بلاگنئون

رشيد ڀٽيءَ جي فن تي هڪ نظر

ترقي پسند اديب، صحافي، نقاد، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رشيد ڀٽيءَ جو جنم 20 آگسٽ 1933ع تي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ اروڙ لڳ روهڙي سکر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم سکر ۽ پوءِ خيرپور ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ سکر جو مشهور وڪيل ٿيو، ادب ۾ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور سڃاڻپ اٿس، 1950ع کان لکڻ شروع ڪيائين، طبيعت ۾ ظرافت جو عنصر هئس. مزاحيه تحريرن ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سچو ۽ اصولي ماڻهو هو سندس ادبي رهنمائي مولوي عبدالواحد معرفت ٿي ته سنگت ۾ رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، شيخ حفيظ، نور الدين سرڪي، اياز قادري، خواجه سليم، احسان بدوي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر هئا. “نئين زندگي” رسالو ڀٽيءَ جي لکڻين جو اهم پليٽ فارم هو، جنهن جو هُو مستقل لکندڙ هو، پاڻ “نئين سنڌ” ڪراچي ۽ “الوحيد” ڪراچي جو ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو ته “پرهه ڦٽي” رسالي جو پڻ ايڊيٽر هو.  1970ع ۾ ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ادارن جو ميمبر هو. صحافت ۾ سندس خدمتون اهم آهن، رشيد ڀٽيءَ جو والد سکر مان “المنار” اخبار ڪڍندو هو. المنار پريس مان ٻيا پڻ رسالا نڪرندا هئا. جتي پڻ سندس اديبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ايئن هن اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو. مستقل ڪالم لکيا جي هلال پاڪستان، عبرت، هفتيوار برسات ۽ ٻين ۾ ڇپبا هئا. سياست ۾ پڻ سرگرم هو، هُن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته عوامي ليگ سنڌ جو به اهم ڪارڪن رهيو، 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ 9 مهينا جيل ڪاٽيائين، سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو.

يار ويس طبيعت جو رشيد ڀٽي ڪيترن ئي دوستن جو دِل گهريو دوست هو. رباني آگرو سندس لاءِ لکي ٿو ته “قدرت جي انسان تي اها وڏي نعمت آهي ته جيڪي زندگيءَ ۾ سندس يار هجن، سي موت کانپوءِ به ساڻس پاڻ نڀائين،  ڀٽي ان معنيٰ ۾ قدرت جو نوازيل روح هو.” اڳيان لکي ٿو ته “سنڌ جو محب وطن، سچ جو سپاهي، مظلوم جو حمايتي، نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاحيه نگار هو، پر مون سان فقط سندس هڪ ئي نسبت هئي ته ڀٽي منهنجو يار هو“ (1)

رشيد ڀٽي ڪيترائي اصلوڪا، ترجمو، ترتيب ۽ تاليف ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا جن ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ 1963ع، “عاشق زهر پياڪ” ( 1968ع ڊرامو)، “سچ جو فلسفو”، “پاپ ۽ پيڙا” (ناول)، “دنيا جا عظيم افسانا” 1966ع، “ويرن جي وسندي”، “جڏهن جُهوڪ جُهريو”، “آڏي ڍال مَ ڍار” 1966ع، “خط، تقريرون، انٽرويو” (شيخ اياز)، “سياري جي رات” (افسانوي مجموعو) “چتر ليکا” (ناول) ۽ ٻيا ڪتاب آهن،  گهڙيءَ گهڙيءَ هِڪ گهاءُ، ڀٽيءَ جي افسانوي مجموعي جو عنوان تنوير عباسيءَ جي گيت، گهڙي گهڙي گهاءُ، آءُ پرين تون آءُ، مان ورتل آهي، جنهن کي جون 1963ع ۾ المنار پرنٽنگ پريس ۽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ سکر مان آفاق صديقيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو، ڪتاب ۾ ڪل 9 افسانا آهن.

ديمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ آيل افسانن جا عنوان، “بڻ”، “ڀاڄوڪڙ”، “اوسيئڙو”، “ميرل”، “خداداد”، “علامه ظهير”، “هڪ رپئي جو نوٽ”، “ڍؤ بنا ڍوليا”، “هر تمنا” “زندگيءَ کان انتقام” آهن، پيش لفظ شيخ اياز ۽ مهاڳ  جمال ابڙي لکيو آهي. “رشيد ڀٽيءَ جي ماٺيڻي طبيعت جي تحت، مئي متي مهراڻ جون ڇوليون ۽ لڙ لهرون آهن، سندس طنز ۾ پيار ۽ سندس مُرڪ ۾ لڙڪ آهن، هن اکرن ۾ جان ڀري آهي، جن ۾ ساهه آهي، جن ۾ رنگ آهي، منجهن ۾ سندس حساس ۽ ڪومل دليءَ جو نچوڙ آهي.” (2)

