خاصنئون

سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪ ڪليئر ڪرايو ويندو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت عدالتن جي حڪمن جو احترام ڪري ٿي ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪ ڪليئر ڪرايو ويندو. هن چيو ته ماڻهن کي هڪدم سان ئي بي گهر نٿا ڪري سگهون ۽ عوام کي متبادل جڳهه ڏيئي حد دخليون ختم ڪرائينداسين. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2020 جي پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ پوري ملڪ مان جانور آندا ويا آهن جنهن جو سهرو سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي مامري تي وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ اميد آهي ته وفاقي حڪومت اسان جي خواهش تي سنجيدگي سان غور ڪندي