تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو سلسلو صدين کان هلندو اچي. انهيءَ جي تعريف هن ريت ٿئي ٿي ته تعليم جنهن جي لغوي معنيِٰ آهي سکيا، پڙهائي، تدريس جنهن جو تعلق عمل سان آهي. مختلف ڏاها تعليم بابت هن ريت فرمائن ٿا: سقراط چوي ٿو: “مون کي ڪا ڄاڻ ناهي، سواءِ ان ڄاڻ جي ته، آئون لاعلم آهيان.” اهڙي طرح ارسطو چيو ته: “فطرتاً سڀ ماڻهو علم چاهين ٿا.” حضرت علي ڪرم الله وجھ فرمايو ته، “علم جي دولت کي ورهايو، علم ورهائبو ته اُن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.” فرانس جي ڏاهي ۽ عالمدان والٽيئر جو قول آهي ته، “اُهي قومون مٿاهين درجي تي آهن، جيڪي لکيل پڙهيل آهن، ۽ جن ۾ علم پرائڻ جو جذبو آهي.” مهاتما گانڌي چيو ته: “ڪتابن جي قيمت ڪٿڻ نه گهرجي، ڇو ته انهن جي قيمت هيرن ۽ جواهرن کان وڌيڪ آهي. ڇو ته ڪتاب اندر کي روشن ۽ منور ڪن ٿا..” (هي قول، پونجراج ڪيسراڻي جي ڪتاب: “ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ” تان ورتل آهن: ص: 12) تعليم اها آهي جيڪا زمين ۽ آسمان جا عجيب اسرار ۽ راز سمجهڻ ۽ پروڙڻ جا گس ڏيکاري ٿي. جڏهن ٻار ڄمي ٿو ۽ آهستي آهستي وڏو ٿئي ٿو ته، هُو ڇو؟ ڇا، ڪهڙو ۽ ڪيئن؟ جهڙا سوال پڇي ٿو. ڇوته هُو، هن نئين دنيا ۾ نئون آيو آهي، ۽ نوان ۽ نرالا خيال رکندڙ آهي. تنهن ڪري هُو پنهنجي دماغي ڪسوٽيءَ سان شين کي سمجهڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ ٿو چاهي. انهيءَ سوال پڇڻ لاءِ قدرت کيس عقل ڏنو آهي ته، هُو هن جهان ۾ وڃي سوچي ۽ تلاش ڪندو رهي. سوچ ۽ تلاش لاءِ جيڪي حواس ڏنا ويا آهن سي آهن. دماغ، اکيون، ڪن، نڪ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ هٿ. هٿن کان هُو ڪم وٺڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ٿو ۽ زبان سان ڪجھ چوڻ ٿو چاهي، انهيءَ چاهت کي سندس سکيا وارو عمل چئون ٿا. ٻارُ جڏهن پنجن سالن جو ٿئي ٿو ته اُن کي درسگاھ جي ضرورت پئي ٿي. ۽ جڏهن هُو درسگاھ ۾ وڃي ٿو ته اُتي هن کي اکر سيکاريا وڃن ٿا جيئن هُو، دنيا ۾ موجود اسمن کي سڃاڻڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ، استاد کان سکي پنهنجي اندروني صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿو. جيڪو کيس استاد پاران پڙهايو ۽ سمجهايو وڃي ٿو. اُنهيءَ جي مدد سان هُو قدرت جي جوڙيل جهان کي سمجهي سگهي. تعليم هڪ گهڻ رخو عمل آهي، جيڪو عملي ميدان کي سنواري ٿو. تعليم ذريعي انسان جو اندر روشن ٿئي ٿو ۽ انهيءَ سان نت نون قدرن ۾ نوان اضافا ٿين ٿا. انسان پنهنجي اڳيان ايندڙ ڏکين مسئلن ۽ معاملن کي حل ڪري پنهنجي ۽ قوم جي زندگيءَ جي مونجهارن کي نهايت عقلمنديءَ سان حل ڪري وڏا موقعا پيدا ڪري ٿو. تعليم ذريعي انساني وسيلن ۾ واڌ ويجھ ڪري هزارين موقعا پيدا ڪري قومي، اخلاقي ۽ سماجي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. تعليم نيُن دريافتن جو اهڙو اوزار آهي جنهن کي هروقت نت نون قدرن سان آراسته ڪندو رهجي. تعليم انساني ذهنن ۾ اهڙو شعور آڻي ٿي جنهن سان بُري ۽ ڀلي جي تميز پيدا ٿئي ٿي. موجوده دور ۾ گونا گون نيون ايجادون جهڙي انداز سان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي رهيون آهن اهو سمورو ڪم تعليم سرانجام ڏئي ٿي. چوطرف عالمي للڪارون اچي رهيون آهن، جيڪي ملڪ تعليم جي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويندا تن جي قوم محتاجي واري مخلوق بڻجي ويندي، انهن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رٿا ڪرڻي آهي، جنهن سان غربت، بيروزگاري، صحت جهڙن مسئلن کي حل ڪري سگهبو. تعليم ڇا آهي؟ هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب هن طرح ڏئي سگهجي ٿو.