احساس ڪمتري

پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ

اذيت پسندي جي انتها بت پرستي آهي، خودڪشي آهي يا ائبنارملٽي آهي. ڇو ته ان ۾ جبلت مرگ اڀريل هوندي آهي. ماڻهو پاڻ کي طاقتور ڏانهن منتقل ڪري پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي قوم تي ون يونٽ مڙهيو ويو. ان وقت دنيا تي ترقي پسندي جو راڄ تيزي سان ڦهلجي رهيو هو. سنڌي نوجوان پڙهائي ڏانهن راغب ٿي رهيو هو. مڊل ڪلاس ٺهڻ جي شروعات ٿي چڪي هئي. سنڌ جي تاريخ جو بهترين دور اهو هو جنهن ۾ سنڌ وڏيرن جي غلامي مان نڪري رهي هئي. سنڌ ۾ هڪ قومي وحدت ۾ جڙي رهي هئي، ذات پات جي چڪرن مان نڪري رهي هئي. ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر ڪرڻ لڳا، سنڌي نالا رکڻ لڳا. سنڌي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لڳا. اهو دور هو جڏهن پيپلزپارٽي ميدان تي آئي سنڌي ماڻهن کي سندن سرڪشي مان ڪڍي وري وڏيري جي حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي. جيڪڏهن ڀٽو صاحب چاهي ها ته ان وقت ملڪ جي لڪيل طاقت کي نروار ڪري سنڌي ماڻهن کي خود مختياري ڏياري ها رياست جي روايتي پاليسي کي بدلائي ڇڏي ها، پر ڀٽي صاحب ائين نه ڪيو. (انهيءَ موضوع تي جامي چانڊيي صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ تمام سٺو بحث ڪيو آهي) ڀٽي صاحب جي ان دور ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس ٺهڻ ۾ تيزي آئي. ماڻهن شهرن جو رخ ڪيو. شهرن ۾ محرومي جو احساس، دولت جي نمائش، وڏا عهدا، سرمائيدارن جا ٺٺ ڏسي نئين آيل سنڌي نوجوان جو احساس ڪمتري وڌڻ لڳو. ان وقت وجوديت جهڙي فلسفي ان نوجوان کي پنهنجي گود ۾ کڻي اذيت پسندي جي ٻاڙ کي پورو ڪيو. هڪ اڻ کٽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ نوجوان وکري رهيو هو. اها ئي شروعات هئي سنڌي ماڻهو ۾ ڪرپشن جي پيدا ٿيڻ جي. ساڳي وقت وڏيرن کي ڀٽي صاحب جي دور ۾ بي انتها ڪرپشن جا موقعا فراهم ڪيا ويا. آخر ڀٽي صاحٻ جي انت کانپوءِ پ پ سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون. ضياءُالحق جي دور ۾ سنڌي ماڻهو وڌ ۾ وڌ مايوسي ۽ بغاوت جي حالتن مان گذريو. هڪطرف ترقي پسند تحريڪ عروج تي هئي جنهن جي ڪک مان سنڌي پڙهيل نوجوان پيدا ٿي رهيو هو. ٻئي طرف جمهوريت کي هڪ آئيڊيل خواب سمجهي ماڻهو ان کي  پنهنجو آجپو سمجهي ويٺا.

