مزاح ۽ ايڪشن سان ڀرپور پاڪستاني فلم ”نا معلوم افراد 2“ جو پهريون ٽريلر جاري
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مزاح، ايڪشن ۽ٿرل سان ڀرپور فلم نا معلوم افراد جو سيڪيوئل جلد وڏي اسڪرين تي هلچل مچائڻ لاءِ اچي رهيو آهي ، بلاڪ بسٽر فلم نا معلوم افراد افراد 2014 ۾ شاندار ڪاميابي ماڻي هئي. خوبصورت اداڪارا هانيه عمر به پهريون ڀيرو هيروئن طور اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. فلم جي ڪاسٽ ۾ جاويد شيخ، فهد مصطفيٰ، محسن عباس حيدر، عرواهه حسين، ڪبريٰ خان ۽ سلمان شاهد شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي جي شروعات اتان ئي ٿئي ٿي جتان پهرين فلم نا معلوم افراد ختم ٿي هئي. فلم ۾مداحن جي دلچسپي کي سامهون رکندي مزاح، سنسي ۽ ايڪشن کي ڪيمرا جي اک ۾ بند ڪيو ويو آهي. اها فلم عيد جي ڏهاڙي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.