ٻه ٻار

ڪهاڻي

ٻه ٻار

خليل جبران

سنڌيڪار: سعيد نواز سومرو

بادشاهه پنهنجي محل جي باغيچي ۾ اچي بيٺو ۽ ان حُجوم کي جيڪو سندس چوءطرف احترام سان بيٺل هو  مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو: “اڄ توهان کي خوشخبري ۽ پوري ملڪ کي مبارڪ ٿو ڏيان ته توهان جي ملڪه کي نرينا اولاد ڄائو آهي، جيڪو منهنجي بزرگ خاندان جي عزت کي زنده ڪندو، توهان جي لاءِ فخر ۽ پناهه جو سبب هوندو  ۽ منهنجي نامور بزرگن جي يادن جو وارث بڻجندو. خوش ٿي وڃو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو جو توهان جو مستقبل هڪ شريف ۽ خانداني ٻار سان منسلڪ هوندو”.

ماڻهن جي ميڙ مان نعرن جا پڙاڏا گونجڻ لڳا ۽ فضا ان ٻار جي پيدائش جي سلسلي ۾ خوشيءَ جي ترانن سان پُر ترنم ٿي وئي، جو عشرت ۽ آسودگيءَ جي آغوش ۾ پروان چڙهندو ۽ عزت و احترام جي ڪرسيءَ تي جوان ٿي غلامن  جو  بااختيار حاڪم ٿيندو، جيڪو طاقت جي زور تي ڪمزورن جو لغام پنهنجي هٿ ۾ کڻِي انهن جي جسمن کان خدمت وٺندو ۽ انهن جي جانين کي ضايع ڪرڻ ۾ بلڪل آزاد هوندو. هيءَ هئي اُها تقرير جنهن جي ڪري سڀ  پرجوش هئا ۽ خوشين جا راڳ آلاپي رهيا هئا ۽ باغ  و بهار ٿي رهيا هئا.

ان وقت جڏهن سڄو شهر طاقتور جي عظمت جا عَلم بلند ڪري پنهنجي زبوني فطرت جو مظاهرو ڪري رهيو هو ۽ ظالم جا گڻ ڳائي فرشتن کي پنهنجِي حقارت تي غمزده ڪري رهيو هو، آبادي کان الڳ ٿلڳ ننڍڙي گهر ۾ تنگ دستي ۽ ويچارگيءَ جي ماريل عورت بستر تي بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي کير پياڪ ٻار جيڪو پراڻڻ ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل هو، پنهنجي باهه جهڙي ڇاتيءَ سان لڳايو، هڪ نوجوان عورت جنهن جي قسمت ۾ زماني فقيري ۽ بدنصيبي لکي ڇڏي هئي ۽ جنهن کي تمام بني و بشر وساري ڇڏيو هو. هڪ زال جنهن جي ڪمزور مڙس کي طاقتور حاڪم موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو، هڪ بي يارو مددگار مخلوق جنهن کي خدا ان رات هڪ ننڍڙو ساٿي عطا ڪيو هو، هڪ اهڙو ساٿي جنهن هُن جا هٿ ٻڌي  هُن کي محنت مزدوري کان به معذور بڻائي ڇڏيو هو.