“بُڻ” ڪهاڻي انساني بي رحميءَ جو مڪمل عڪس آهي، وڏيرو بڻائتي ڪُتي بچائڻ ٿو چاهي، سوئر ۽ ڪتي جي ويڙهه ۾ مينهل کي سوئر جي مقابلي تي موڪلي ٿو جو سندس چوڻ تي اڳ به سوئر ماري چُڪو هو، پر هن دفعي سندس ماءُ کيس جهليو هو جو چنڊ تي گُلان سان وهانءُ هئس ۽ ماءُ جي آس ٽوڙڻ نٿي چاهيائين. وڏيري جي ڌمڪين تي مجبور ٿي سوئر کي مارڻ ۽ ڪتي بچائڻ لاءِ ڪانن جي ٻوڙن ۾ ڪاهي پيو، سوئر ماري مرڻينگ ٿي ٻاهر آيو ۽ جان ڏنائين ۽ وڏيرو بي پرواهه ٿي ڪتيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ پورو هو هيءَ ڪهاڻي وڏيرڪي سماج تي ڀرپور چوٽ آهي، اهڙيءَ ريت ٻيون ڪهاڻيون به سنڌي سماج جي مختلف مسئلن ۽ ماحول جي نشاندهي ڪن پيون، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ۽ موضوعن جي چونڊ وڻندڙ آهي.

ترقي پسند فڪر ۽ قومي فڪر جو نگهبان ٿي هن هڪ ذميوار ۽ باشعور ليکڪ جيان اهم سماجي مسئلن کي اثرائتي ڪردار نگاريءَ ۽ مڪالمن سان آندو، مزاح جو  عنصر تحريرن ۾ هوندي به مجموعي طور سندس مقصديت متاثر ماڻهوءَ جي درد ۽  ڀوڳنا کي نمايان ڪرڻ آهي.

اوڀاريون لهواريون: رشيد ڀٽيءَ جي ادبي ميڙن ۾ ڪيل تقريرن تي مشتمل ڪتاب آهي، جو سنڌي ادب اڪيڊمي 1985ع ۾ شايع ڪيو، جو ماهتاب محبوب جي ڪتابن “جيءَ جهروڪا”، “اندر جنين اڃ” ۽ “مٺي مراد” ذوالفقار سيال جي ڪتاب “ڳاڙها هٿ، پيلا چهرا”، حميد سنڌيءَ جي ڪتاب “ويريون” ۽ پنهنجي ڪتاب چتر ليکا جي مهورتي تقريبن ۾ پڙهيل پيپرز تي مبني آهي، جنهن ۾ ڀٽيءَ نه فقط انهن ڪتابن بابت لکيو، پر ليکڪن جي شخصي گڻن کي به ڄاڻايو مزاحيه، سنجيده ۽ ادبي انداز ۾ اهي تحريرون دلپسند آهن، لکي ٿو ته، “گذريل سياري کان يار حميد چوندو پئي آيو ته سندن ڪتاب جي افتتاحي تقريب ۾ ضرور اچان ۽ اُت ڳالهايان به، تيارين ڪندي ڪندي ئي اچي اونهارو ڪڙڪيو سکر جو اونهارو! الله جي امان! خدا دشمنن کي به نه ڏيکاري! لکنداسين ته پني تي پين جي نب مان مَس وهي هلڻ کان اڳ آڱرين مان پگهر ٽمي ڳڙندو، پر واعدو ڪري ويٺو هئس سو اچڻو هو، آڱرين کي مَسَ چٽا ويڙهي تقرير تيار ڪيم ۽ اڄ اها کڻي اوهان جي آڏو اچي بيٺو آهيان.” (3)

رشيد ڀٽيءَ جي طنز مزاح واري فن جي باري ۾ عبداللطيف انصاري لکي ٿو ته، “هو اعليٰ قسم جو طنز ۽ مزاح جو ليکڪ هو سطحي ۽ غير معياري طنز سندس لغت ۾ نه آهي هن طنز ۽ مزاح کي ايترو ته دلڪش، پُر اثر ۽ عالماڻو بڻايو، جيڪو سنڌي ادب جي ٻئي ڪنهن اديب وٽ نٿو ملي.” (4)، رشيد ڀٽيءَ  پنهنجي لکڻين ۾ نظرياتي ليکڪ هو، قومي ۽ انقلابي تحريڪن جو سندس لکڻين تي گهڻو اثر اهي، هن سوين مضمون ادب، تاريخ، سياست ۽ ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي لکيا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي مشهور ٿيا. جا ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون شاعري ۽ ٻيو تخليقي ڪم سنڌي ادب جو سرمايو آهي، هن 16 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي.

حوالا:

آگرو، رباني، “جهڙا گل گلاب جا”، سنڌي  ادبي بورڊ 1991ع، صه، 603.

ابڙو جمال/رشيد ڀٽي، “گهڙيءَ گهڙيءَ گهاءُ”، المنار پريس، سکر، 1963ع صه، 21.

رشيد ڀٽي، “اوڀاريون لهواريون”، سنڌي ادبي اڪيڊمي، مارچ، 1985، صه67.

انصاري، عبداللطيف، “سنڌي طنز و مزاح واري ادب ۾ رشيد ڀٽي جو ڪردار” ڪلاچي تحقيقي جرنل، ڪراچي يونيورسٽي، 2018، صه، 135.