بلاگخاصنئون

تعليم ڇا آهي؟

تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو سلسلو صدين کان هلندو اچي. انهيءَ جي تعريف هن ريت ٿئي ٿي ته تعليم جنهن جي لغوي معنيِٰ آهي سکيا، پڙهائي، تدريس جنهن جو تعلق عمل سان آهي. مختلف ڏاها تعليم بابت هن ريت فرمائن ٿا: سقراط چوي ٿو: “مون کي ڪا ڄاڻ ناهي، سواءِ ان ڄاڻ جي ته، آئون لاعلم آهيان.” اهڙي طرح ارسطو چيو ته: “فطرتاً سڀ ماڻهو علم چاهين ٿا.” حضرت علي ڪرم الله وجھ فرمايو ته، “علم جي دولت کي ورهايو، علم ورهائبو ته اُن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.” فرانس جي ڏاهي ۽ عالمدان والٽيئر جو قول آهي ته، “اُهي قومون مٿاهين درجي تي آهن، جيڪي لکيل پڙهيل آهن، ۽ جن ۾ علم پرائڻ جو جذبو آهي.” مهاتما گانڌي چيو ته: “ڪتابن جي قيمت ڪٿڻ نه گهرجي، ڇو ته انهن جي قيمت هيرن ۽ جواهرن کان وڌيڪ آهي. ڇو ته ڪتاب اندر کي روشن ۽ منور ڪن ٿا..” (هي قول، پونجراج ڪيسراڻي جي ڪتاب: “ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ” تان ورتل آهن: ص: 12) تعليم اها آهي جيڪا زمين ۽ آسمان جا عجيب اسرار ۽ راز سمجهڻ ۽ پروڙڻ جا گس ڏيکاري ٿي. جڏهن ٻار ڄمي ٿو ۽ آهستي آهستي وڏو ٿئي ٿو ته، هُو ڇو؟ ڇا، ڪهڙو ۽ ڪيئن؟ جهڙا سوال پڇي ٿو. ڇوته هُو، هن نئين دنيا ۾ نئون آيو آهي، ۽ نوان ۽ نرالا خيال رکندڙ آهي. تنهن ڪري هُو پنهنجي دماغي ڪسوٽيءَ سان شين کي سمجهڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ ٿو چاهي. انهيءَ سوال پڇڻ لاءِ قدرت کيس عقل ڏنو آهي ته، هُو هن جهان ۾ وڃي سوچي ۽ تلاش ڪندو رهي. سوچ ۽ تلاش لاءِ جيڪي حواس ڏنا ويا آهن سي آهن. دماغ، اکيون، ڪن، نڪ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ هٿ. هٿن کان هُو ڪم وٺڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ٿو ۽ زبان سان ڪجھ چوڻ ٿو چاهي، انهيءَ چاهت کي سندس سکيا وارو عمل چئون ٿا. ٻارُ جڏهن پنجن سالن جو ٿئي ٿو ته اُن کي درسگاھ جي ضرورت پئي ٿي. ۽ جڏهن هُو درسگاھ ۾ وڃي ٿو ته اُتي هن کي اکر سيکاريا وڃن ٿا جيئن هُو، دنيا ۾ موجود اسمن کي سڃاڻڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ، استاد کان سکي پنهنجي اندروني صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿو. جيڪو کيس استاد پاران پڙهايو ۽ سمجهايو وڃي ٿو. اُنهيءَ جي مدد سان هُو قدرت جي جوڙيل جهان کي سمجهي سگهي. تعليم هڪ گهڻ رخو عمل آهي، جيڪو عملي ميدان کي سنواري ٿو. تعليم ذريعي انسان جو اندر روشن ٿئي ٿو ۽ انهيءَ سان نت نون قدرن ۾ نوان اضافا ٿين ٿا. انسان پنهنجي اڳيان ايندڙ ڏکين مسئلن ۽ معاملن کي حل ڪري پنهنجي ۽ قوم جي زندگيءَ جي مونجهارن کي نهايت عقلمنديءَ سان حل ڪري وڏا موقعا پيدا ڪري ٿو. تعليم ذريعي انساني وسيلن ۾ واڌ ويجھ ڪري هزارين موقعا پيدا ڪري قومي، اخلاقي ۽ سماجي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. تعليم نيُن دريافتن جو اهڙو اوزار آهي جنهن کي هروقت نت نون قدرن سان آراسته ڪندو رهجي. تعليم انساني ذهنن ۾ اهڙو شعور آڻي ٿي جنهن سان بُري ۽ ڀلي جي تميز پيدا ٿئي ٿي. موجوده دور ۾ گونا گون نيون ايجادون جهڙي انداز سان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهيون آهن اهو سمورو ڪم تعليم سرانجام ڏئي ٿي. چوطرف عالمي للڪارون اچي رهيون آهن، جيڪي ملڪ تعليم جي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويندا تن جي قوم محتاجي واري مخلوق بڻجي ويندي، انهن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رٿا ڪرڻي آهي، جنهن سان غربت، بيروزگاري، صحت جهڙن مسئلن کي حل ڪري سگهبو. تعليم ڇا آهي؟ هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب هن طرح ڏئي سگهجي ٿو.
تعليم اهائي آهي جيڪا ڪائنات جي ڳجهن رازن کي پروڙي انسان کي انسان بڻائڻ جي قابل بڻائي ٿي. تعليم جو سڀ کان وڏو سماجي سرچشمو درسگاهون ۽ دانشگاهون هجن ٿيون، جتي ٻار کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ سنوارڻ لاءِ استاد مقرر ٿيل هوندا آهن. تعليم جو تعلق استاد جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن سان سلهاڙيل آهي. جنهن معاشري جا استاد باشعور، باڪردار، باعمل هوندا ايترو ئي معاشرو سُڌريل ۽ سنواريل نظر ايندو آهي. سموري تعليم جو دارومدار استاد جي علمي قابليت ۽ ڏاهپ تي منحصر هوندو آهي، جيترو استاد قابل هوندو تيترو قوم کي علمي ۽ عملي وکر ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ملڪ اڄ دنيا تي حُڪمراني هلائي رهيا آهن تن جو دارمدار صحتمند تعليمي سرشتي جي ڪري آهي. دنيا وٽ نت نون قدرن کي سمجهڻ لاءِ تعليمي درسگاهن ۾ نوان تجربا ٿي رهيا آهن. ۽ اتي هر قسم جي خوشحالي اچي رهي آهي. تعليم مُلڪي معاملات کان ويندي اخلاقي، سماجي ۽ معاشرتي شين کي سمجهائڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهي جنهن جي مدد سان نوان وسيلا پيدا ٿي رهيا آهن، جنهن مان انساني معاشري جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. تعليم سان شعور ايندو آهي ۽ شعور ئي حال ۽ مستقبل جون انساني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو آهي.
پاڪستاني قوم تعليم جي ميدان ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن؟ اسان جون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون شيون ايجاد ڪيل آهن ۽ ڇا ڇا پنهنجو ٺاهيو آهي. هزارين ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيل آهن. ڏسڻو هي آهي ته، اُتي معياري تعليم لاءِ ڪهڙا نوان تجربا ڪيا ويا آهن، جو چئي سگهجي يا دعويٰ ڪري سگهجي ته، دنيا جي نصاب ۾ اسان جو ذڪر ملي ٿو يا نه؟ ايندڙ دور ۾ ملڪي ۽ دنياوي ليول تي اسان جي تعليم ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ پلاننگ کي ڪهڙي مڃتا ملندي؟ هي وڏو سوال آهي. ڇا اسان جون درسگاهون، دانشگاهون ۽ انهن جون عمارتون ڪلاس روم، لائبريرين، ليباٽرين ۾ علم جي ترسيل ڪري رهي آهي يا نه؟
تعليم استاد جي جديد ٽريننگ سان وابستگي رکي ٿي، جنهن کي سکڻ ۽ سيکارڻ وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، جيترو استاد قابل ۽ برجُستو هوندو، تيترو تعليم ۾ واڌارو ايندو رهندو. تعليم انساني شعور کي ساڃاھ بخشيندي آهي ۽ صحتمند ذهن استادن جي ذريعي تعليم حاصل ڪندا آهن. تعليم اها آهي جيڪا قومي شعور اجاگر ڪري پنهنجي ملڪي تاريخ، ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪري دنيا ۾ مخصوص جاءِ جوڙي وٺي. اسان کي تعليم يقين ڏياري ٿي اطمينان ٿئي ٿو ته، اسان تعليم يافته قوم آهيون.