جڏهن گهٽين مان ماڻهن جو هل هنگامو ختم ٿيو ته ان بدنصيب پنهنجي پٽ کي گود ۾ کنيو ۽ ان جي روشن اکين کي ڏسي زار و قطار روئڻ لڳي. سندس مامتا گرم گرم ڳوڙهن جي صورت ۾ هن جي جسم ۾ ڀُري رهي هئي، هڪ اهڙو آواز گونجيو جنهن کي ٻُڌي ڄڻ وقت بيهي ويو هجي ۽ پهاڙ ريزا ريزا ٿي ويا هجن، هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو: “منهنجي جگر جا ٽڪر! تون عالمِ ارواح تان ڇو آيو آهين؟ منهنجي تلخ زندگيءَ ۾ حصيدار ٿيڻ جي خواهش ۾ يا منهنجي بيوسي تي رحم کائڻ لاءِ؟ تون فرشتن ۽ وسيع فضائن کي ڇڏي  تنگ ۽ ذلت و رسوائي سان ڀريل دنيا ۾ ڇو آيو آهين؟ منهنجا ٻچڙا! مون وٽ ڳوڙهن کان سواءِ تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪونهي! ڇا تون کير جي بدلي منهنجا ڳوڙها پيئندين؟ ڇا ڪپڙن جي بدلي منهنجي اگهاڙين ٻانهن کي تون پنهنجو لباس بڻائيندين؟ جانورن جا ٻچا ته گاهه چرندا آهن ۽ اطمينان سان واڙن ۾ رات گذاريندا آهن، پکين جا ٻچا داڻو چڳي آرام سان وڻن جي شاخن تي سمهندا آهن، پر منهنجا لعل تنهنجي لاءِ تنهنجي ماءُ جي ڪمزوري ۽ آهُن کان سواءِ تنهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي!” اهو چئي هن پنهنجي ٻار کي ڇاتي سان ايئن ڀڪوڙيو ڄڻ ٻن جسمن کي هڪ ڪرڻ جي خواهش هئس ۽ آسمان ڏانهن مُنهن ڪري رڙيون ڪندي چيائين: “اي منهنجا رب اسان تي رحم ڪر!” جڏهن آسمان تي ڪڪر ٽڙي پکڙي ويا ته چنڊ جي چانڊاڻ ريڙهيون پائيندي دريءَ منجهان ان ننڍڙي گهر ۾ داخل ٿي ۽ ٻن بي حِس ۽ سانت جسمن تي پکڙجي وئي.

ڪهاڻي

ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ ڌِرتَڪ

رمضان ٻرڙو

سامهون ويٺل عورت پنهنجون ٽنگون سڌيون ڪيون ۽ منهنجي ڀرِ ۾ ويٺل همراهه جي هنج ۾ رکي ڇڏيون، جيڪو سندس مُڙس هو. هن اوچتي چُرپُر تي منهنجي نظر سندس زال جي پيرن تي پئي، جنهن ۾ ڏهين نمبر جو سينڊل به شايد ننڍو ٿئي ها. هن مون ڏانهن ڏسي شرمائي پنهنجي زال کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه چوڻ لڳو. گاڏيءَ جي شور ۾ سندن آواز سمجھه کان وڏو هو، پر گوڙ ۽ چهري جا تاثر ظاهر ڪري رهيا هُئا ته ٻئي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُئا. ٿوريءَ ئي دير ۾ مرد آڻ مڃي ورتي، سندس زال پرس مان فون ڪڍي ڪجھه ڳالهائڻ لڳي، هُن به موبائل تي ڪا راند شروع ڪري ڏني هُئي. مان اهڙي ماحول ۾ ڪجهه پريشان ٿي ويس ۽ مون به موبائل فون کيسي مان ڪڍي خوامخواهه ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪنهن جي ڪا مِسڊ ڪال يا ڪو مئسيج ته ناهي، جو شور ۾ موبائل جي گھنٽي ٻڌڻ کان وڏي هُئي. ڪو مئسيج ڪا مِسڊ ڪال ڪانهَ هُئي، مايوس ٿي فون کيسي ۾ رکي ڇڏيم. مان پَٽ تي اڌ سُتل اڌ ويٺلن مردن ۽ مائين کي ڏسڻ لڳس، ڪي ننڊ ۾ ته ڪي جاڳ ۾ پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هُئا. در وٽ بيهڻ جي جاءِ ڪا مُشڪل هُئي. سُتلن ۾ هڪ اڌ چرسي يا هيروئني پئي لڳا. هي سڀ هن گاڏي ۾ گارڊ يا ڪنهن سپاهيءَ جي سهڪار سان سندس کيسو گرم ڪرڻ کانپوءِ چڙهيا آهن، ڀر ۾ ويٺل همراهه مون کي اشارو ڪري ٻڌايو. پاڻ اهڙي سفر کان گھڻو واقف ڪار هو جو، لاهور ۾ نوڪري ڪندي پنج ڇهه سال گُذري ويا هُئس. هو هر مهيني ٻئي ڳوٺ گھڻو ڪري هن ئي گاڏيءَ ۾ ايندو هو. گاڏي ۾ ڌوڙ جو راڄ هو، هر طرف مِٽي ئي مِٽي هُئي، سواءِ ان جاءِ جي جن تي ماڻهو ويٺل هُئا. اُتي لڳل مِٽي اسان جي ڪپڙن سان صاف ٿي وئي هُئي. مان نڪ تي هٿ رکي ساهه کڻڻ لڳس، پر ڪيستائين؟ مون به حالتن سان سمجھوتو ئي ڪري ڇڏيو. گھر ضرور پهچڻو هُئم، بس ٻارن جي سِڪ کڻي هن گاڏيءَ ۾ سفر ڪرايو هو، جو سڀاڻي موڪل جي ڪري هر طرف رش هُئي. نوڪري پيشه ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وڃي رهيا هُئا. مُسافر وڌي وڃڻ ڪري ڪا سيبتي سواري ملڻ مُشڪل هُئي، سو مون به الله توهار ڪري کڻي ٽڪيٽ ورتي هُئي. تقريبن چاليهن پنجيتاليهن سالن کانپوءِ ههڙي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هُئس. جڏهن ننڍي هوندي نانا جن ڏانهن ويندا هُئاسين، پر گاڏيءَ ۾ اهڙي رش ڪين هوندي هُئي. اوچتو ڪن تي آواز پيو چائي گرم، بهائي کهانا گرم، تازه برياني والا.

