ڊائري جا ورق
ٿورو سچائي سان تصور ٿو ڪجي ته اسان سنڌي پنهنجي ئي ڌرتي تي دهشت ناڪ باهه ۾ جلي رهيا آهيون ته لڱ ڪانڊارجو وڃن. سنڌ جو عوام هن وقت ظلم و ستم جي جنهن ٻٽي ترازين سان ڪٽجي، وڍجي ۽ ڇلجي رهيو آهي، ان اذيت ناڪ صورتحال جو تصور ڪندي وار اڀا ٿيو وڃن، يا خدا هي ڇا پيو ٿئي. مظلوم سنڌي عوام جو ڏوهه ڪهڙو آهي، جنهن جي هيڏي وڏي سزا پئي ملي. سنڌ پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر وڏيرن ميرن پيرن سيدن ۽ جاگيردارن هن ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪيو آهي. پنهنجن ليڊرن ئي جو اهو سڀ ڪجهه ڪيل آهي جيڪو اسين اڄ ڀوڳيون پيا.
***
15 مئي 1992
ايئن ٿو لڳي هر ماڻهو وٺ وٺان هڻ هڻان ۾ مشغول آهي، جنهن کي ڏس ڀڄ ڍڪ ۾ ڊوڙ ڊوڙان ۾. بس هر ڪنهن جو مقصد ۽ منشا پئسو، هر ڪو پئسن جي پٺيان ديوانه وار ڪڍ آهي. ٻي ڪابه شيءِ دنيا جي ٻي ڪابه نعمت ڪوبه رشتو ناتو يا تعلق اصل نظر نه پيو اچي. ڪوبه ثواب، نيڪي يا چڱائي انهن جي نظر ۾ ڪجهه نه آهي. رحمدلي يا پيار، محبت جي ڪابه حيثيت ڪونهي، صرف پئسو ۽ بس پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ تمام تر ناجائز، غير اخلاقي انسانيت کان ڪريل حرڪتون به جائز ٿا سمجهن. ڪوڙ، دوکو، فريب، ظلم اهو سڀ ڪجهه هن بازار جهان ۾ جائز آهي. غبن، رشوت، ڪميشن ۽ فراڊ اهي عام طريقا آهن. شاهوڪار ٿيڻ جو جنون سوار آهي، هر ماڻهو هتي لک پتي ۽ ڪروڙ پتي ٿيڻ چاهي ٿو ٻي هر شيءِ بيڪار آهي بي مقصد آهي.
***
12 نومبر 1992
هي موذي ۽ ڪوڙهي گندو سماج ۽ معاشي نظام، ماڻهو کي پل پل ڏنڀ ٿو ڏي قدم قدم تي اِنهي زهريلي نظام جا ڏنگ ٿو سهي ماڻهو. هر طرف هر لمحو ظلم ستم جبر ۽ انڌير آهي، هر پاسي حيوانيت آهي، انسان ويچارو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ گهر ٻار، ماءُ پيءُ، ڀائر، ڀينر، سئوٽ، ماسات اهي تمام عظيم تر رشتا ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهن. پئسو، بس پئسو ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي، پئسي جي خاطر اهي عظيم انساني محبتن جا امين رشتا ٽوڙيا پيا وڃن پر اهو غلط عمل آهي. پئسو ڪڏهن به پيار جو بدل نٿو ٿي سگهي. پيار کي ڪير به ختم يا خريد نٿو ڪري سگهي.
***
3 ڊسمبر 1992
محترم جويو صاحب اکين جو آپريشن ڪرايو آهي، ڏينهن جو مون فون ڪري طبيعت جو پڇيو ۽ ڪو ڪم ڪار، ماني ٽڪي يا دوا وغيره جو ڪم پڇيو مانس. طبيعت ته ٺيڪ اٿس ڪجهه سور آهيس اکين ۾. شام جو وري آئون سندس گهر تي ويس، پاڻ ڪمزور ٿي ويو آهي پر ويٺو رهيو ۽ ڪيترن ايندڙ ماڻهن سان ملندو رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون به ڪندو رهيس. ان وقت هڪ همراهه ٻڌايو ته توهان جي آپريشن جي خبر اخبار ۾ پڙهي پوءِ توهان جي طبيعت پڇڻ آيس ته پاڻ چيائين مون ڪيڏو روڪيو هو انهيءَ اخباري نمائندي کي ته اها خبر نه ڏجانءِ، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ هزارين سوين منهنجا دوست يار همدرد ۽ سڄڻ سڀ پريشان ٿيندا ۽ هتي ايندا، پر همراهه مڃيو ڪونه. جويو صاحب چيو مون ان کي چيو ته بجاءِ ان جي تون اسان جي نئين ايندڙ ڪتاب جي باري ۾ لک پر هو مون سان واعدو ڪري ڦري ويو ۽ ائين ئي ڪيائين جنهن کان مون هن کي سختيءَ سان جهليو هو. وري ٻي ڳالهه ٻڌايائين ته ڊاڪٽر مون کي پڙهڻ کان جهليو آهي پر اڄ جي اخبار ۾ اسان جي ڪتاب مٺ مٺ موتين جي تي هڪ تمام شاندار تبصرو انگريزي ۾ ڇپيو آهي، جيڪو مون چار پنج ڀيرا پڙهيو آهي، ان ڪري جو اديب يا عالم ڪٿي به پنهنجي تخليق جي باري ۾ پڙهندو ۽ تعريف پڙهندو ته ان کي ڏاڍو لطف ۽ مزو ايندو آهي، سو به مون ان مان ڊاڪٽر جي هدايت خلاف مزو ورتو.
***
13 ڊسمبر 1992
ائين ٿو لڳي ته پاڪستان جا حڪمران ۽ طاقتور ڌريون خود پنهنجن هٿن ۽ عملن سان هوش ۽ حواسن سان ڄڻ هن ملڪ کي مسئلن ۾ ڦاسائڻ ۾ رُڌل آهن نه ته هنن کي دنيا جون تيز تر بدلجندڙ حالتون ٿيون نظر اچن نه دنيا ۾ ايندڙ وڏين اثرائتين ڦيرين گهيرين تحت خود هن ملڪ ۽ عوام تي پوندڙ فوري اثر ٿا ڏسڻ ۾ اچن ۽ نه ئي هتي جا ظاهر ۽ لڪل حڪمران ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هتي ته اُهي ئي لاٽون ۽ اهي ئي چگهه آهن. ساڳيو رينگٽ ساڳيو گهاڻو پيو هلي. اهي ملان ۽ سندن سوين سال پراڻي سوچ، اها ئي بنياد پرستي آهي. ملڪ جا سرمائيدار، منافعي خور ۽ ڊرگ مافيا وارا مادر پڌر آزاد آهن، دهشتگرد ۽ چور ڊاڪو به پنهنجي ڌنڌي ۾ شروع آهن. وڏيرا مير پير ساڳيو ڌنڌو ساڳي وڙن سان چالو رکيو اچن. ساڳيا آمرن جا پاليل پٺو حڪمران آهن مطلب ته هتي هر شيءِ، مخالف پاسي پئي وڃي، لوڪ وڃي پيو لهوارو اسين اهوئي اوڀارو پيا وڃون. بهرحال هاڻ اهو سڀ گهڻو وقت ڪونه هلي سگهندو. هاڻ دنيا ڏاڍي ننڍي ۽ تيز تر ٿي ويئي آهي ميڊيا سڄي دنيا کي هڪ گهر بڻائي ڇڏيو آهي، ڪوبه ملڪ ۽ قوم ان کان الڳ رهي ڪانه سگهندي. هنن جاهلن کي به بدلجڻو پوندو، يقينن.
***