ايڊيٽوريلنئون

موٽروي ايم-9 جي نالي تي سنڌ جي عوام سان هڪ وڏو مذاق

سنڌ جو هر ماڻهو قانون جي پاسداري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جڏهن اهو سفر ڪري ٿو ته مختلف روڊن تي ٽول ٽيڪس به ادا ڪري ٿو. هن وقت جن ماڻهن ايم-9 (سپر هاءِ وي) حيدرآباد کان ڪراچي يا ڪراچيءَ کان حيدرآباد سفر ڪيو هوندو انهن کي اها خبر هوندي ته هن روڊ جي حالت ڪهڙي ٿي چڪي آهي. هڪ ڪار کي اوٽ موٽ 800 رپيا، هڪ مسافر بس کي اوٽ موٽ 3700 رپيا. جڏهن ته هڪ گڊس ٽرڪ کي 9000 رپيا اوٽ موٽ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو. ڏسجي ته هي روڊ روزانو جي بنياد تي ڪروڙين رپيا ڪمائي ڏئي ٿو، پر روڊ جي حالت اها آهي جو اهو حيدرآباد کان وڃڻ وقت ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي حصن تان بلڪل ويهي رهيو آهي. ڇو ته اتان لنگهندڙ گاڏين جو وزن پنهنجي مقرر وزن کان وڌيڪ هجي ٿو. قانون مطابق ٻه ايڪسل ٽرڪ (6 ٽائر) تقريبن 17.5 ٽن، ٽي ايڪسل ٽرڪ (10 ٽائر) 27.5 ٽن، چار ايڪسل ٽرڪ (12 ٽائر) تقريبن 39.5 ٽن، پنج ايڪسل ٽرڪ (ٽرالر/ڪنٽينر) 48 ٽن، جڏهن ته ڇهه ايڪسل ٽرڪ (وڏو ٽرالر) وڌ ۾ وڌ 58.5 کان 60 ٽن تائين وزن کڻي سگهي ٿي.

هاڻي سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا ايم-9 جيڪو اصل ۾ هن وقت سپر هاءِ وي ئي آهي، ايترين وڏين ۽ ڳرين گاڏين جي لاءِ ان معيار مطابق ٺهيل آهي يا نه؟ ڪنهن به روڊ جي طاقت ان جي بنياد تي هوندي آهي. جڏهن ته ايم-9 جو وڏو حصو پراڻي سپر هاءِ وي جي بنياد تي ئي ٺهيل آهي ۽ پراڻو روڊ صرف ننڍين گاڏين يا پئسينجر بسن لاءِ ڊزائين ٿيل هو. جنهن جي مٿان صرف ايس فالٽ جي نئين ليئر چاڙهڻ سان روڊ موٽروي نٿو بڻجي سگهي. هن وقت هر ماڻهو جنهن کي ٿورو گهڻو مشاهدو، تجربو ۽ شعور آهي اهو هن روڊ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان جي رٽنگ (Rutting) ٿي رهي آهي، مطلب ته ٽرڪن جي ٽائرن سان روڊ ڌٻجي رهيو آهي ۽ وچ مان اڀري ويو آهي ۽ اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن روڊ جو معيار ناقص هجي ۽ ان تي هلڻ واريون گاڏيون پنهنجي وزن کان وڌيڪ دٻاءُ وجهنديون هجن. ڪراچي پورٽ کان ايندڙ ٽرالر ۽ ڪنٽينر اڪثر ڪري پنهنجي مقرر حد کان وڌيڪ وزن کڻي روانا ٿين ٿا، جنهن سان روڊ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ عام ماڻهو جيڪو اتان ٽيڪس ادا ڪري پنهنجي خاندان سوڌو هڪ ذميدار شهري وانگر لنگهي ٿو اهو صرف حڪومت ۽ ادارن جي غفلتن جي ڪري حادثن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ايم-9 (سپر هاءِ وي) تي موجود جبلن واريون چاڙهيون وزني گاڏين لاءِ به وڏو امتحان آهن. اوور لوڊ هجڻ جي ڪري اهڙين گاڏين کي آهستي چڙهڻو پوي ٿو، جنهن سبب اهي هڪ مخصوص حصي تي گهڻو دٻاءُ وجهن ٿيون ۽ روڊ تڪڙو خراب ٿي وڃي ٿو. هن روڊ کي اسين ٻطرفو رستو ته چئي سگهون ٿا، پر هي هڪ هيوي ڊيوٽي موٽروي هرگز ناهي، جنهن جو ٽيڪس ته هر گاڏيءَ کان موٽروي جو ورتو وڃي ٿو، پر روڊ جو اسٽرڪچر هڪ عام هاءِ وي جهڙو آهي.

ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي روڊ صرف ڪاغذن ۽ فائلن ۾ ته موٽروي آهي، پر پنهنجي عملي شڪل ۾ هي اهو ئي پراڻو سپر هاءِ وي آهي. جنهن تان موٽروي جي نالي تي چئوڻو پنجوڻو وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي عوام جي کيسن مان هڪ وڏي رقم هڪدم چورائي وڃي ٿي. اسان سڀني جو اهو فرض آهي ته موٽروي جي بين الاقوامي معيارن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجو گڏيل آواز اٿاري هن روڊ جي انفرااسٽرڪچر کي موٽروي جي انفرااسٽرڪچر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهون. بين الاقوامي معيارن مطابق موٽروي تي ٻنهي پاسن کان فينسنگ هجڻ، يعني روڊ ڄاريءَ سان مضبوط طريقي سان بند ٿيل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻاهران کان ڪوبه ماڻهو، جانور يا ڪوبه پيدل اندر داخل نٿو ٿي سگهي. گڏوگڏ هڪ مخصوص مفاصلي سان معياري سروس روڊ ڏنل هوندا آهن ته جيئن روڊ سان لڳو لڳ آبادين کي پنهنجن گهرن يا منزلن تي پهچڻ جي لاءِ روڊ مهيا ٿي سگهن. روڊ جي سطح بلڪل هموار هوندي آهي ته جيئن گاڏيون 120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان پنهنجو توازن قائم ڪري لنگهي سگهن. ان کان علاوه انٽر چينجز ۽ خطرناڪ موڙن تي اعليٰ معيار جي روشني جو پورو پورو بندوبست هوندو آهي ۽ سڄي روڊ تي ڪيٽ آئيز ۽ چمڪندڙ نشان هوندا آهن، جيڪي رات جو واضح نظر ايندا آهن. جڏهن ته اسان جو ايم-9 (سپر هاءِ وي) تقريبن سڄو روڊ اونداهه جو شڪار هوندو آهي. ان کان علاوه موٽروي تي هر چند ڪلو ميٽرن تي ايمرجنسي فون، ٽراما سينٽر ۽ فوري طور تي پهچندڙ مددگار ٽيمون موجود هونديون آهن. اهي سڀئي شيون اسان کي هن روڊ تي نظر نٿيون اچن. ايئن ٿو لڳي ته سنڌ جي عوام سان هميشه وانگر وسيلن جي ڦرلٽ جو هڪ دڪان کليل آهي ۽ عوام کي ايم-9 جي نالي تي پراڻي سپر هاءِ وي تي هلڻ جي لاءِ نئون ٽول ٽيڪس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. سنڌ جو عوام ٽيڪس ڏيڻ کان ڪڏهن به نٿو ڪيٻائي، سهولتن جي هجڻ سان عوام پنهنجي ذميدارين کي محسوس ڪندي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شرط اهو آهي ته ادارا سهولتون مڪمل طور تي بين الاقوامي معيارن مطابق مهيا ڪن.