اها ڳالھ نهايت ئي اهميت واري آهي ته، تعليم پنهنجي تعليمي ادارن جي محافظ به هوندي آهي، جنهن جي وسيلي ادارن ۾ سازگار ماحول جڙندو آهي لامحدود موقعا پيدا ٿيندا رهندا آهن. جن قومن جي تعليم اعليٰ طرز جي تعمير تي آڌاريل هوندي آهي، تن قومن جا فرد درسگاهن جي حفاظت ڪرڻ خاطر پنهنجون سموريون همدرديون ادارن سان رکندا آهن، ۽ ادارا طالبعلمن لاءِ محفوظ گاھ بڻجي پوندا آهن. اهڙي طرح تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ سان باصلاحيت نوجوانن جي کيپ ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. اُهي نوجوان قوم جي حفاظت ڪرڻ جو ذمو کڻڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. اسان کي خاص طور سرڪاري ادارن تي وڏو اعتماد ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن مان اسان جي خوابن جي شاندار تعبير ٿيندي رهندي آهي. تعليمي ادارن تي خاص ڌيان ڌرڻ سان هر قسم جا شعبا پنهنجي پنهنجي ڪمن ۽ ڪرت ۾ مشغول نظر اچڻ لڳندا آهن. تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي تحفظ حاصل هجي. ۽ استاد ٻارن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهي دل سان پڙهائي ۽ انهن جي روشن مستقبل بابت هر وقت ڪوشان رهي. اها ئي تعليم آهي جنهن سان سٺن ڪردارن وارا انسان، سياستدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد، پوليس آفيسر، سپاهي، وڪيل، جج، واپاري، معاشي ماهر، مذهبي اسڪالر ۽ سائنسدان پيدا ٿيڻ جو ذريعو آهي.
آئون هت هيٺ هڪ آمريڪي افسانه نويس اوهينري جي افساني: “عيسيٰ ۽ شيطان” جو مثال ڏيان ٿو: “هڪ فنڪار هو، جنهن جي زندگيءَ جي تمنا اها هُئي، ته ٻه بيمثال تصويرون ٺاهيان: هڪ ۾ اهڙو معصوم انساني چهرو هجي، جهڙو حضرت عيسيٰ جو ۽ ٻيءَ تصوير ۾ اهڙو شيطاني چهرو، جهڙو خود شيطان جو. فنڪار سالن جا سال اهڙن چهرن جي تلاش ۾ رهيو.
هڪ دفعي ڪنهن اسڪول اڳيان اچي لنگهيو، جنهن ۾ ٻارن صبح جو پرارٿنا پئي ڪئي. هڪ ٻار کي ڏسي گُل وانگر ٽڙي پيو. کيس ڄڻ ته عيسيٰ عليه السلام نظر آيو. ٻار جي استاد سان وڃي مليو ۽ منٿ ميڙ ڪري، کانئس ڪلاڪ ٻه موڪل وٺي، ٻارڙي کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصوير ٺاهيائين ۽ کيس انعام ۽ مٺايون ڏيئي، اسڪول ۾ ڇڏي ويو. جنهن به نمائش ۾ اها تصوير رکندو هو، تنهن ۾ اها انعام کڻندي هُئي. ماڻهو ٻار جي تصوير ڏسي چوندا هئا، ته ڪهڙو نه معصوم آهي، جهڙو حضرت عيسيٰ عليه السلام.
