ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 9 حياتيون کسي ورتيون، انگ 113 ٿي ويو، 6250 ماڻهو متاثر

ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 9 ماڻهن کان حياتي کسي ورتي، جنهن کانپوءِ مجموعي طور فوتين جو انگ 113 ٿي ويو آهي ۽ هيستائين 6250 متاثر اسپتالن ۾ آهن. سنڌ فوتين جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ سبب ٻين صوبن کان اڳتي نڪري ويو. ڪالهه وڌيڪ 266 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 9 حياتيون موت جو کاڄ بڻجي ويون، سڀني کان وڌيڪ 41 فوتگيون سنڌ صوبي ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ 38، پنجاب ۾ 28، بلوچستان ۾ 2، گلگت بلتستان ۾ 3 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي. ڪالهه سنڌ ۾ 150 ڪيس سامهون آيا ۽ 6 فوتگيون ٿيون. پنجاب ۾ 71 نوان ڪيس، بلوچستان ۾ 33، اسلام آباد ۾ 9 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا. سنڌ جي صوبائي ترجمان مرتضيٰ وهاب تصديق ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ڪيسن جو تعداد 1668 ٿي ويو آهي ۽ 41 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن گذريل 44 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 133 مريض صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ چڱن ڀلن ماڻهن جو انگ 560 ٿي ويو آهي
