خاصنئون

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو شيڊول طئي ٿي ويو

آءِ ايم ايف جو جائزا مشن ڊائريڪٽر ارنسٽو رميريز ريگو (Ernesto Ramirez Rigo) جي اڳواڻي ۾ 29 اپريل تي پاڪستان پهچندو ۽ 7 مئي تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندو. ان دوران آءِ آيم ايف جو مشن مختلف ادارن جو دورو به ڪندو. نئين پروگرام لاءِ ڳالهيون 29 اپريل کان ٿينديون. خزاني واري وزارت سڀني لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي ڳالهين جي لاءِ 9 مهينن جي ڊيٽا ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. خبرن مطابق چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٽيڪس آمدني GDP کي 13.2 سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته حڪومت 12.7 سيڪڙو وڌائڻ جو يقين ڏياريو آهي ان کان علاوه آءِ ايم ايف سان ريوينيو فريم ورڪ تي به ڳالهيون ٿينديون ۽ 729 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو. ان کان علاوه ايندڙ بجيٽ جي ڪل رقم جي 1.4 سيڪڙو تائين نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو. ساڳئي وقت لينڊ ريوينيو تي 95 ارب، ڪسٽمز ڊيوٽي تي 95 ارب، انڪم ٽيڪس تي 334 ارب، سيلز ٽيڪس تي 150 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جون تجويزون به شامل آهن. خبرن موجب حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ اضافي، رپئي جي قدر، موبائيل ڪارڊن تي ٽيڪس جي بحالي سان ريوينيو ۾ اضافي ايمنسٽي اسڪيم ۽ قرضن جي باري ۾ به آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪندي.