الطاف احمد شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا شهر ۾ گل محمد شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن نيول انجنيئر کي تعليم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي رهي. سڄي زندگي قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀايائين، پاڪستان نيول اڪيڊميءَ جو هيءُ جهازران، تعليمدان ۽ پروفيسر جي عهدي تي رٽائر ٿيل ليکڪ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ پنهنجي تحرير نويسيءَ سبب يڪسان مقبول آهي. سنڌي سفر نامي جي صنف کي الطاف شيخ اوج تي پهچايو، پر شايد ڪجهه پڙهندڙن کي ڄاڻ نه هجي ته الطاف شيخ وڏن لاءِ لکندي سنڌ جي ٻالڪن کي نه وساريو ۽ سندن لاءِ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين ٻالڪ ادب ۾ سندن ڪتاب ڇپيل آهن اچو ته کانئن هِن ڏس ۾ ڪي سوال پڇون.
ج: منهنجو سڄو ڪٽنب پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب جو لاڙو رکندڙ هو. منهنجو بابا اعليٰ تعليم يافته هو، پاڻ پي سي ايس جو امتحان ڏيئي مختيارڪار ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي رٽائر ٿيو پاڻ هر وقت اسان جي تعليم ۽ ادب جي همت افزائي ڪندو هو. منهنجو نانو حسن سومرو بزنس ڪندو هو، پر وٽن وڏي لائبريري هئي جنهن مان ڪتاب ڪڍي اسان ٻارن (ڏوهٽن ۽ پوٽن) کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. آئون سڀني ٻارن ۾ وڏو هئس ته نانو مون تي ڪتاب پڙهڻ تي گهڻو زور ڀريندو هو. مون پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي پرائمري اسڪول مان پڙهيا، اسان جي دور جا استاد نه فقط محنتي ۽ ايماندار هئا، پر خاص شاگردن جي اخلاق ۽ تربيت تي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا. انهن استادن ۾ منهنجي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل هو ۽ ٻيا پڻ تمام گهڻو ڀائيندڙ ۽ سِکيا ڏيندڙ هئا. اڳيان تعليم ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي، ان ڪاليج جي عمارت شروع ۾ ميرپورخاص ۾ هئي، پوءِ موجوده پيٽارو ۾ شفٽ ٿي، مئٽرڪ کان ئي ٻارن لاءِ يا وڏن لاءِ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيم. پاڪستان نيول اڪيڊميءَ ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ٿي جنهن ڪري چٽنگانگ (بنگال صوبي) بنگلاديش ۾ رهڻ ٿيو، جتي جون دلچسپ ڳالهيون ماهوار هلال پاڪستان ۾ موڪليندو هئس. بنگالي پڻ سکيم ”انا ميڪا“ بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر هئس، انهيءَ مئگزين ۾ پڻ لکندو هئس.
س 2: توهان جي پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ ان وقت جا تاثرات ڄاڻايو؟
ج: پهرين تحرير مئٽرڪ جي دور ۾ مضمون هو ۽ پوءِ ڪاليج جي مئگزين ۾ لکندو رهيس ته ”گلستان“، ”ڳوٺ سڌار“ ۽ ”هلال پاڪستان“ ۾ مضمون لکندو رهيس ۽ پوءِ اهو سلسلو قائم رهيو، پر وڌيڪ لکڻ جو شوق پهرين ڪتاب جي ڇپجڻ ۽ مشهور ٿيڻ سان وڌيو.
س 3: ٻارن جي لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ ٻالڪ ادب ۾ پنهنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بابت ٻڌايو؟
ج: مون چوٿين درجي ۾ پنهنجي والد جي لائبريريءَ مان پهريون پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ پڙهيو ڪي ٻيا به پڙهيا، پر انهيءَ وقت ۾ ٻارن جي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ٻارن جي ادبي جي صفحن کي غور سان پڙهڻ سبب لکڻ جو به شوق ٿيم اهي تحريرون ٻارن جي رسالن ۾ موڪليندو رهيس. ٻارن لاءِ لکيل مواد جا ڪتاب ”ٻارن جون آکاڻيون“ ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“، ”جل پريءَ جي اڳڪٿي“ آهن. ”جل پريءَ جي اڳڪٿي“ ۾ جاپاني ڏند ڪٿائون آهن، جو ٻارن ۽ وڏن ٻنهي لاءِ پڙهڻ ۾ لطف ڏيندڙ آهي، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ شايع ڪيو ۽ هاڻي سنڌ سلامت تي ڊجيٽل ايڊيشن طور رکيل هن ڪتاب ۾ 129 صفحن تي 35 ڏند ڪٿائون آهن. ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“ به موجوده وقت نئين اضافي ڇاپي طور آن لائين موجود آهي، جنهن ۾ 46 آکاڻيون 161 صفحن تي آهن، جن ۾ ”پکين جو بادشاهه“، ”کيکڙو ۽ ڍڳي“، ”شينهن ۽ ٻڪري“، ”هيرن جو صوف“، ”مغرور بادشاهه“، ”جادوءَ جي ديڳڙي“ ۽ ٻيون دلچسپ ۽ سبق آموز آکاڻيون آهن. جنهن وقت ۾ ٻالڪ ادب پڙهڻ شروع ڪيم انهيءَ دور ۾ لاهور جي ڪن ڪتاب گهرن تان وي پي ٻارڻي ادب جا ڪتاب گهرائي خود پڙهيم ۽ ڪلاس جي دوستن کي به پڙهايم، جڏهن استاد محمد خان کي خبر پئي تڏهن هن گهڻي همت افزائي ڪئي ۽ خاص چيائين ته ”بابا اسڪول جا ڪتاب ته پڙهڻ ئي کپن، پر انهن کان علاوه آکاڻيون ۽ معلومات جا ڪتاب ۽ اخبارون به پڙهو“ پوءِ اهو شوق وڌندو ويو، پنهنجي انهيءَ محسن استاد کي اهو ڪتاب ارپيو اٿم. باقي ٻارن لاءِ لکيل منهنجو اڻ ڇپيل مواد ڪو خاص ڪونهي.
ٻارن کانسواءِ منهنجا وڏن لاءِ لکيل ڪتاب سنڌي ۽ اردوءَ ۾ گهڻا آهن، جن ۾ پهريون ڪتاب ”انا ميڪا“ بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو آهي. پهريون سفر نامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي، جنهن کي انهيءَ وقت پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان لاهور مان ايوارڊ مليو جو ان دور ۾ مون کي لکڻ لاءِ اُتساهڻ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو. پوءِ ته ڄڻ حياتيءَ جو هڪ ئي ڪم رهجي ويو ته لکڻو آهي ۽ پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻو آهي. سنڌيءَ ۾ سفر ناما تقريبن هڪ سئو تائين ٿي چڪا آهن ته اردو ڪتاب پڻ تيرهن کن آهن، اردو نصابي طور شروع ۾ ڪونه پڙهي هئم، پر پوءِ اڳيان هلي سکيس ۽ خاص طور ڪنهن منهنجي تحرير کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ”اُمت“ اخبار ۾ ڇپايو جنهن جي زبردست موٽ مون کي اردو ٻوليءَ ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو. اُمت جي ايڊيٽر رفيق افغان جي همت افزائيءَ سان آئون انهيءَ وقت جي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سفر جا احوال لکندو رهيس جن جا ڪتاب ”مين چلا ممباسا“، ”چلو چلين ہندستان“، ”ملائيشيا ڪي دن“ ۽ ٻيا آهن ته سنڌيءَ ۾ ”وايون وڻجارن جون“، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”سينگاپور ويندي ويندي“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ۽ ٻيا ڪافي ڪتاب آهن.
س 4: الطاف صاحب توهان جي خيال ۾ اڄ جو ٻار به مطالعي جو ايترو شوقين آهي، جيترو اڳ هو، اڄ جي ٻارن جي ادبي لاڙي تي پنهنجا ويچار ڄاڻايو؟
ج: ادي ٻار کي مطالعي ڏي موڙڻ ۾ وڏو هٿ اسڪول جي استادن، والدين هڪ جيڏن مطالعي وارن دوستن جي سنگت ۽ ماحول آهن، اڄ جي ماحول ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا سبب ٻارن ۾ مطالعي جي لاڙي ۾ ڪمي آئي آهي، پر هر جڳهه ساڳي ڳالهه ناهي. اڄ به آئون سمجهان ٿو جن ٻارن کي اهڙو ماحول ملي پيو اهي مطالعي کي اهميت ڏين پيا.
س 5: ڇا سنڌي ٻارن جي لاءِ ٻالڪ ادب جي ڇپيل مواد کي اطمينان جوڳو چئي سگهون ٿا؟
ج: نه اهو ته بلڪل نٿا چئي سگهون، انهيءَ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
س 6: ٻارن جي لاءِ ادب ۾ نظم يا نثر مان ڪهڙو ذريعو موثر آهي؟
ج: منهنجي خيال ۾ ٻئي ذريعا موثر آهن، ليکڪ کي ٻنهي ۾ لکڻ گهرجي، پر هر اديب شاعر نٿو هجي ان ڪري ليکڪ کي پنهنجي لکڻ لاءِ ۽ پنهنجي موقف کي اثرائتو پيش ڪرڻ لاءِ اظهار جو فارم خود چونڊڻو پوندو آهي، جيتري ٻالڪ شاعريءَ جي اهميت آهي، آئون سمجهان ٿو ايتري ئي نثر ۾ لکيل ڪهاڻين، ناولن، مضمونن، حڪايتن ۽ معلوماتي احوالن جي اهميت آهي، ٻار پنهنجي عمر ۽ سمجهه مطابق انهيءَ مان مطلب جا موتي حاصل ڪري ٿو.
س 7: سنڌ جي ٻالڪن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.
ج: ٻار نه فقط قوم جو پر انفرادي طور هر گهر جو وڏو سرمايو ۽ مستقبل آهن. منهنجو سندن لاءِ اهو پيغام آهي ته پنهنجي تعليم سان گڏ ادب ڏي به توجهه ڏين ۽ پڙهي پاڻ لکڻ جي به شروعات ڪن جنهن سان منجهن خود اعتمادي وڌندي. ادي پروين، توهان جي وڏي مهرباني جو هن انٽرويو سلسلي ذريعي مون کي سنڌ جي ٻارن سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو ڏنو.