بلاگنئون

ساس ضلعي بدين جي شاخن جي گڏجاڻي تقريب جو احوال

سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين جي سمورين شاخن پاران سنڌ گرامر اسڪول تلهار ۾ ساس شاخ تلهار جي ميزباني هيٺ شاندار ۽ تاريخي پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ضلعي سورنهن شاخن مان ٻارنهن شاخن شرڪت ڪئي، جيڪي شاخون ڪن مجبورين سبب شرڪت ڪري نه سگھبيون تن ۾ ساس شاخ گولاڙچي، شاخ ترائي، شاخ دمبالو، شاخ بچو هاليپوٽو شامل ھيون، تن جا ايوارڊ ۽ ڪتاب “محبتن جو سفر” جا تحفا رابطا سيڪريٽري پاڻ وٽ امانت ڪري رکيا، باقي يارنهن شاخن جي ساٿين شرڪت ڪئي تن ۾ ساس شاخ بدين، ٽنڊوباگو، شاخ تلهار، شاخ پنگريو، شاخ خليفو قاسم، شاخ لنواري شريف، شاخ راڄو خاناڻي، شاخ ڇتو مادراڻي، شاخ هئرو ٽالپر، شاخ ماتلي ۽ شاخ کور واهه جا ساٿي شامل ٿيا. ان کان علاوه حيدرآباد، ٽکڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار کان آيل علمي ادبي دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي ڪامياب ۽ تاريخي بڻايو. جڏهن ته کور واهه شاخ جا ساٿي ڪنهن اڻٽر مجبوري سبب سوير نڪري ويا، آچر ڏينھن ٿيل شاندار پروگرام ۾ نوجوان شاعر دوست تاج سنڌيءَ جي ڪتاب “راول ريٽا رنگ” جي مهورت تقريب، ضلعي بدين جي سمورين شاخن جي بهترين ڪارڪردگيءَ تي ضلعي رابطا سيڪريٽري مسافر هاليپوٽو پاران ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ۽ لاڙ مشاعرو ٿي گذريو. هن پروگرام جو گھوٽ تاج سنڌي صاحب هو، پروگرام جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل ڪئي، مهمان خاص سائين دين محمد چنا هو، اعزازي مهمانن ۾ زاهد راڄپر، آغا ظفر، پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ، خاڪي جاني، آڪاش ٽکڙائي، علي گل گبول جن هئا، اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ساحل ميمڻ ۽ مسافر هاليپوٽو نڀايا. پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جيڪا سعادت امر کتري حاصل ڪئي، جنهن بعد فقير استاد رمضان پنهنجي سهڻي آواز ۾ شاھ جي وائي پيش ڪئي، شاخ لنواري شريف جي سيڪريٽري مير قادر بخش ٽالپر ۽ ڪائونسلر رحيم بخش چنا، شاخ ماتلي جي سيڪريٽري يونس رستماڻي، ڪائونسلر غلام قادر منتظر ۽ ٻين ڪافي دوستن تاج سنڌي ۽ اسٽيج جي ساٿين کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ پروگرام کي رونق بخشي، پروگرام ۾ ڪافي دوستن تاج سنڌي جي ادبي پورهئي تي پنهنجي بهترين خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ڪتاب تخليقڪار جو اهو اولاد آھي جيڪو ڪڏهن نافرماني ناهي ڪندو، تاج کي اهڙي اولاد ماڻڻ جون اڻ ڳڻيون واڌايون پيش ڪيون. لاڙ مشاعري ۾ وڏي تعداد ۾ شاعر دوستن پنهنجيون نڪور تخليفون پڙهي پروگرام کي چار چنڊ لڳايا، مشاعري هلندي گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل پاران پنهنجي ادبي سفرن تي مشتمل آيل نئين ڪتاب “محبتن جو سفر” جي هر شاخ جي مطالعي لاءِ هڪ ڪاپي جو تحفو ۽ ساس ضلعي بدين جي رابطا سيڪريٽري مسافر هاليپوٽو پاران ضلعي جي شاخن کي “بهترين شاخ جا ايوارڊ” پڻ ڏنا ويا. آيل سڀني معززن ساس ضلعي بدين جي سمورين شاخن، سرگرمين کي ۽ گڏجي اهڙو شاندار ۽ تاريخي پروگرام رچائڻ واري عمل کي به خوب ساراهيو. آڪاش ٽکڙائي، آغا ظفر، ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ، علي گل گبول، ساس سنڌ جي ٻن اڳوڻن جوائنٽ سيڪريٽري ساٿين خاڪي جاني ۽ زاهد راڄپر، مهورت تقريب جي گھوٽ تاج سنڌي ۽ صدارتي تقرير ۾ احساس ميرل چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ضلعي جي رابطا سيڪريٽري پنهنجي ضلعي جي شاخن کي بهترين شاخن جو ايوارڊ ڏنو آھي ۽ اهو ڏاڍو سُٺو سنئوڻ ۽ بهترين عمل آھي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي هر ضلعي رابطا سيڪريٽري کي مسافر هاليپوٽو جيان اڻ ٿڪ ٿي بي لوث ڪم ڪرڻ گھرجي، آخر ۾ مسافر هاليپوٽي سڀني آيل دوستن جا ٿورا مڃيا، ساس، شاخ تلهار جي ساٿين جا پڻ ٿورا مڃيا جن ميزباني جا فرض بهترين نموني نڀائي ساٿ ڏنو. پروگرام هلندي ڪم ڪار سنڀالڻ جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ساٿين جاويد اختر خاصخيلي، محبوب علي هاليپوٽو، وفا عبدالرزاق خاصخيلي، زبير رستماڻي، عبدالرحمٰن کوسو ۽ پروگرام ۾ تصويرون ڪڍڻ جي ذميواري سنڀاليندڙ ننڍڙي احمد علي هاليپوٽو جا پڻ ٿورا مڃيا. مجموعي طور پروگرام انتهائي لاجواب ۽ تاريخي ٿي گذريو.