پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين) هاڻي عارف حبيب ڪنسورشيم جو اثاثو بڻجي چڪي آهي. 23 ڊسمبر 2025 تي پي آءِ اي کي خانگائڻ جي لاءِ ٻوليءَ جو عمل پورو ٿيو ۽ عارف حبيب ڪنسورشيم ان جا 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪري ان جو مالڪ بڻجي ويو آهي. جنهن سان فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني به گڏ آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اها پاڪستان جي قومي ايئرلائين جنهن ايئر امارات جي ٺهڻ ۾ مدد ڪئي. پنهنجا ٻه جهاز ان کي ليز تي ڏنا، امارات جي پائيلٽن، ڪئبن ڪرو ۽ گرائونڊ اسٽاف جي ڪراچيءَ ۾ تربيت ڪئي. ايستائين جو امارات جي پهرين پرواز به پي آءِ اي جي عملي جي نگرانيءَ ۾ اڏامي. سينگاپور ايئر لائين اڄ دنيا جي پهرين نمبر ايئرلائين سمجهي وڃي ٿي. ان جي شروعاتي ڏينهن ۾ پي آءِ اي جي ماهرن اتي وڃي انهن جي آپريشنل ۽ مئنيجمينٽ سسٽم کي تربيت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. 1970ع ۾ مالٽا جي قومي ايئرلائين قائم ڪرڻ ۾ پي آءِ اي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. يمن جي قومي ايئرلائين جي پائيلٽن ۽ انجنيئرن جي وڏي انگ کي پي آءِ اي جي اڪيڊمي ۾ تربيت ڏني وئي. اهو ئي سبب هو جو ڪراچي ايئرپورٽ ان وقت ايشيا جو اهم ترين حب هو.
هن وقت پاڪستان ۾ ڪيترائي سرڪاري ادارا پنهنجي خراب ڪارڪردگي جي ڪري ان حد تائين پهچي ويا آهن، جو اهي مستقبل ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن پرائيويٽ اداري جي ملڪيت ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته اتي ڪم ڪندڙ انتظاميه ۽ ٻيا سڀئي ورڪر ايمانداري سان پنهنجن پنهنجن ادارن کي هلائين ته جيئن عوام جا ادارا عوام جي هٿن ۾ رهن، پر اهو چوڻ ته تمام سولو آهي، ان تي عمل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. پي آئي اي جو هڪ خانگي شعبي جي هٿ ور چڙهي وڃڻ يا پرائيويٽائز ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي آئي اي هن وقت حڪومت جي مٿان هڪ مالي بار بڻجي ويو هو. خبر ناهي ته بار بڻجي ويو هو يا ان کي بار بڻايو ويو هو ۽ هاڻي حڪومت جي مٿان اهو بار گهٽجي ويو آهي. حڪومتون چاهين ها ته ان کي بهتر پلاننگ سان هڪ ڪامياب ايئرلائن جي طور تي هلائي پي سگهيون، پر ان جي لاءِ ايئرلائن ۾ ڪم ڪندڙ هر ورڪر جي به ضرورت هئي، جيڪا شايد نه ملي سگهي. هاڻي يقينن پي آئي اي هڪ ڪامياب ايئرلائن جي طور تي مستقبل ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪندي ۽ خدمتون آڇيندي نظر ايندي ۽ حبيب گروپ آف ڪنسورشيم ان مان تمام گهڻو نفعو ڪمائيندو. سٺو ٿئي ها ته ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڏنو وڃي ها، جنهن سان حڪومت وٽ گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو شيئرز جي ملڪيت هجڻ گهرجي ها ته جيئن ان جي قومي مفادن جو تحفظ ٿي سگهي ها، پر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته هن وقت جيڪي 25 سيڪڙو شيئرز به حڪومت وٽ آهن، اهي 25 سيڪڙو شيئرز به مستقبل ۾ حبيب گروپ آف ڪنسورشيم خريد ڪرڻ جو اهل ٿي سگهي ٿو. ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ حڪومت پي آئي اي مان پنهنجا هٿ آجا ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هجي. جڏهن ته پي آئي اي جا ڪيترائي اثاثا جن جي ماليت اربين رپين جي آهي، اهي به حبيب گروپ آف ڪمپنيز جي ملڪيت ۾ اچي ويندا.