آخر سي-130 سان گڏ سوويت يونين به ٽٽي ويو. هڪطرف سنڌي ماڻهن مٺايون ورهايون، ٻئي طرف هنن کي خبر نه هئي ته سوويت يونين جو ٽٽڻ سنڌ کي اونڌاهي واري دور ڏانهن وٺي وڃڻ جو ڀير تي پهريون ڏونڪو هو. نفسياتي طور ماڻهو وٽ جڏهن ڪجهه به ناهي ته هن وٽ احساس ڪمتري لاشعور ۾ کيس هيڻو ڪري ڇڏي ٿو. جنهنڪري وٽس مسڪيني، عاجزي ۽ اهڙا گڻ آهن جو ماڻهو کيس پيار ڏين، پنهنجو ڪن، پر جيئن هن وٽ طاقت ايندي هن وٽ انا اچي ويندي. هو ڦونڊجي هلندو. شيون ماڻهن کي ڏيکاري اهو پيو جتائيندو ته ماڻهو هاڻ مون کي مسڪين، غريب عاجز نه سمجهن مان به وڏو ماڻهو آهيان. اهو وقت ويو جڏهن اسان جتيون ڳنڍيندا هئاسين. جڏهن وڏيرو اسان جون مايون کڻندو هو. بلڪل ائين جيئن ملان اڄڪلهه ٽوپي نرڙ تي رکي هلي ٿو، پيجارو ۽ لينڊ ڪروزر ۾ گهمي ٿو ۽ کلي عام دهشتگردي ڪري ٿو، اهو جتائڻ چاهي ٿو ته اهو وقت ويو جڏهن اسان لولا پني کائيندا هئاسين.

اها ماڻهو جي نفسيات آهي ته هن وٽ جيئن طاقت ايندي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي وينديس. شهرن ۾ اسان جو مڊل ڪلاس ٺهڻ لڳو شهرن ۾ هنن جا ٻار پڙهڻ لڳا. ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيا. جيترو اسان جو ماڻهو پٺتي پيل ٻهراڙي مان، غربت مان نڪري آيو اوترو هن ۾ احساس ڪمتري وڌي ۽ اوتر ئي هو وري شين جي نمائش ڪرڻ  لڳو. اوترو ئي پاڻ کي پڏائڻ لڳو. جيترو گهٽ ذات وارو، ڪمي ڪاسبي، پورهئي ڪرڻ وارو غريب هو اوترو هن ۾ انا وڌي.

اهڙي طرح سرمائيداري سماج جو بنياد ئي شين جي نمائش تي رکيل آهي، سرمائيدار شين جي مشهوري ڪري ٿو خريد ڪريو ماڻهو وري شيون وٺي نمائش ڪري ٿو ته ڏسو مان اهي شيون خريد ڪري سگهان ٿو. ماڻهو جو بنيادto have  تي رکجي وڃي ٿو. ماڻهو اهو جيڪو خريدار هجي نه ته ماڻهو ناهي.

موجوده دور جنهن کي پوسٽ ماڊرن دور چيو وڃي ٿو اهو گلوبل وليج جو تصور کڻي آيو آهي. جنهن ۾ ماڻهو اهو جيڪو پاڻ کي ڪيش ڪرائي سگهي، پاڻ کي مکي چکي مارڪيٽ جو وکر بڻائي سگهي، بس اڳتي وڌڻو آهي، پوءِ ڇا به ڪجي. انهيءَ صورتحال ۾ ڪرپشن جي نئين شڪل متعارف ٿي. هزار ٻن، لکن جي ڪرپشن نه پر اربن ۽ کربن جي ڪرپشن ۽ روزانو ڪرپشن ڪرڻي آهي. ان لاءِ نوڪري، سياست کان وٺي هڪ گاڏي واري جي به ذهنيت اها ٺهي ته ماڻهو کي دوکو ڪيئن ڏجي ڪنهن جي کيسي مان پئسا ڪيئن ڪڍجن. مون اڳ چيو هو ته شروعات جو ڪوبه انت ناهي. مايا جي حصول جو ڪوبه ڇيهه ناهي. ماڻهو جي اندر جو خالي پڻو اوترو ظاهر ٿيو پوي. ماڻهو فقير ٿيو پوي. اها احساس ڪمتري موجود رهي ٿي. هاڻي اسان عالمن، دانشورن، اديبن شاعرن جي ڳالهه ڪنداسين.

