ترقي پسند اديب، صحافي، نقاد، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رشيد ڀٽيءَ جو جنم 20 آگسٽ 1933ع تي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ اروڙ لڳ روهڙي سکر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم سکر ۽ پوءِ خيرپور ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ سکر جو مشهور وڪيل ٿيو، ادب ۾ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور سڃاڻپ اٿس، 1950ع کان لکڻ شروع ڪيائين، طبيعت ۾ ظرافت جو عنصر هئس. مزاحيه تحريرن ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سچو ۽ اصولي ماڻهو هو سندس ادبي رهنمائي مولوي عبدالواحد معرفت ٿي ته سنگت ۾ رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، شيخ حفيظ، نور الدين سرڪي، اياز قادري، خواجه سليم، احسان بدوي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر هئا. “نئين زندگي” رسالو ڀٽيءَ جي لکڻين جو اهم پليٽ فارم هو، جنهن جو هُو مستقل لکندڙ هو، پاڻ “نئين سنڌ” ڪراچي ۽ “الوحيد” ڪراچي جو ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو ته “پرهه ڦٽي” رسالي جو پڻ ايڊيٽر هو. 1970ع ۾ ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ادارن جو ميمبر هو. صحافت ۾ سندس خدمتون اهم آهن، رشيد ڀٽيءَ جو والد سکر مان “المنار” اخبار ڪڍندو هو. المنار پريس مان ٻيا پڻ رسالا نڪرندا هئا. جتي پڻ سندس اديبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ايئن هن اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو. مستقل ڪالم لکيا جي هلال پاڪستان، عبرت، هفتيوار برسات ۽ ٻين ۾ ڇپبا هئا. سياست ۾ پڻ سرگرم هو، هُن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته عوامي ليگ سنڌ جو به اهم ڪارڪن رهيو، 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ 9 مهينا جيل ڪاٽيائين، سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو.