خاصنئون

مقامي چونڊن ۾ ترڪي جي صدر کي انقره ۾ شڪست

ترڪي جي مقامي چونڊن ۾ اردوان جي پارٽي کي انقره ۾ شڪست ملي آهي جڏهن ته ترڪي جي معاشي حب استنبول ۾ به شڪست جو انديشو آهي. ڏيڍ  ڏهائين تائين ترڪي تي راڄ ڪندڙ طيب اردوان لاءِ چونڊن ۾ ٻن وڏن شهرن ۾ شڪست ترڪي جي صدر لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو ثابت ٿي سگهي ٿو.