پاڪستانخاصنيو‍‍ز

وڏي وزير سان عالمن جي ملاقات، اڄ منجھند سخت لاڪ ڊائون جو اعلان.

وڏي وزير مراد علي شاھ مذھبي عالمن سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير چيو آھي ته اڄ 12 کان 3 وڳي تائين سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڪالھ وڏي وزير سان ملڪ جي ناميارن عالمن مفتي عابد، مفتي منيب الرحمان، مفتي رفيع رحمان، عابد سعيد، ڊاڪٽر عبد الباري، ڊاڪٽر عديل ۽ ٻين سي ايم ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاھ، سعيد غني ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ملاقات ۾ وڏي وزير کي عالمن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير چيو ته اڄ وزير اعظم به عالمن سان ملاقات ڪندو. مسجدن لاءِ نئين ايس او پي ٺاھي ويندي. جڏھن ته وڏي وزير اڄ جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين سخت لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان ڪيو