مان ٻوسٽ مان ڪجھه جان ڇڏائڻ لاءِ اُٿي دروازي ڏي وڃڻ لڳس. سنڀاليندو، ماڻهن جي ٽنگن مٿان اورانگھيندو، وڃِي در جي ڀر ورتم، پر هِت پهچي پڇتايم، هت ته تِر ڇَٽڻ جي جاءِ به ڪين هُئي، ماڻهو سٿيا پيا هُئا. بس مڙئي سگريٽ مان دونهان ڪڍي وري ماڻهن کي اورانگھيندو وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺس. ٻار جي دانهن مٿان دانهن هُئي، شايد بيزار پئي ٿيو يا بُک ستايو هُئس. مائيءَ پنهنجي مُڙس جي هنج مان ٽنگون کڻي، کيس خوني نظرن سان نهاريندي ٻار کي سڌو ڪيو پر هي بس ڪرڻ جي مُوڊ ۾ ڪينَ هو. شايد ماءُ جي هنج ۾ وڃڻ ٿي چاهيائين، پر ماڻس رڳو ٻار کي  ٿپڪيون ڏئي لوڏڻيءَ ۾ سمهارڻ جي موڊ ۾ هُئي.

 اڄ جون مائرون پنهنجن ننڍڙن کير پياڪ ٻارن کي سيني سان لائي کڻي هلڻ يا سمهارڻ ۾ الائي ڇو لنوائين ٿيون. سندن ڪپڙن جي استري خراب ٿيندي آ يا ڪو ٻيو مسئلو آ؟ مان سوچڻ لڳس.

 ڀر ۾ ويٺل سٺ ستر سالن جي عورت، جيڪا گھڻو ڪري مائيءَ جي سَسُ هُئي، تنهن هُن سان هن سڄي سفر ۾ شايد ئي ڪو لفظ ڳالهايو هُجي، سواءِ کيس ٻارُ هنج ۾ ڏيڻ مهل. ان عورت ٻار کي ڊڄندي ڊڄندي لوڏڻيءَ مان ڪڍي پنهنجي هنج ۾ سمهاريو. جنهن مهل هيءَ ٻار کي لوڏڻيءَ مان کڻي رهي هُئي تنهن مهل سندس ڌيان ننهن کي ڏسڻ ۾ هو، ڪٿي ناراض نه ٿي پئي. مان بدلجندڙ سماجي روين تي سوچي رهيو هُئس، هي ته سراسر سماجي زلزلو ٿو لڳي مون کي. هي ته سماجي بگاڙ آ!… ڪوبه ڀرپورزندگي نٿو گُذاري، ڪهڙو سبب آهي؟ اسان ڇو هڪٻئي کي اوپرو اوپرو پيا سمجھون؟؟ آخر اهڙو ورتاءُ ڪٿي دنگ ڪندو؟؟؟ سوچيندي سوچيندي منهنجو هٿ موبائل فون کي لڳو ۽ وري غير ارادي طور اسڪرين ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ حيات خاتون جو فون اچڻ لڳو. مان خيالن جي گگن مان ٻاهر نڪتس. ساڻس فون تي  ڳالهائڻ لڳس، پاڻ منهنجي لاءِ حياتي آ، مون ۾ ساهه آهي هُن جو.

 آواز ۾ شور ٻُڌي پڇيائين ڪٿي آهيو؟ هي هيڏو گوڙ ڇاجو آ؟؟

 مون کيس ٻڌايو ته مان پاڪستان جي شاندار ٽرين جي عوامي گاڏي ۾ سفر ڪري گھر پيو وڃان.

 ايترو شور!!؟؟ پاڻ عجب کاڌائين.

مون کيس ڪامينٽري ڪندي ٻُڌايو، منهنجي سيٽ جي ساڄي پاسي پَٽَ تي ڪيترائي ماڻهو سُتا پيا آهن، ڪي ويٺي ويٺي ننڊ پيا ڪن ۽ بُوبڪائي طوطن وانگر هڪٻئي سان ڪڏهن ڪڏهن مٿو ٿا ٽڪرائين تَه ڪڏهن ڪلها. هي در وٽ جيڪي ماڻهو سُتا پيا آهن، انهن ۾ ڪجھه مون کي هيروئني ٿا لڳن.

 مون کيس ٻڌايو ته مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو عجيب قسم جي جماعت ڏٺي آ جنهن ۾ هڪ ماڻهو ٻئي جي پويان هو ۽ سومهڻي جي نماز باجماعت پڙهي هُئن. هيءَ صف گاڏيءَ جي سائيڊ واريءَ گھٽيءَ ۾ هُئي. هو نماز پڙهندي ڪرڻ جي خوف کان ڏاڍا محتاط هُئا جنهن ڪري نماز ۾ سندن ڌيان گھٽ هو. ڀلا ڪهڙي ضرورت هئن هيئن نماز پڙهڻ جي؟ پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي به تَه ٻه رڪعتون پڙهي پئي سگھيا، جنهن سان باريءَ سان سُهڻي طريقي مُخاطب ٿي پئي سگھيا. پر ڇا ڪجي، زماني کي بِه تَه ڏيکارڻو هو نَه. ايتري ۾ ساڳئي ٻار جي روئڻ جو آواز حياتيءَ جي ڪنن تي پيو.

 پُڇيائين ٻار ڇو پيو روئي؟؟

مون چيومانس ته هي عوامي گاڏو آ ۽ عوام ۾ ٻار هُجي يا ٻُڍو، ننڍو هُجي يا وڏو، پوڙهو هُجي يا پڪو، هن مُلڪ ۾ کين روئڻ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڇا مليو آهي. روئڻ اسان جي زندگيءَ جو حصو آهي. اسان روئي به الله جو شڪر ڪندا آهيون. ڏاڍي صابرين قوم آهيون. مان هي سڀ ڪجهه يڪساهيءَ چئي ويس. هوا ۽ مٽيءَ جي حملي ۾ مون کي وڏي نِڇَ آئي. پاڻ کِلي پئي. چيائين اجھو اهڙي ٽرين ۾ سفر ڪندا ته اوهان پنهنجي طبيعت به خراب ڪندا. مان ڀوڳ جي موڊ ۾ چيومانس، ها دماغ ته اڳي ئي خراب هو هاڻي طبيعت جو خدا خير ڪري. دُعا ڪجو. دال شي، دال خسته تازه، ريوڙيان لو ڀائي ريوڙيان. آواز گاڏي جي ساري شور کي مات ڏئي منهنجي فون مان گُذري حياتيءَ جي ڪن پيو، پاڻ ٽهڪ ڏيڻ لڳي، منهنجي ڪنن ۾ رسُ اوتجي ويو، مون ۾ زندگي ڪر کڻڻ لڳي.

گاڏيءَ جي رفتار اوچتو ڍري ٿي وئي. گاڏي ۾ ويٺل اسان سڀ هڪٻئي جي منهن کي ڏسڻ لڳاسين، جو گاڏي جھنگ ۾ رڪجڻ لڳي هُئي. اوچتو گوليءَ جو آواز، هوا جي جھوٽن سان گاڏي ۾ گونججي ويو. اسان سڀ وائڙا ۽ پريشان ٿي وياسين. ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ گاڏي هلڻ شروع ٿي وئي، اسان ٿڌو ساهه کنيو. گاڏي هلندي رهي ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ. ڪجهه ئي دير بعد هڪ اسٽيشن تي گاڏيءَ وري بريڪ هنئي، جڏهن تهَ شيڊول ۾ هن اسٽيشن تي بريڪ لڳائڻ جو ڪو سبب ڪونه هو. ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته هي ٽرين جا ڊرائيور پنهنجي کيسي خرچي ڪڍڻ لاءِ مختلف اسٽيشنن تان ماڻهو کڻندا آهن ۽ ڪجهه کيسي خرچي وٺي گاڏيءَ کي هلڪي بريڪ ڏيندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ماڳ تي لهي هليا ويندا آهن. گاڏيءَ جي اسپيڊ تيز ٿيڻ لڳي، ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ.

مقرر وقت کان ٻَه ڪلاڪ دير سان پر خير سان پنهنجي منزل تي پهتُس. گاڏيءَ مان لهي ٻانهن سان منهن کي اُگھي مِٽي لاٿم. گھر پهچي نَڪَ مان سُڻڪي سُڻڪي هڪڙي آني جيترو گارو ڪڍيم. اکيون ڀتر ٿي پيون هُئم. جڏهن ننڍي هوندي ڪاٺ جي ٻارڻ تي هلندڙ ٽرين ۾ سفر ڪندا هُئاسين تڏهن به ههڙو ڪِنو حال ڪونه ٿيندو هو جھڙو اڄ هن سُڌريل دور ۾ ڊيزل تي هلندڙ گاڏيءَ ۾ خواري ٿي آهي. ٻيو خاص فرق جيڪو مون کي محسوس ٿيو اهو هي ته پراڻي دور ۾ گاڏي ڇَههَ ڇَهه پئسا ٻَه ٻَه پايون ڪندي هُئي، هاڻي جديد دور ۾ ٽرين جو آواز به پاپ ۽ راڪ موسيقيءَ وانگر آ…. ڌِرتڪ ڌِرتڪ ڌِرتڪ.

مار! هيئن به ٿيندو آ

منور علي ڪيهر

ڪرم حسين کي ڪالهه بدن ۾ ساڻائي هئي، پيٽ ۾ وڪڙ پئي پيس. باٿ روم مان خالي موٽي پئي آيو، قبضي محسوس ڪري رهيو هو. گهرواريءَ چيس “واڻئي ڊاڪٽر کان سُئي هڻائي اچ” “ٺيڪ آهيان هرو ڀرو سُئي ڇو هڻايان، واڻيو هڪ سُئي هڻندو ته ٽي چار شيشيون به کڻائيندو، ٽي چار سئو ته ضرور وٺندو”. ڪرم حسين ڊاڪٽر جي شڪايت ڪندي ڪن لاٽار ڪئي.

“پٽ هي وٺ ڏهه رپيا ٻه پڙيون اسپغول جون دريا خان جي دڪان تان وٺي اچ” ڪرم حسين ڏهن رپين جو نوٽ ڪڍندي ننڍڙي دينو کي ڏنو“بابا مون کي به ته ڏهه رپيا شيءَ لاءِ ڏيو نه”!. نيمو نوٽ جهلي پيءُ جي اڳيان بيهي رهيو “وٺ تون به ڏهه رپيا مڙندين ڇا”! ڪرم حسين درياهه دلي ڏيکاريندي چيو.

هڪ اسپغول جي پڙي ٿڌي پاڻيءَ جي گلاس ۾ ملائي پي ڇڏيائين. رات جو سمهڻ مهل ٻي پڙي ٿوري کنڊ ملائي پي ڇڏيائين، پيٽ جا وڪڙ ته في الحال ختم ٿي ويس. صبح جو گهرواريءَ چيس “لاڙڪاڻي مان گهر لاءِ سودو وٺي اچ، هت ته هيڪوڻ جو ٻيڻ تي سودو ڏين ٿا. ها! ها! ڪالهه کان تيل به ختم ٿي ويو آهي” گهرواري يادگيريون ڏياريندي چيس. “ڀلا رات مون کي کچڻي اڻڀي رڌي ڏني هئي ڇا؟ مان به چوان ته چانور صفا گنڊو لڳا پيا هئا”! ڪرم حسين شڪايت ڪندي زال کي چيو. “ڇو! توکي اڻڀي کچڻي ڇو رڌي ڏيندم ادي آمل کان هڪ ڪوپ تيل جو اڌارو وٺي آئي هئس” سندس زال صفائي پيش ڪري مڙس کي ورندي ڏني.

