ايڊيٽوريلنئون

جبلن جو عالمي ڏينهن

            جبلن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي دنيا ماحول ۽ موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن اهو بيان جبلن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اسين ماحول جو تحفظ ڪنداسين. موسمياتي تبديلين سڄي دنيا جي ماحول کي هڪ طرح سان بدلائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري موسمياتي تبديلين جو اثر ملڪن ۽ سماجن تي پئجي رهيو آهي. اسانجي وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن کي پنهنجي ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پوندا ته جيئن ماحولياتي تبديلي جا نقصان ملڪ تي گهٽ کان گهٽ پون، موسمياتي تبديلين جي ڪري صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ائين اسانجي زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ به اهي موسمياتي تبديليون اثر پذير ٿين ٿيون. عام مشاهدي ۾ آهي ته اسان وٽ سرديون ۽ گرميون مهينو ٻه اڳيان پٺيان آهن. انهيءَ ڪري وفاقي زرعي وزارت ۽ صوبائي زرعي وزارتن ۽ ملڪ جون زرعي يونيورسٽيون ۽ زرعي ماهر تحقيق ڪري فصلن جا نوان ڪئلينڊر متعارف ڪرائين، جيئن زراعت جي شعبي ۾ وڌ ۾ وڌ آمدني حاصل ڪري سگهجي.

            اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته زراعت سان لاڳاپيل اسانجي آبادي 64 سيڪڙو کان مٿي آهي. اسانکي پنهنجي آبادگارن جو خيال ڪرڻو پوندو، انهن جي رهنمائي ڪرڻي پوندي. جيئن اسين اناج ۾ پاڻڀرا ٿي سگهون ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جتان اسان کي گوشت ۽ کير ملي ٿو ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي جو اسانجي جي ڊي پي ۾ اهم حصو آهي ۽ اناج، گوشت ۽ کير اسين برآمد ڪري بين الاقوامي ناڻو ڪمائي رهيا آهيون. زراعت جي شعبي تي موسمياتي اثر ۽ ماحول جي تبديلي جو ناڪاري اثر نه پوڻ کپي، ڇاڪاڻ جو اسانجي ترقي جو بنياد زراعتي شعبو آهي. ائين ٻين شعبن ۾ صنعت، صحت، تعليم جا به نوان پروگرام ماحول جي تبديلي مطابق جوڙڻ گهرجن. جبلن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ملهائي رهي آهي ۽ اسانجي وزيراعظم به جبلن جي عالمي ڏينهن تي ماحول ۽ موسمياتي تبديلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ هن خاص طور تي پاڪستان جي جبلن جي جيڪا دنيا آهي، انهيءَ تي ڳالهايو آهي. اسين هتي جبلن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ملڪ جي وزيراعظم جو ڌيان ڇڪائينداسين ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت ڪارونجهر جبل جي حفاظت کي يقيني بڻائي ۽ ان جي ڪٽائي جي عمل تي هميشه لاءِ پابندي لڳائي وڃي. جبل، ٻيلا، نديون اسانجون فطري ملڪيتون آهن ۽ اسانجي ملڪ جي ماڻهن جون زندگيون انهن تي بنياد رکن ٿيون. ندين جا وهڪرا اسانجي پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زرعي پاڻي تائين جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اسانجو فطري ماحول تمام گهڻو شاندار آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ماحول کي بهتر ڪريون ۽ پنهنجي سماج کي پرامن ڪريون، جيئن اسانجي فطري ماحول ۾ سياحت ممڪن ٿي سگهي. ملڪ جا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪن جا سياح جيڪڏهن اسانجي ملڪ جي سياحت ڪن ٿا ته اسان کي ڳچ بين الاقوامي ناڻو ملي سگهي ٿو.

            اسانجي ملڪ جو فطري لينڊ اسڪيپ ايترو ته خوبصورت آهي جو دنيا جو ڪوبه ملڪ ان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ڪارونجهر کان وٺي اسانجي شمالي علائقن تائين فطرت جي سونهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ اسانجي شمالي علائقن جي موسم گرم ڏينهن ۾ به فرحت ڏيندڙ آهي. انهيءَ ڪري اسان کي سياحت دوست ماحول جي ضرورت آهي. جبلن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسين اها ڳالهه فخر سان چئي سگهون ٿا ته دنيا جي جبلن کي واٽر ٽاور چيو ويندو آهي ۽ هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته سنڌو درياهه به هماليه جبل جي چوٽين تان وهي سنڌ جي ڏاکڻي علائقي کان ٿيندو سمنڊ تائين وڃي ٿو. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دنيا جي 16 بلند ترين جبلن مان 8 جبل پاڪستان ۾ آهن، ڪي. ٽو جيڪا دنيا جي ٻي بلند چوٽي آهي ۽ نانگاپربت دنيا جي 9 بلند ترين چوٽي آهي، جبلن ۾ اسين شاهوڪار آهيون ۽ وزيراعظم جي انهيءَ سٽ ۾ تمام گهڻي معنيٰ آهي ته: اسين عالمي برادري سان گڏجي ڌرتي تي جبلن ۽ ان سان لاڳاپيل لکين ماڻهن جون زندگيون جيڪي هن شاندار منظر سان ڳنڍيل آهن. اسين انهن جي زندگين لاءِ ڪوشش ڪنداسين ته بهتر ماحول کي پيدا ڪريون.