ادب

ڊائري جا ورق

جڏهن بحث مباحثي ۾ آئون هن سان متفق نه ٿيندو آهيان ته هو مون کي منفي سوچ جو ماڻهو سڏيندو آهي.

جڏهن ڪو توهان کي منفي سوچ جو ماڻهو سمجهڻ لڳي ته پڪ ڄاڻو توهان مثبت سوچ جا ماڻهو آهيو.

***

ڪنهن پڇيو: تون ڪارونجهر گهمڻ وئين، ڇا محسوس ڪيئي؟ مون وراڻيو: ”خوبصورتي جيڪا غربت ۾ دفن ٿيل آهي.“

***

ڪنهن پڇيو ته ماڻهو جڏهن ته هن دنيا ۾ ٿورڙي عرصي لاءِ آيو آهي، ڀلا پوءِ ايڏيون ڊگهيون منصوبا بنديون ڇو ٿو ڪري؟

مون وراڻيو: بيشڪ ماڻهو هن دنيا ۾ ٿورڙو وقت رهي ٿو، پر هن کي سدائين زندگيءَ ۾ يقين رهيو آهي ۽ هن موت کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه ڪيو آهي. تڏهن ته هو مستقبل لاءِ سوچي ٿو ۽ ڊگهيون منصوبا بنديون ڪري ٿو.

***

فقط ماضي جي ورثي جي بنياد تي پنهنجي عظمت تي فخر ڪرڻ صحيح ناهي. فخر لائق اها ڳالهه هئڻ گهرجي ته اسين حال ۾ ڇا آهيون!

***

مون هن کي سدائين مختلف فنڪشنس جهڙوڪ: ڪنهن شخصيت جو جنم ڏڻ، ورسي، ڪتاب جي مهورت وغيره ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندي ڏٺو آهي.

هڪ ڏينهن مون هن جي ڪلهي تي هٿر رکيو ۽ چيم، ”اها سٺي ڳالهه آهي ته تون ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرين ٿو، پر ڇا تو هڪ ڀيرو به ان تي سوچيو آهي ته تون به انهن شخصيتن جيان تاريخ جي صفحن ۾ ياد ڪيو وڃين، بشرطيڪه جي تون پاڻ کي تبديل ڪرين!“

***

ٿر ۾ هڪ راجپوتن جي سردار جي مرڻ کانپوءِ ان جي پٽ کي گادي عطا ڪئي وئي. هن کي راجپوتن جي روايتي تلوار ڏني وئي جنهن تي هن قسم کنيو ته هو راجپوتن جي حفاظت ڪندو…

هن جديد دور ۾ جتي ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا جديد هٿيار موجود هجن، اتي تلوار سان ڪهڙو بچاءُ ڪري سگهبو؟ وقت بدلجي ويو آهي، پر اسان پنهنجا روايتي انداز (Traditions) ناهن بدلايا ۽ شايد اهي ئي انداز جن کي اسان پنهنجو ورثو ڪوٺيون ٿا ۽ فخر به ڪريون ٿا هڪ ڏينهن اسان کي ڳهي ويندا.

***

هڪ بيوقوف ئي پاڻ کي مڪمل انسان سمجهندو آهي، انهيءَ ڪري هو سڄي عمر بيوقوف ئي رهندو آهي.

جڏهن ته هڪ جينيس پاڻ کي نا مڪمل، انهيءَ ڪري هو مڪمل ٿيڻ لاءِ ڄاڻ جي دنيا ۾ نڪري پوندو آهي ۽ هڪ ڏينهن پاڻ کي مڪمل ڪري وٺندو آهي.

***

جيڪو ماڻهو پاڻ سان پيار ڪري ٿو ان کي دنيا جي هر شيءِ خوبصورت لڳي ٿي.

***

ماڻهو جي سڀ کان وڏي حاصلات آهي پاڻ سڃاڻڻ ۽ جڏهن هو ايئن ڪري وٺي ٿو ته پوءِ مڪمل ۽ لافاني ٿي وڃي ٿو.

***

هو ڪنن کان ٻوڙو آهي ۽ آئون هن کي هزهائينيس چوندو آهيان. ڇاڪاڻ جو بادشاهه هميشه ڳالهائيندا (ٻڌائيندا) آهن، پر جڏهن هنن جي ٻڌڻ جو وارو ايندو آهي ته هو ٻوڙا بڻجي ويندا آهن.

***

آسمان تي هڪ ئي وقت ٻه چنڊ ڏسڻ نه وسارجانءِ، هڪ زمين جو ۽ ٻيو مريخ جو.

مون مرڪي ڏنو ۽ چيو: پاڳل! اڄ ليڊي ڊائنا جي ورسي آهي. خوبصورتي ڪڏهن به مري نٿي، جڏهن هوءَ هن ڌرتيءَ تي هئي ته هوءَ مرڪون ورهائيندي هئي ۽ هوءَ ڌرتيءَ جو چنڊ هئي ۽ هاڻ جڏهن هوءَ ٻي دنيا ۾ هلي ويئي آهي تڏهن به هن جي حسن جو چنڊ آسمان ۾ کڙي ٿو ۽ پنهنجن چاهيندڙن جي اندر ۾ سونهن اوتي ٿي.

***

پنهنجا قدم سوچي سمجهي کڻو، ڇاڪاڻ جو توهان جو حال ايندڙ نسل جو ماضي چوائيندو، جنهن تي هو پنهنجي مستقبل جو بنياد رکندو.

***

هڪ بيوقوف ئي پاڻ کي وڌ ۾ وڌ ذهين (ڏاهو) سمجهي ٿو.

***

جيڪو ماڻهو هر مسئلي تي پنهنجي ماهرانه راءِ ڏي ٿو، منهنجي نظر ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو جاهل يا بيوقوف ٿي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ جو هي (Specialization) جو دور آهي ۽ ڪير به هر فن مولا (All Rounder) هجي اهو ممڪن ناهي.

***

هڪ فاتح جي فتح ڪيل علائقن جون حدون ڀلي ڪيتريون به وسيع هجن، پر ان جي هڪ حد ٿئي ٿي ۽ وقت سان گڏ اهي سرحدون ميسارجي وڃن ٿيون.

پر ڪلا (ڏات) جون حدون نه صرف لامحدود آهن، پر انهن کي ڪڏهن به وقت ميساري نٿو سگهي.

***

آئون اها ماچس جي تيلي ٿيڻ پسند نه ڪندس، جيڪا ٻيلن کي آڳ لڳائي، پر آئون ماچس جي اها تيلي ٿيڻ پسند ڪندس جيڪا اوندهه ۾ ڏيئو جلائي سگهي.

***