ڪرم حسين جي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ دل ئي نه پئي ڪيس پر گهر جي سودي خاطر موٽرسائيڪل ڪڍي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. دودائيءَ جي مقام کان ٿورو اورتي پيشاب ڪرڻ لاءِ موٽرسائيڪل روڊ کان هيٺ ڪَچَ تي بيهاري، پيشاب پئي ڪيائين پيٽ ۾ وٽ پئجي ويس، روڊ کان هيٺ لهي جو جهنگڙو هو، اتي لهي جهنگ جي خيال خاطر لهي ويو. روڊ تي ڪنهن موٽرسائيڪل واري بريڪ هنئي، خيال ٿيس ته متان هيٺ لهي اچي، تنهنڪري کنگهر ڪيائين، ايتري ۾ موٽرسائيڪل جي چالو ٿيڻ جو آواز ڪن تي پيس “شايد پيشاب ڪرڻو هوندس اڳتي هليو ويو” ڪرم دل ۾ سوچيو. جهنگ جو خيال پورو ڪري، ڀترن سان استنجو ڪري ٻاهر آيو، ڏسي ته سندس موٽرسائيڪل موجود ڪونه هئي، ٻي موٽرسائيڪل بيٺي هئي، پر ڏسڻ ۾ سندس موٽرسائيڪل کان سٺي ۽ نئين ماڊل جي هئي. هيڏي هوڏي ڏسي موٽرسائيڪل چالو ڪيائين، چاٻي موٽرسائيڪل ۾ ئي لڳل هئي، پر موٽرسائيڪل ته پنڪچر هئي.

سامهون روڊ تي نهاريائين ته پري ڪو موٽرسائيڪل سوار لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو، خير پنڪچر موٽرسائيڪل تي چڙهي آهستي آهستي پيٽرول پمپ جي ڀرسان پهتو ته سندس موبائل تي رنگ اچي رهي هئي، هڪ هٿ سان پنڪچر موٽرسائيڪل ڪيئن هلائي. تنهنڪري موٽرسائيڪل تان لهي موبائل کيسي مان ڪڍي ڏٺائين ته نيو نمبر هو. الو ڪيائين ته ڪنهن ماڻهو چيس “ادا پريشان نه ٿي تنهنجي موٽرسائيڪل مون مشتاق پنڪچر واري وٽ پهچائي آهي، مون کي موت حياتي جهڙو ضروري ڪم هو …… هلو هلو ٻڌين پيو نه”! “هائو ٻڌان پيو” مان مختصر ورندي ڏني مانس. “تون مون واري موٽرسائيڪل مشتاق وٽ رکي، پنهنجي گاڏي ڪاهي وڃجانءِ! هلو! هلو!! ۽ مشتاق کي چئجانءِ ته پنڪچر ڳنڍي ڇڏي” “پر ادا تون ڪير آهين” مون کانئس پڇيو، پر همراهه موبائل بند ڪري ڇڏي.

مان مشتاق وٽ پهتس ته برابر مون واري گاڏي اتي بيٺي هئس “هيءَ مون واري موٽرسائيڪل تو وٽ ڪير ڇڏي ويو” مشتاق کان پڇيم “سائين مان نه سڃاتو همراهه کي ڏاڍي تڪڙ هئي، رڪشي واري کي روڪي رڪشا ۾ روانو ٿي ويو “مشتاق پنهنجي مخصوص ٻاتي لهجي ۾ ڳالهايو”. “سائين رڪشا تي چڙهڻ مهل چيائين ته پويان همراهه اچي پيو گاڏي ان کي ڏجانءِ”. مشتاق لفظ لفظ ڪري ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ لفظ سندس نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا هجنس. ڪرم حسين وائڙو ٿي ويو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪيائين “مار هينئن به ٿيندو آ”.

Leave a Reply

Your email address will not be published.