سنڌ ۾ ڪنھن به ماڻھو کي بک مرڻ نه ڏينداسين، وڏو وزير.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته ڪورونا جنگ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ صورتحال دنيا کان مختلف نه آھي، جيترو سخت لاڪ ڊائون ھوندو، اوترو جلدي جان ڇٽندي. ماڻھو پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن لاءِ بنا ضرورت گھرن کان ٻاھر نه نڪرن. ڪوشش آھي ته ھر ماڻھو تائين حڪومت جو رليف پھچي، تنھن ھوندي به سنڌ ۾ ڪٿي به ماڻھن کي بک مرڻ نه ڏينداسين. راشن جي خريداري ۽ ورڇ جي مڪمل آڊٽ ڪرائي ويندي. وڏي وزير سماجي وٿي لاءِ اڪيلي سر گاڏي ھلائيندي سکر شھر جي مختلف علائقن بندر روڊ، گھنٽا گھر، ملٽري روڊ، شڪارپور روڊ، پريس ڪلب روڊ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ لاڪ ڊائون توڙي ميونسپل انتظاميا طرفان ھلندڙ اسپري واري ڪم جو جائزو ورتو، ان کان پوءِ وڏي وزير ڪمشنر آفيس سکر جي ڪانفرنس روم ۾ ڪورونا صورتحال ۽ راشن جي ورھاست جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاھ، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ، مڪيش ڪمار چاولا، سکر ميئر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊي سي سکر ۽ ميئر ڪورنٽائن ۾ مريضن جي صورتحال، اسپري ۽ راشن ورھاست بابت تفصيلي بريفنگ ڏني

 

 

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments