ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ
ڪهاڻي
ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ
رمضان ٻرڙو
سامهون ويٺل عورت پنهنجون ٽنگون سڌيون ڪيون ۽ منهنجي ڀرِ ۾ ويٺل همراهه جي هنج ۾ رکي ڇڏيون، جيڪو سندس مُڙس هو. هن اوچتي چُرپُر تي منهنجي نظر سندس زال جي پيرن تي پئي، جنهن ۾ ڏهين نمبر جو سينڊل به شايد ننڍو ٿئي ها. هن مون ڏانهن ڏسي شرمائي پنهنجي زال کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه چوڻ لڳو. گاڏيءَ جي شور ۾ سندن آواز سمجھه کان وڏو هو، پر گوڙ ۽ چهري جا تاثر ظاهر ڪري رهيا هُئا ته ٻئي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُئا. ٿوريءَ ئي دير ۾ مرد آڻ مڃي ورتي، سندس زال پرس مان فون ڪڍي ڪجھه ڳالهائڻ لڳي، هُن به موبائل تي ڪا راند شروع ڪري ڏني هُئي. مان اهڙي ماحول ۾ ڪجهه پريشان ٿي ويس ۽ مون به موبائل فون کيسي مان ڪڍي خوامخواهه ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪنهن جي ڪا مِسڊ ڪال يا ڪو مئسيج ته ناهي، جو شور ۾ موبائل جي گھنٽي ٻڌڻ کان وڏي هُئي. ڪو مئسيج ڪا مِسڊ ڪال ڪانهَ هُئي، مايوس ٿي فون کيسي ۾ رکي ڇڏيم. مان پَٽ تي اڌ سُتل اڌ ويٺلن مردن ۽ مائين کي ڏسڻ لڳس، ڪي ننڊ ۾ ته ڪي جاڳ ۾ پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هُئا. در وٽ بيهڻ جي جاءِ ڪا مُشڪل هُئي. سُتلن ۾ هڪ اڌ چرسي يا هيروئني پئي لڳا. هي سڀ هن گاڏي ۾ گارڊ يا ڪنهن سپاهيءَ جي سهڪار سان سندس کيسو گرم ڪرڻ کانپوءِ چڙهيا آهن، ڀر ۾ ويٺل همراهه مون کي اشارو ڪري ٻڌايو. پاڻ اهڙي سفر کان گھڻو واقف ڪار هو جو، لاهور ۾ نوڪري ڪندي پنج ڇهه سال گُذري ويا هُئس. هو هر مهيني ٻئي ڳوٺ گھڻو ڪري هن ئي گاڏيءَ ۾ ايندو هو. گاڏي ۾ ڌوڙ جو راڄ هو، هر طرف مِٽي ئي مِٽي هُئي، سواءِ ان جاءِ جي جن تي ماڻهو ويٺل هُئا. اُتي لڳل مِٽي اسان جي ڪپڙن سان صاف ٿي وئي هُئي. مان نڪ تي هٿ رکي ساهه کڻڻ لڳس، پر ڪيستائين؟ مون به حالتن سان سمجھوتو ئي ڪري ڇڏيو. گھر ضرور پهچڻو هُئم، بس ٻارن جي سِڪ کڻي هن گاڏيءَ ۾ سفر ڪرايو هو، جو سڀاڻي موڪل جي ڪري هر طرف رش هُئي. نوڪري پيشه ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وڃي رهيا هُئا. مُسافر وڌي وڃڻ ڪري ڪا سيبتي سواري ملڻ مُشڪل هُئي، سو مون به الله توهار ڪري کڻي ٽڪيٽ ورتي هُئي. تقريبن چاليهن پنجيتاليهن سالن کانپوءِ ههڙي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هُئس. جڏهن ننڍي هوندي نانا جن ڏانهن ويندا هُئاسين، پر گاڏيءَ ۾ اهڙي رش ڪين هوندي هُئي. اوچتو ڪن تي آواز پيو چائي گرم، بهائي کهانا گرم، تازه برياني والا.
مان ٻوسٽ مان ڪجھه جان ڇڏائڻ لاءِ اُٿي دروازي ڏي وڃڻ لڳس. سنڀاليندو، ماڻهن جي ٽنگن مٿان اورانگھيندو، وڃِي در جي ڀر ورتم، پر هِت پهچي پڇتايم، هت ته تِر ڇَٽڻ جي جاءِ به ڪين هُئي، ماڻهو سٿيا پيا هُئا. بس مڙئي سگريٽ مان دونهان ڪڍي وري ماڻهن کي اورانگھيندو وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺس. ٻار جي دانهن مٿان دانهن هُئي، شايد بيزار پئي ٿيو يا بُک ستايو هُئس. مائيءَ پنهنجي مُڙس جي هنج مان ٽنگون کڻي، کيس خوني نظرن سان نهاريندي ٻار کي سڌو ڪيو پر هي بس ڪرڻ جي مُوڊ ۾ ڪينَ هو. شايد ماءُ جي هنج ۾ وڃڻ ٿي چاهيائين، پر ماڻس رڳو ٻار کي ٿپڪيون ڏئي لوڏڻيءَ ۾ سمهارڻ جي موڊ ۾ هُئي.
اڄ جون مائرون پنهنجن ننڍڙن کير پياڪ ٻارن کي سيني سان لائي کڻي هلڻ يا سمهارڻ ۾ الائي ڇو لنوائين ٿيون. سندن ڪپڙن جي استري خراب ٿيندي آ يا ڪو ٻيو مسئلو آ؟ مان سوچڻ لڳس.
ڀر ۾ ويٺل سٺ ستر سالن جي عورت، جيڪا گھڻو ڪري مائيءَ جي سَسُ هُئي، تنهن هُن سان هن سڄي سفر ۾ شايد ئي ڪو لفظ ڳالهايو هُجي، سواءِ کيس ٻارُ هنج ۾ ڏيڻ مهل. ان عورت ٻار کي ڊڄندي ڊڄندي لوڏڻيءَ مان ڪڍي پنهنجي هنج ۾ سمهاريو. جنهن مهل هيءَ ٻار کي لوڏڻيءَ مان کڻي رهي هُئي تنهن مهل سندس ڌيان ننهن کي ڏسڻ ۾ هو، ڪٿي ناراض نه ٿي پئي. مان بدلجندڙ سماجي روين تي سوچي رهيو هُئس، هي ته سراسر سماجي زلزلو ٿو لڳي مون کي. هي ته سماجي بگاڙ آ!… ڪوبه ڀرپورزندگي نٿو گُذاري، ڪهڙو سبب آهي؟ اسان ڇو هڪٻئي کي اوپرو اوپرو پيا سمجھون؟؟ آخر اهڙو ورتاءُ ڪٿي دنگ ڪندو؟؟؟ سوچيندي سوچيندي منهنجو هٿ موبائل فون کي لڳو ۽ وري غير ارادي طور اسڪرين ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ حيات خاتون جو فون اچڻ لڳو. مان خيالن جي گگن مان ٻاهر نڪتس. ساڻس فون تي ڳالهائڻ لڳس، پاڻ منهنجي لاءِ حياتي آ، مون ۾ ساهه آهي هُن جو.
آواز ۾ شور ٻُڌي پڇيائين ڪٿي آهيو؟ هي هيڏو گوڙ ڇاجو آ؟؟
مون کيس ٻڌايو ته مان پاڪستان جي شاندار ٽرين جي عوامي گاڏي ۾ سفر ڪري گھر پيو وڃان.
ايترو شور!!؟؟ پاڻ عجب کاڌائين.
مون کيس ڪامينٽري ڪندي ٻُڌايو، منهنجي سيٽ جي ساڄي پاسي پَٽَ تي ڪيترائي ماڻهو سُتا پيا آهن، ڪي ويٺي ويٺي ننڊ پيا ڪن ۽ بُوبڪائي طوطن وانگر هڪٻئي سان ڪڏهن ڪڏهن مٿو ٿا ٽڪرائين تَه ڪڏهن ڪلها. هي در وٽ جيڪي ماڻهو سُتا پيا آهن، انهن ۾ ڪجھه مون کي هيروئني ٿا لڳن.
مون کيس ٻڌايو ته مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو عجيب قسم جي جماعت ڏٺي آ جنهن ۾ هڪ ماڻهو ٻئي جي پويان هو ۽ سومهڻي جي نماز باجماعت پڙهي هُئن. هيءَ صف گاڏيءَ جي سائيڊ واريءَ گھٽيءَ ۾ هُئي. هو نماز پڙهندي ڪرڻ جي خوف کان ڏاڍا محتاط هُئا جنهن ڪري نماز ۾ سندن ڌيان گھٽ هو. ڀلا ڪهڙي ضرورت هئن هيئن نماز پڙهڻ جي؟ پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي به تَه ٻه رڪعتون پڙهي پئي سگھيا، جنهن سان باريءَ سان سُهڻي طريقي مُخاطب ٿي پئي سگھيا. پر ڇا ڪجي، زماني کي بِه تَه ڏيکارڻو هو نَه. ايتري ۾ ساڳئي ٻار جي روئڻ جو آواز حياتيءَ جي ڪنن تي پيو.
پُڇيائين ٻار ڇو پيو روئي؟؟
مون چيومانس ته هي عوامي گاڏو آ ۽ عوام ۾ ٻار هُجي يا ٻُڍو، ننڍو هُجي يا وڏو، پوڙهو هُجي يا پڪو، هن مُلڪ ۾ کين روئڻ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڇا مليو آهي. روئڻ اسان جي زندگيءَ جو حصو آهي. اسان روئي به الله جو شڪر ڪندا آهيون. ڏاڍي صابرين قوم آهيون. مان هي سڀ ڪجهه يڪساهيءَ چئي ويس. هوا ۽ مٽيءَ جي حملي ۾ مون کي وڏي نِڇَ آئي. پاڻ کِلي پئي. چيائين اجھو اهڙي ٽرين ۾ سفر ڪندا ته اوهان پنهنجي طبيعت به خراب ڪندا. مان ڀوڳ جي موڊ ۾ چيومانس، ها دماغ ته اڳي ئي خراب هو هاڻي طبيعت جو خدا خير ڪري. دُعا ڪجو. دال شي، دال خسته تازه، ريوڙيان لو ڀائي ريوڙيان. آواز گاڏي جي ساري شور کي مات ڏئي منهنجي فون مان گُذري حياتيءَ جي ڪن پيو، پاڻ ٽهڪ ڏيڻ لڳي، منهنجي ڪنن ۾ رسُ اوتجي ويو، مون ۾ زندگي ڪر کڻڻ لڳي.
گاڏيءَ جي رفتار اوچتو ڍري ٿي وئي. گاڏي ۾ ويٺل اسان سڀ هڪٻئي جي منهن کي ڏسڻ لڳاسين، جو گاڏي جھنگ ۾ رڪجڻ لڳي هُئي. اوچتو گوليءَ جو آواز، هوا جي جھوٽن سان گاڏي ۾ گونججي ويو. اسان سڀ وائڙا ۽ پريشان ٿي وياسين. ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ گاڏي هلڻ شروع ٿي وئي، اسان ٿڌو ساهه کنيو. گاڏي هلندي رهي ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ. ڪجهه ئي دير بعد هڪ اسٽيشن تي گاڏيءَ وري بريڪ هنئي، جڏهن تهَ شيڊول ۾ هن اسٽيشن تي بريڪ لڳائڻ جو ڪو سبب ڪونه هو. ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته هي ٽرين جا ڊرائيور پنهنجي کيسي خرچي ڪڍڻ لاءِ مختلف اسٽيشنن تان ماڻهو کڻندا آهن ۽ ڪجهه کيسي خرچي وٺي گاڏيءَ کي هلڪي بريڪ ڏيندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ماڳ تي لهي هليا ويندا آهن. گاڏيءَ جي اسپيڊ تيز ٿيڻ لڳي، ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ.
مقرر وقت کان ٻَه ڪلاڪ دير سان پر خير سان پنهنجي منزل تي پهتُس. گاڏيءَ مان لهي ٻانهن سان منهن کي اُگھي مِٽي لاٿم. گھر پهچي نَڪَ مان سُڻڪي سُڻڪي هڪڙي آني جيترو گارو ڪڍيم. اکيون ڀتر ٿي پيون هُئم. جڏهن ننڍي هوندي ڪاٺ جي ٻارڻ تي هلندڙ ٽرين ۾ سفر ڪندا هُئاسين تڏهن به ههڙو ڪِنو حال ڪونه ٿيندو هو جھڙو اڄ هن سُڌريل دور ۾ ڊيزل تي هلندڙ گاڏيءَ ۾ خواري ٿي آهي. ٻيو خاص فرق جيڪو مون کي محسوس ٿيو اهو هي ته پراڻي دور ۾ گاڏي ڇَههَ ڇَهه پئسا ٻَه ٻَه پايون ڪندي هُئي، هاڻي جديد دور ۾ ٽرين جو آواز به پاپ ۽ راڪ موسيقيءَ وانگر آ…. ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ.