪردار

غير سرڪاري تنظيمون (اين جي اوز) عام طور تي غير منافعي بخش خدمت ڪندڙ  آهن. اسان وٽ وڏيون ۽ ننڍيون ڪيتريون ئي اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سرڪار سڌو سنئون پاڻ ڪم ڪرڻ کان لنوائيندي رهي ٿي. اسان جي ملڪ کي آزاد ٿيندي 78 هون سال پيو هلي ان سڄي وقت جو جائزو وٺجي ته بدقسمتيءَ سان اسان هزارين وسيلن هوندي پنهنجي پيرن تي به بيهي نه سگهيا آهيون ۽ هر حڪومت اقتدار تي ويهندي ئي خزاني خالي هجڻ جون دانهون ڪندي نظر ايندي آهي ۽ حڪمران پوري دنيا کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندا رهيا آهن. خاص طور تي آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ سميت پوري دنيا جي سمورن ملڪن جا قرضي بڻيل آهيون ۽ انهن جي چوڻ تي ملڪ جو ڪاروهنوار هلايون ٿا. هن وقت اهڙي صورتحال بڻجي وئي آهي جو پنهنجا هلندڙ ادارا کوکلا بڻائي کپائڻ لڳا آهيون. پي آءِ اي، اسٽيل ملز، اسپتالن ۽ واپڊا کانپوءِ تعليم جي وڪري جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ائين هر فيلڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن غير ملڪي اين اوز کي مدد جي اپيل ڪندا آهيون ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ هي ملڪ اين جي اوز جو آهي. اين جي اوز جي ڌاڙيلن کي آخر ڪير روڪيندو؟

سنڌ ۾ 2010ع واري ٻوڏ اين جي اوز وارن لاءِ رحمت ٿي وسي. ماڻھو دربدر ھئا، پر اين جي او وارن جي خدا ٻڌي، سڀ ايڌي ٿي پيا، اڳ ۾ انھن لاءِ فنڊ وٺڻ ڊونر جي آئو ڀڳت ڪرڻ ڏکيو ڪم ھو پوءِ ڊونر پاڻ در تي اچي ويا، اھڙا موقعا سنڌ جي ڌنڌوڙي ۽ جڳاڙي اديبن، دانشورن، شاعرن، ماسترن، صحافين، سول سوسائٽي ۽ نام نھاد سماج سڌارڪن گھريا پئي ته جيئن آفتون اچن ۽ ھو پنھنجون خداداد لڪل صلاحيتون ڏيکاري سگھن. سڄي سنڌ جي غريب ماڻھن کي مدد جي نالي پنڻ تي ھيرائي ڇڏيو، جن جڳاڙين کي گهر ۾ مانيءَ ٽڪر به نه پئي مليو اھي به ڪَک پَتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا، گاڏيون بنگلا، بئنڪ بيلنس، ٻه ٻه شاديون، يورپ ۽ عالمي دورا خبر نه آھي ڇا ڇا؟ کين ملندڙ ڪروڙين اربين رپين مان ڪم صرف ڏھ سيڪڙو يا صرف ڪاغذن ۾ ھوندو، اخلاقي ڪرپشن جو ته ڪو مثال نه آھي. عوام جي حالت ته ڪانه بدلي آھي، پر ھنن ٺٺينگن ۽ ڌنڌوڙين جي گھر جا حالات ضرور بدليا آھن. سنڌ جي ھن سفيد پوش ۽ مقدس عالي ڌاڙيل مخلوق جو احتساب آخر ڪير ڪندو؟ ھاڻ ته ھي مھذب چور سماج سڌارڻ لاءِ ٽي وي چينل، اخباري ڪالمن، ڪنسلٽنسي، سيمينارن ۽ ڪانفرنسز ذريعي سرڪار کي سڌارا آڻڻ لاءِ صلاحون ڏين ٿا شايد سرڪار ھنن ذريعي سنڌ ۾ تبديلي به آڻي. پيپلز پارٽي سرڪار جي مهرباني سان اين جي اوز ۾ ڀرتيون به هاڻي سفارشن ۽ پئسن تي ٿينديون. ملڪ جي حڪمرانن ملڪ ۾ نيون صنعتون لڳائڻ بدران پراڻيون صنعتون بند ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوڪريون وڪڻڻ جي منڊي بڻايو ويو آهي. سرڪاري نوڪرين جي منڊي سان گڏ هاڻي پيش خدمت آهي. اين جي اوز ۾ نوڪرين جي منڊي، برطانيا ملڪ رياض جي داخلا تي بندش لڳائي ڇڏي آهي، ملڪ رياض برطانيا نٿو وڃي سگهي. ڇاڪاڻ ته برطانيا جو موقف آهي ته ملڪ رياض برطانوي آفيسرن کي ڳري رشوت ڏئي پنهنجا ناجائز ڪم وٺي برطانيا جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي. سنڌ اندر پيپلز پارٽي به اين جي اوز جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جيان اين جي اوز جي به رڳ رڳ ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ جي بيماري ڏئي ڇڏي آهي.

 2022واري مها ٻوڏ ۾ اين جي اوز جو ڪردار نهايت اهميت جوڳو رهيو جڏهن ته حڪمران مٿي کي ٻه وهاڻا ڏيئي سمهي پيا. ائين اهو سلسلو اڃان به جيئن جو تيئن جاري آهي. انهن ۾ آمريڪا، چين، ايران ۽ ٻين ملڪن سان مفاهمت وارا گهرا ناتا رهيا آهن ۽ وقت بوقت انهن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي جن معاشي ۽ سماجي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت به سنڌ جي هر ضلعي اندر ڪيتريون ئي اين جي اوز ڪم ڪن پيون جيڪي يو ايس ايڊ، يونيسيف ۽ ٻين غير ملڪي ادارن کان فنڊنگ وٺي غريب ماڻهن جي نالن کي استعمال ڪري اهو فنڊ هڙپ ڪري رهيون آهن، اهي اين جي اوز تنظيمون صحت کاتي اندر ايڇ آئي وي (ايڊز) هيپاٽائيٽس، ٻارن ۾ خوراڪ جي ڪمي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي نالي تي آيل فنڊنگ هڙپ ڪري رهيون آهن ۽ انهن جا موبلائيزر (سپروائيزر) مختلف ڳوٺن ۾ وڃي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي ڊيٽا وٺن ٿا ۽ پاڻ کي پوليو ورڪر يا هيلٿ ڊپارٽمينٽ جو ملازم ڄاڻائي معلومات وٺي انهن جي نالن تي آيل دوائون، خوراڪ ۽ ٻيو سامان ڄاڻائي بجيٽ کائين ٿا. جڏهن ته 2022ع ۾ آيل شديد فلڊ کانپوءِ ڪيترين ئي اين جي اوز گهر سروي شروع ڪئي جڏهن سرڪار پنهنجي نموني ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر ٽي سال عرصو گذرڻ باوجود ڪيترن ئي ديس واسين جا اڃان تائين گهر نه ٺهي سگهيا آهن. ذريعن مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته ان ڪم ۾ ڪيترائي گهپلا ٿيا آهن جنهنڪري سندن اڪائونٽ به بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اڃان ڪم جاري آهي. جيڪڏهن اين جي اوز کي فنڊ نه ملندا ته اهي ڪم ڪيئن ڪري سگهندا.

تازو هڪ خبر آئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کانپوءِ جاري ڪيل حڪمن تي عمل ڪندي سڄي دنيا ۾ غير سرڪاري تنظيمن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن کي مالي مدد ڪندڙ آمريڪي ڊونر ادارن پنھنجي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي آھي. جنھنڪري پاڪستان سميت دنيا جي سمورن ملڪن ۾ انھن ادارن جي فنڊنگ سان ھلندڙ سماجي ڪم ۽ انساني حقن جي جاڳرتا وارا پروگرام في الحال رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن. ذريعن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پڻ ڪيترن ئي ادارن جي فنڊنگ روڪي وئي آھي. جنھن سبب انھن ادارن جا انساني حقن اقليتن جي حقن ۽ عورتن جي حقن سان لاڳاپيل پروجيڪٽ معطل ٿي ويا آھن ۽ ھزارين سماجي ڪارڪن بيروزگار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.