ان ڳالھ کي ڪيئي ورهيه گذري ويا. فنڪار کي هاڻي شيطاني چهري جي تلاش هُئي. پر جيڪو به ڀيانڪ چهرو ڏسي، اُن ۾ کيس اشرافت جو ڪونه ڪو انگ نظر اچي وڃي. نا اميد ٿي وري اڳتي پنڌ پوي. ويهن پنجويهن ورهين جي رولڙي کانپوءِ، آخرڪار، ڪنهن قيد خاني، اڳيان کيس قيدين جو هڪ ٽولو رستي تي ڀٿر ڪُٽيندي نظر آيو. انهن ۾ هڪ قيدي هو، جنهن کي ڏسي دهلجي ويو. قيديءَ جي مُنهن ۾ کيس شيطان جو روپ نظر آيو. جمعدار وٽ ويو ۽ ڪنهن طرح کيس راضي ڪري، ڪلاڪ ٻن لاءِ انهيءَ قيديءَ کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصوير ٺاهيائين ۽ ڪجھ انعام اڪرام ڏيئي، واپس جمعدار وٽ وٺي ويس. موڪلائڻ مهل قيدي چيس ته “مون کي ايترو ته ٻڌاءِ، ته تو منهنجي تصوير ڇو ٺاهي؟
فنڪار چيس ته، “اهو ٻُڌي توکي ڏاڍو ڏک ٿيندو.” پر جڏهن قيديءَ زور ڀريس، تڏهن لاچار ٿي، کيس سچي ڳالھ ٻڌايائين. قيدي ڳالھ ٻُڌي چيس ته: “منهنجي مُنهن ۾ چِتائي نهار. مان اهو ئي ساڳيو ٻار آهيان، جنهن جي تو ويھ ورهيه اڳ تصوير ٺاهي هُئي.” (غلام رباني آگري جو ڪتاب: “جهڙا گُل گلاب جا” (حصو پهريون)، ص: 14، 15، اوهينري جو هي افسانو انهيءَ ڳالھ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿو ته، انسان کي هي معاشرو ئي آهي، جيڪو معصوم ٻار کي عيسيٰ مان شيطان بڻائي ڇڏي ٿو. جنهن جو سنئون سڌو تعلق سٺي تعليم ۽ تربيت ڏانهن وڃي ٿو. جيترو معاشرو سُٺي تعليم ۽ تربيت سان اخلاق پرائي ٻين جو همدرد ۽ مددگار بڻجي ٿو، اُن سان معاشري مان بُرايون ختم ٿين ٿيون. اها ئي تعليم آهي جيڪا انسان کي انسان بڻائي معاشري ۾ عزت وارو مقام ڏياري ٿي ۽ تعليم سان شعور اجاگر ٿئي ٿو. بُري ڀَلي جي پرک ٿئي ٿي ته، ڇا ڀلو، ڇا خراب آهي. تعليم هڪڙي اهڙي نرسري آهي جتان گلاب جي گُلن جي هُٻڪار اچي ٿي. آزاد ملڪ جي هر فرد کي هڪجهڙي نصاب جي ضرورت پوي ٿي، انهيءَ ۾ مذهبي معاملات کي به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي. تعليم هر فرد جو ڪردار ۽ اخلاق سنواري ٿي. تعليم ٻار جي صحت، نفسياتي مسئلن جو حل انتهائي شاندار نموني ڪري ٿي ۽ معاشري جي فطري تقاضائن کي پورو ڪري ٿي. تعليم زندگي جي اصولن، قاعدن ۽ قانونن جي پابند بڻائيندي آهي. تعليم اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا آداب سيکاري ٿي. تعليم نون تجربن ۽ مشاهدن ۽ دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ شين جي آجيان ڪري ٿي. انساني وڌنڌڙ آبادي لاءِ راهون هموار ڪري انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي مسئلن کان ويندي ماحولياتي تبديليءَ لاءِ اُپاءَ جا ڏس ڏئي ٿي.