پيٽرو ل ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 6-6 رپيا واڌ
حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي. اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا 92 پئسا اضافي جي سفارش ڪئي هئي، پر حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمتن ۾ 6 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 17 پئسا اضافو تجويز ڪيو ويو هيو. جنهن کي 6 رپيا مهانگو ڪيوويو آهي. جڏهن ته گاسليٽ 3 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي.