شهباز حڪومت نيٺ پي ٽي آءِ کي ماري مڃائي ڳالهين جي ميز تي آندو ۽ عمران خان هٿيار ڦٽا ڪري يوٽرن ڏيئي سرڪار سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون گذريل ڪالم ۾ واضح چيو هو ته پاڪستان ۾ مفاهمت واري سياست ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي انڪري پي ٽي آءِ کي شدت پسندي ڇڏي پنهنجي پارٽي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي ۽ عوام کين پارليامينٽ ۾ جن مسئلن جي حل لاءِ موڪليو آهي، اهي معاملا پارليامينٽ ۾ ئي حل ڪيا وڃن يا وري ڪجهه وقت لاءِ خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي.
گذريل ڏينهن ميڊيا تي خبر ملي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن ۽ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪا هڪ سٺي خبر آهي. ان خبر جي تفصيل موجب اسپيڪر اياز صادق جو گهر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطن جو مرڪز بڻجي ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي اياز صادق سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ٿي گذري، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف اسپيڪر اياز صادق سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي، ذريعن موجب اياز صادق جي گهر ۾ وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۾ پڻ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران رابطن ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اسد قيصر حڪومت جي ڳالهين واري ڪاميٽي جي حوالي سان تفصيل معلوم ڪيا، ان بعد پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪاميٽي اياز صادق سان اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ڪاميٽي ۾ بئرسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ صاحبزاده حامد رضا شامل هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون جو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ به ملاقات ۾ موجود هو، جنهن ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال تي اتفاق ڪري ورتو آهي، اهي ڳالهيون بنا ڪنهن اڳواٽ شرط جي شروع ڪيون وينديون، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اسپيڪر پاران ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي جيڪا پي ٽي آءِ قبولي ورتي آهي، ذريعن موجب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران مذاڪراتي ڪاميٽي لاءِ نالا تجويز ڪيا ويندا، ڳالهين جو مقصد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ موجوده وقت ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ آهي، انهيءَ صورتحال کي مدنظر رکندي تجزيا نگارن موجب هاڻي پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ اڳواٽ پيش ڪيل مطالبن تان پڻ هٿ کڻي وئي آهي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر واقعن تي عدالتي ڪميشن چاهي ٿي. پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪاميٽي ۾ شامل سني اتحاد سربراهه صاحبزاده حامد رضا جو چوڻ آهي ته حڪومت جيڪڏهن پهريان ڪا قابل عمل شيءِ آڻي هان ته ڳالهيون ٿي پئي سگهيون ۽ هاڻ به حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ جي ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جڙيل آهي، جيڪو چاهي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪاميٽي هر ڪنهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ان لاءِ اسان سنجيده ۽ سينئر ماڻهن تي ڪاميٽي جوڙي آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته مفاهمت جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي آهي، سياست ۾ ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو هوندو آهي، انتشار سان معاملا ڳنڀير ٿيندا آهن، جڏهن ته وزير اطلاعات عطا تارڙ ان ملاقات کان لاتعلقي اختيار ڪندي چيو ته اسپيڪر جي گهر وزيراعظم ۽ اسد قيصر ۾ ملاقات ناهي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف اياز صادق سان گهر تعزيت ڪرڻ ويو هو ان وقت اسد قيصر موجود نه هو، هن چيو ته ڳالهين واري ڪاميٽي فعال ناهي، باقي غير رسمي ملاقاتون ٿي رهيون آهن، اسپيڪر هائوس ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، اڃان تائين رابطا بحال ناهن ٿيا، باضابطه طور ڳالهيون شروع ناهن ٿيون. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي آڇ کانپوءِ حڪمران اتحاد اڃان تائين ڳالهين واري ڪاميٽي ناهي جوڙي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ڪاميٽي يا ڳالهين کان اڳ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ نواز ليگ اڳواڻ نواز شريف سان مشاورت ڪئي ويندي، ڳالهين لاءِ رابطي کانپوءِ اسپيڪر جي ئي ڪاميٽي ڪم ڪندي. وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اسپيڪر ماضي ۾ به ساڳين ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ٺاهي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان کانسواءِ نه ڳالهيون ٿينديون ۽ نه ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. حڪومتي ذريعن موجب ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ پ پ سان ڳالهين کان اڳ مشاورت جي خاطري ڪرائي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته اسان ڳالهين لاءِ ڪوبه باضابطا رابطو ناهي ڪيو. مطلب ته سيارو ايندي ئي سياسي پارو (برف) سرد ٿيڻ لڳو آهي هونئن به سياست ملڪ ۽ قوم جي مفاد لاءِ ڪبي آهي ۽ ان لاءِ ڪابه ڳالهه آخري نه هوندي آهي، جيئن حڪومت کي هلائڻ لاءِ هر پارٽيءَ کي اهميت ڏيڻ لازم آهي تيئن حزب اختلاف کي به لچڪ ڏيکارڻ ضروري آهي. عمران خان کي حڪومت جي کليل آڇ کي فوري طور قبول ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هن وقت عمران خان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان دوبدو جهيڙو ڪري پنهنجي لاءِ مصيبتون پيدا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سندس سڀ وزير پنهنجي پارٽي پاليسيءَ سان به اتفاق نه پيا ڪن ان ڪري سندس پارٽيءَ کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي۔ جيڪڏهن حڪومت ڳالهين جا دروازا کوليا آهن ته پي ٽي آءِ کي ان مان فوري طور فائدو وٺڻ گهرجي ۽ مفاهمتي پاليسيءَ سبب ملڪ اندر هلندڙ ڇڪتاڻ جو خاتمو اچي ويندو ۽ خود عمران خان کلئي ميدان تي پنهنجي سياست ڪري سگهندو.