چترال ۾ تازو ٿيل آءِ بيڪس ٽرافي هنٽنگ، جتي هڪ 81 سالا آمريڪي شڪاري ساڍا ست ڪروڙ رپيا خرچ ڪري هڪ آءِ بيڪس جو شڪار ڪيو، وڏن تڪرارن کي جنم ڏنو آهي. اهڙيون سرگرميون گهڻو ڪري اھو جواز پيش ڪيون وينديون آهن ته ان شڪار مان حاصل ٿيندڙ رقم جانورن جي نسلي نشو نما، تحفظ ۽ مقامي ابادرين ۽ برادرين جي ترقي ۽ تعليم لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پر هي دعويٰ ڪيترن ئي پاسن کان سوالن جو شڪار آهي.
تاريخي طور، گلگت بلتستان ۽ چترال جهڙن علائقن ۾ ٽرافي هنٽنگ هڪ ضابطي واري طريقي سان شروعات ڪئي وئي، جنهن جو مقصد جنگلي حيات جي تحفظ لاءِ ڪميونٽيز کي متحرڪ ڪرڻ هو. آمدني جو 80 سيڪڙو مقامي برادرين کي ڏنو ويندو آهي ته جيئن اهي آءِ بيڪس ۽ مارخور جهڙن قيمتي جاندارن کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪن. رپورٽن مطابق، ان ماڊل جي مدد سان انهن نسلن جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ان رقم مان مقامي منصوبن جهڙوڪ: اسڪالرشپ، مهمان خانن ۽ ٻين سماجي فائدن لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي، پر اخلاقي ۽ ماحولي اثرن جي ڪري ٽرافي هنٽنگ خلاف مخالفت وڌندي پئي وڃي. نقادن جو چوڻ آهي ته وڏن ۽ بالغ نر آءِ بيڪس جو شڪار نسلن جي تنوع ۽ صحت لاءِ نقصانڪار آهي. ان کان علاوه، جنگلي حيات کي مارڻ کي تحفظ جي نالي تي وڌاءُ ڏيڻ تمام گهڻن ماڻهن لاءِ غير مقبول آهي. ان جي بدلي ۾، جنگلي حيات سان پيار ۽ سياحت جهڙي متبادل طريقي کي همٿائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪو جاندارن کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ انهن جي خوبصورتي کي اجاگر ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ۾، چترال ۾ مقامي ماڻهن کي گهٽ قيمت تي پرمٽ جاري ڪرڻ سبب مخالفت وڌي رهي آهي. مقامي برادرين محسوس ڪن ٿيون ته انهن کي فيصلن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ اهي پريشان آهن ته اهڙيون سرگرميون جنگلي حيات جي وڌندڙ استحصال جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرمٽ جي ورڇ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ آمدني جي برابر تقسيم جي ضرورت آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾، ٽرافي هنٽنگ خلاف مضبوط قدمن کڻڻ جا مثال موجود آهن. ڪينيا 1977 ۾ ٽرافي هنٽنگ تي پابندي لڳائي ۽ جنگلي حيات جي سياحت کي فروغ ڏنو، جيڪو اھڙن ناپيد جانورن جي نسل ڪشي کان بچائڻ لاءِ وڏو ذريعو بڻيو. اهڙيءَ طرح، ڪيترائي ماهر اهو مشورو ڏين ٿا ته اھڙن جانورن جي ناياب نسلن جي واڌ ويجهه لاءِ سندن رهائشي علائقي کي ڪاروباري نه پر ماحول دوست سياحن لاءِ موزون بڻائجي ۽ غير قانوني شڪار جي روڪٿام جي لاءِ موثر قانوني طريقن تي ڌيان ڏنو وڃي.
جيڪڏهن ڪو انسان آءِ بيڪس جهڙي شاندار ناياب جاندارن سان محبت ڪري ٿو ته بهترين طريقو اهو آهي ته اوھان ھن خوبصورت جانور جي نسلي تحفظ جي منصوبن کي سپورٽ ڪيو وڃي، جيڪي ماحول دوست سياحت ۽ تفريح جي پروگرامن کي ترجيح ڏيندڙ ھجن. ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاھي ڏيڻ، پاليسي ۾ تبديليون آڻڻ ۽ مقامي ڪميونٽي جي اڳواڻي ۾ ڪوششن کي سپورٽ ڪرڻ سان هي عظيم نسل ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ٿي سگهي ٿو. جنگلي حيات کي مارڻ بدران، اسان کي انهن سان محبت ۽ بقا جي جذبي سان رهڻ گهرجي.