اسان وٽ احساس ڪمتري زندگي جي هر ميدان تي موجود آهي، رڳو ڪوچڙن، ڪولهين، حجامن، ڪنڀارن جي ڳالهه ناهي انهن ته شهرن ۾ اچي پنهنجون ذاتيون مٽائي ڇڏيون هاڻي ته ذات ناهي ڏات، جيڪو ارب پتي سو ئي ڀلي ذات وارو. اسان وٽ پئسي وارو ماڻهو چاهي ته ذات مٽائي يا ٻه ذاتيون هڪ وقت سڏائي“ شينهن کي ڪير چوي ته تنهنجي منهن ۾ ڌپ”  سو اسان جا دانشور، اديب هڪ خطرناڪ احساس ڪمتري ۾ وٺجي ويا آهن. انسان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته هن جي سڃاڻپ ٿئي. هن کي ڪير تسليم ڪري. هر فنڪار جي فن کي تسليم ڪيو وڃي ته هن وٽ ڪاريگري آهي. چون ٿا اها خدائي صفت آهي. صوفي چون ٿا خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو پنهنجو ئي جلوو پي پسيائين ته جنبش جاڳيس ته سڃاڻجان ۽ پاڻ کي ڪائنات جي صورت ۾ ظاهر ڪيائين. سو انسان جي به اها ئي پَرِ آهي. ايستائين ته صحيح آهي ته پاڻ سڃاڻجان. پر سڃاڻجڻ ۾ مقابلو به ڪريان اها خدائي صفت ناهي. ڇو ته انسان خالي آهي اندر ۾ کوٽ اٿس، جيترو ان کوٽ کي ڀريندو اوترو اها کوٽ وڌندي اوترو خال وڌندو. ڇو ته مقابلو ڪرڻ مارڪيٽ جو ڪم آهي جڏهن فن مارڪيٽ جو وکر بڻجي وڃي ته پوءِ اهو فن نٿو رهي. اهڙي طرح فنڪار به مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ته ڪلا طوائف بڻجي وڃي ٿي. اهڙي طرح علم جو سلسلو  آهي ول ڊيورانٽ جي هن جملي کي آئون وري  ورجايان ٿو“علم جي شروعات حيراني کان ٿيندي آهي پر علم جو انت به حيراني تي ٿيندو آهي. پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي، پر اسان مان ڪوبه عرفانيت جي منزل تي نٿو پهچي، اسان وچ ۾ ٽٻيون هڻي پاڻ پڏائڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، ڇو ته اسان تي آفيسرن، دولت مندن ۽ وڏيرن جو رعب ويٺل آهي انهيءَ ڪري هاڻ اسان اهو رعب ٻين کي ڏيکارڻ ٿا چاهيون ته اسان به انهيءَ قابل آهيون جو رعب ڪريون. اسان جو اديب ڪوبه انهيءَ کان بچيل ناهي. هو سمجهن ٿا ته اسان ئي عقل ڪل آهيون. اسان ئي وڏا اديب، اسان جي تخليق به اعليٰ، اسان به اعليٰ، اسان جي تعريف ڪرڻ وارو به اعليٰ باقي سڀ اسان جا دشمن. اصل ۾ گهڻا ماڻهو پاڻ کي درست سمجهڻ ۽ ٻئي کي غلط قرار ڏيڻ  جا ماهر آهن. ان کان علاوه وڏو مسئلو اهو آهي ته هتي هر ماڻهو ٻئي کي مشورا ڏيڻ ۾ پورو آهي، هو سمجهي ٿو ٻيو نابالغ، جاهل يا انڌو آهي. اها سياست ۽ ڄنڊا پٽ سنڌ ۾ حد کان وڌي چڪي آهي. انهيءَ مسئلي تي هڪ دوست جو چوڻ هو ته اديب سماج ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونهي پر گوڙ ايترو ٿا ڪن جو لڳي ٿو سڄو سماج هنن جو آهي، بلڪل ائين آهي جو اديب اٽي ۾ لوڻ برابر ڪونهن پر گوڙ اهي نٿا ڪن هن شعبي ۾ نقلي، ڌنڌوڙي، جڳاڙي ۽ بي ضميرا ماڻهو چيچ وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿي پيا آهن، گوڙ انهن جو آهي. بلڪل ائين جيئن سماج جي ٻين شعبن ۾ نقلي ڊاڪٽر، نقلي سياستدان، نقلي انجنيئر مطلب ته سماج جي ذهني پسماندگي رڳو اديب تائين محدود ناهي. پاڻ کي صحيح سمجهڻ ٻئي کي غلط قرار ڏيڻ کي Paranoia چوندا آهن ته ماڻهو پاڻ کي حق سچ تي سمجهندو آهي باقي سڀني کي غلط سمجهندو آهي. کيس سدائين ٻين کان شڪايت هوندي آهي. جنهن جو بنيادي سبب احساس محرومي هوندو آهي، پر آهستي آهستي اهو احساس حوس ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هٻڇ ۽ حوس وڌڻ شروع ٿيندي آهي. ايتري حوس جو ماڻهو سڄي دنيا جو مالڪ ٿئي پر حوس پوري نه ٿيندي. سڪندر اعظم سڄي دنيا فتح ڪرڻ جو خواب کڻي نڪتو هو. نمرود پاڻ کي خدا سڏائي به بس نه ڪئي.

