خاصنئون

سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ بورڊ جا امتحان شروع ٿي ويا

خبرن موجب سنڌ اندر بورڊ جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. امتحاني شيڊول مطابق اڄ نائين ڪلاس جي بائيو لاجي جو پيپر ٿي رهيو آهي. چيئرمين ميٽرڪ بورڊ پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين جو چوڻ آهي، ته هن سال ميٽرڪ بورڊ تحت سڄي صوبي ۾ 3 لک 67 هزار 606 شاگرد امتحان ڏئي رهيا آهن. جنهن جي لاءِ 365 امتحاني مرڪز ٺاهيا ويا آهن. جنهن مان ڇوڪرن لاءِ 198 مرڪز ۽ ڇوڪرين جي لاءِ 167 امتحاني مرڪز ٺاهيا ويا آهن.