حبيب گروپ آف ڪنسورشيم ڪنهن به طريقي سان نقصان ۾ ناهي ويو. ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن جي لاءِ هي تمام فائدي وارو سودو آهي، پر يقينن پي آئي اي جا ڪجهه قرض به هئا، جيڪي هن ڪمپني کي چڪائڻا پوندا. جيڪڏهن هن ايئرلائن کي 100 سيڪڙو سچائي سان، ايمانداري، ميرٽ ۽ پيشه وراڻي مهارتن سان هلايو وڃي ها ته اڄ هيءَ ايئرلائن پاڪستان لاءِ بار بڻجڻ بدران، ملڪي معيشت جو سڀ کان وڏو مضبوط ٿنڀو هجي ها ۽ پوءِ پاڪستان کي آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ يا هر سال ڏيوالپڻي جو خوف به نه رهي ها ۽ پنهنجي ملڪي پاليسين ٺاهڻ وقت ٻين ملڪن جو دٻاءُ به برداشت نه ڪرڻو پوي ها، پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسانجي حڪومتن ۾ ويٺل اهي سڀئي دماغ جيڪي هن ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪن ٿا. انهن کي ملڪ جي ترقيءَ جي لاءِ ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه ٿي اچي. هي ايئر لائن راتو رات يقينن تباهه نه ٿي هوندي، ان جي پويان گهرا سماجي، سياسي ۽ انتظامي سبب هوندا. جنهن ۾ سڀ کان وڏو سبب سياسي مداخلت ۽ سفارشي ڪلچر هو. جنهن جي سبب سياسي يونينز ٺهيون ۽ اهي ايتريون طاقتور ٿي ويون جو انتظاميه لاءِ ڪوبه سخت ۽ ايمانداراڻو فيصلو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو. ان کانسواءِ هر اداري وانگر هن اداري ۾ به احتساب نه هجڻ جي برابر هو. جنهن جي ڪري پي آئي اي ۾ وڏن مالي اسڪينڊلن، جهازن جي پرزن جي چوري ٿيڻ ۽ غلط خريداري جي باوجود ذميوارن کي عبرتناڪ سزائون نه ڏنيون ويون. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هيڏي وڏي ايئرلائن جنهن دنيا جي ٻين ايئرلائنن کي جوڙيو ان جي تباهيءَ ۾ هڪڙو سبب اهو به هو ته ان جا سربراهه ميرٽ بدران سياسي وفادارين يا طاقت جي زور تي مقرر ڪيا ويا ۽ انهن ڪاميابي جو معيار رڳو پئسي کي پنهنجي لاءِ ٺاهڻ جوڙيو ۽ قومي مفادن کي کڏ ۾ اڇلائيندي قومي ايئرلائن کي خانگي ايئرلائن تائين پهچائڻ جو سفر ڪاميابيءَ سان ڪرايو. اميد آهي ته هن ايئرلائن جو نالو پي آئي اي برقرار رکيو ويندو ۽ ملڪ ۾ هڪ نئين ڪامياب ايئرلائن بڻجي عوام جي لاءِ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪندي ۽ اهو عروج حاصل ڪندي جيڪو عروج ماضيءَ ۾ پي آئي اي حاصل ڪيو هو. قومي اثاثن جو خانگي اثاثن ۾ تبديل ٿيڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي، پر جڏهن قومي خزاني تي اهي اثاثا بار بڻجي پون جنهن ۾ سياسي رهنمائن کان وٺي عوامي ڪارڪنن تائين سڀ ذميوار هجن ته پوءِ فائدو ٻيو ڪو وٺي ويندو.