ڪيتريون ئي بيماريون انهيءَ احساس مان جنم وٺنديون آهن. جهڙوڪ ڊپريشن، شخصي سڃاڻپ جو بگڙجڻPersonality Disorder هيسٽيريا، خوف، احساس برتري پيدا ٿيڻ، ڏيکاءَ پرستي، گهڻو وڦلڻ، ڪا عضوياتي عادت، مثال اک ڦڙڪائڻ، بار بار مٿي تي هٿ گهمائڻ، ٽنگهه کي لوڏڻ، يا ٻي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مخصوص جسماني اشارا، وچ ۾ ڳالهائڻ، ان کان علاوهNarcissism  جي بيماري آهي جنهن ۾ ماڻهو سمجهندو آهي ته مون کان وڌيڪ نه ڪو خوبصورت آهي نه وري ڪو معتبر آهي. هن بيماري جو به سبب احساس ڪمتري آهي.

Schizophrenia (Living Nightmare)

هن بيماري جو به بنيادي سبب احساس ڪمتري آهي جنهن ۾ ماڻهو پاڻ پنهنجي شخصيت نه جيئندو آهي بلڪه ڪنهن ٻئي جي شخصيت جيئندو آهي. دراصل شيزو فرينيا ۾ ماڻهو ڪنهن به تصور يا ماڻهو کي پنهنجو آئيڊيل ٺاهيندو آهي پوءِ ان جي تصور، خواب يا شخصيت ۾ محو ٿي ويندو آهي. آهستي آهستي ماڻهو پاڻ تان هٿ کڻي ويندو آهي. تان جو هڪ ڏينهن هو انهن تصورن ۾ گم ٿي ويندو آهي. هو ڪنهن ٻئي جي زندگي جيئندو آهي. پاڻ کي وڃائي چڪو هوندو آهي. يعني حقيقت کان ڏور ٿي ويندو آهي پوءِ آهستي آهستي هن کيillusion  ۽delusion  ٿيڻ لڳندا هن کي شيون نظر اچڻ لڳنديون هن سان پاڇولا ۽ خواب ڳالهائيندا آهن. بلڪل سماجي شيزو فرينيا به ائين ٿيندي آهي ته ماڻهو پاڻ کي اهو سمجهڻ لڳندو آهي جيڪو هو هوندو ناهي. ٿي سگهي ٿو ماڻهو پاڻ کي وڏيرو سمجهي، پاڻ کي اداڪار سمجهي، ڪرڪيٽي سمجهي، وڏو اديب سمجهي، ڪوبه خيالي تصور به ماڻهو پاڻ تي حاوي ڪري سگهي ٿو. اسان جي سماج ۾ جڏهن کان ماڻهن وٽ رشوت جو پئسو آيو آهي ماڻهو پاڻ کي پنهنجي ئي ڪمتري مان نڪرڻ لاءِ انهن شين جي نمائش ڪرڻ ۽ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ لڳي ويا. اسان جي اديب وٽ دنيا جي وڏن اديبن جا تصور آهن مثال هر اديب جي ذهن ۾ سارتر ٿيڻ جي خواهش موجود آهي سارتر نه ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ سيمون ڊي بوائر کيس ضرور ملي، اهڙي طرح سنڌ جو هر اديب سارتر جهڙو ٿيڻ چاهي ٿو، سارتر جي فلسفي سان کيس دلچسپي هجي يا نه پر سارتر ۽ سيمون