ڊائري جا ورق سرمد کوسو December 2021
- اڪثر اها ڳالهه ذهن جي نقشي تي ظاهر ٿيندي آهي ته اسان پنهنجي ويجهي دوست يا عزيز جي ناراض ٿي وڃڻ تي کيس پرچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيون. اسان چاهيندا آهيون ته اُهو دوست يا عزيز ناراض نه ٿئي. انهيءَ دوران اسان جيڪڏهن پنهنجو جائزو وٺنداسين ته اسان پنهنجو پاڻ کي رنجائي ۽ ايذائي ويهندا آهيون. اسان دنيا داري ۽ آدابن جي نالي ۾ پنهنجي آزادي ۽ ضمير کي ماريندا آهيون. ڇا اسان ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ جي لاءِ ايڏي ڪوشش ڪئي؟ اسان جي چوڌاري ٻهروپيت جو جهان آباد آهي. هر ماڻهو پنهنجي چهري تي انيڪ چهرا چاڙهي هلي پيو. هي دنيا چٽا ڀيٽي ۽ مقابلي جي آهي، جنهن ۾ چالاڪ ئي ڪامياب ٿيندو. هن مقابلي جي دنيا ۾ اٻوجهه، غريب، ڪاري ۽ ڪوجهي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي. مائٽن ۽ استادن کي اهو ٻار پيارو هوندو آهي، جيڪو چالاڪ هوندو آهي. جنهن کي چالاڪي ناهي ايندي، ان کي نادان، چريو ۽ بيڪار چئي هميشه سندس استحصال ڪيو ويندو ۽ سندس جذبن جو قتل ڪيو ويندو آهي. ڪوبه انهيءَ پاسي نٿو سوچي. ڇو ته هي مقابلي جي دنيا آهي، هتي ڪاميابي ئي سڀ ڪجهه آهي، ناڪامي جو ڪو به ڌڻي ناهي. هتي ناڪام ٿيڻ وڏو ڏوهه آهي.
- ڪاوڙيل دوست ته پرچي به پوندا آهن، پر پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پنهنجي ضمير ۽ روح کي آيل رهنڊن جو ازالو ڪرڻ تمام مشڪل آهي. دنيا داري جي نالي ۾ پنهنجي وڃايل وقت ۽ توانائي جو ڪوبه نعم البدل ناهي. دل چوندي آهي ته دنيا جي چهري تي دنيا داري ۽ آدابن جي نالي ۾ چڙهيل اهي انيڪ چهرا پَٽي لاهي ڇڏجن ۽ ماڻهن کي دنيا جو اصل چهرو ڏيکارجي!
- موسيقي به ذوق رکندڙ ماڻهو جي زندگي جو اهم حصو هوندي آهي. يا ايئن چئجي ته موسيقي سواءِ زندگي بي رنگ ۽ بي سوادي لڳندي آهي.
- ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي جو ڪو گيت، ڪو ڪلام، ڪا وائي يا ڪوبه موسيقي جو اسم ٻُڌندي اکيون آليون ٿي وينديون آهن، ماڻهو روئڻ لڳندو آهي. هڪ عجيب ڪيفيت جنم وٺندي آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
- مون کي هونئن ته ڪيترائي گيت ۽ گانا دل سان وڻندا آهن، پر خاص طور تي علڻ فقير جي آواز ۾ ”ٽِڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“، استاد جمن جي آواز ۾ ”ڪر خيال دنيا آهي فاني، ڪنهن سان نه نڀائي جاني“ ۽ ڪشور ڪمار جي آواز ۾ ”ڪڀي پلڪون پي آنسون هين، ڪڀي لب پي شڪايت هي، مگر اي زندگي ڦر ڀي مجهي تجهه سي محبت هي“ ٻُڌندو آهيان ته روئي پوندو آهيان. ڇا توهان سان به ايئن ٿيندو آهي؟
- هن وقت هر ماڻهو افرا تفري جو شڪار ۽ انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي. هن وقت انهيءَ نفسياتي مونجهارن مان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو پيار، محبت ۽ عزت آهي. اِنسان پيار جو بُکيو آهي.
- ڪنهن کي عزت ۽ محبت آڇڻ ۾ ڪو خرچ به ناهي جو چئجي ته آئون غريب آهيان ۽ اهي شيون افورڊ نٿو ڪري سگهان.
- هڪ مُرڪ، هڪ ڀاڪر ۽ ٻه پيار مان چيل لفظ ڪنهن انسان جي دل تي وڏو ديرپا اثر ڪن ٿا.
- اسان محبتون ڏيڻ ۾ به ڪنجوسي ڪندا آهيون. اسان اُهو مخصوص موقعو وڃائي پوءِ چوندا آهيون ته ڪاش آئون ايئن نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن سان اِهڙو سلوڪ نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن جي ڪم اچان ها!
- ڪنهن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ محبت کان مٿي ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي ڇا؟
***