ڊي بوائر جي رشتي ۾ کين ضرور دلچسپي آهي. ڪو اديب ڪافڪا ٿيڻ ٿو چاهي، ڪو وليم بوروف بڻجڻ جي تياري ۾ آهي، ڪو وري دريدا ٿيڻ ٿو چاهي. ٻيو اديب وري فلمي هيرن وانگر نمبر ون ٿيڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو، اسان وٽ اهو بحث هلندو آهي ته شاهه لطيف کانپوءِ ڪير وڏو شاعر آهي؟ اسان وٽ نمبر جي گوءِ کڻڻ لاءِ هر اديب ٻئي کان وڏو اديب بڻجڻ لاءِ هڪ اڻ کٽ ڊوڙ ۾ شامل ٿيو وڃي. ڇو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ عهدن، ناماچاري، دولت، طاقت، اختيارن ۽ شين تي رکي آهي، پنهنجي ڪم، تخليق، شخصيت تي نه رکي آهي. ان کان علاوه منفي تنقيد جي ڪري ذاتي ساڙ ۽ حسد جنم ورتو آهي. هي سڄو سڃاڻپ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن جو اصل سبب انفراديت جو پيدا ٿيڻ ۽ اجتماعي سوچ جو ختم ٿيڻ آهي. ماڻهو پنهنجي ذات جي سڃاڻپ ٻئي کي گهٽ ڪرڻ ۾ ٻئي کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ڪرائي ٿو. هڪ سخت بيڪار مقابلي بازي ۾ ماڻهو پنهنجي طاقت ۽ وقت لڳائي ٿو. ان کانپوءِ ماڻهو عهدن، شين ۽ دولت سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اسان وٽ هزارين ڪتاب سال ۾ چپجن ٿا، جن تي چار پنج مقدمه لکايا وڃن ٿا. وري انهن تي ورڪشاپ  ٿين ٿا. پر سنڌ ۾ انهن جو اثر ڪوبه نظر نٿو اچي، ڇو ته اسان وٽ معيار جي بجاءِ مقدار کي اهميت ڏني وڃي ٿي. اڪثر ماڻهو اهو جتائيندا آهن ته سندن 20 ڪتاب لکيل آهن، پر سندن معيار تي ڪو نٿو ڳالهائي. اڪثر ماڻهو ڪتاب پڙهن نٿا. اعزازي ڪاپيون ورهايون وڃن ٿيون. انهن ڪتابن مان ڪيترو لاڀ مليو، اهو حساب ڪتاب نٿو ٿئي. ان کان علاوه اهڙو به طبقو آهي جيڪو هر ڳالهه مان عيب ڪڍي ٿو ۽ ٻين تي نڪته چيني ڪري پاڻ پڏائي ٿو. ادبي حلقي ۾ اهڙن ماڻهن جو خوف رهندو آهي. جنهن ڪري اهڙن ماڻهن کي خوش رکڻ ۾ گهڻا ماڻهو هٿ جوڙ ڪندا رهندا آهن يا وري مخالفت ۽ دشمني جي حد تائين ڳالهه وڌيو وڃي. پوءِ لابيون، حلقي بندي، پنهنجن ماڻهن کي ساراهڻ ٻين جي گلا ڪرڻ. اهڙي قسم جو ماحول پيدا ٿيو وڃي. انهيءَ پٺيان واپاري سماج جو ڪيترو هٿ آهي اهو اڃان الڳ بحث آهي. (پورو ٿيو)