ادب

چوڻيون علامه نياز فتحپوري انجنيئر عبدالوھاب سھتو

چوڻيون

علامه نياز فتحپوري

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

دنيا منجھ، ڪابه اھڙي ٻولي ناھي، جنھن ۾ ڪھاوتون يا چوڻيون نه ھجن ۽ ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، اھي استعمال نه ڪندا ھجن. جڏھن ته نه رڳو ڳاڻيٽي جي حساب سان بلڪه نوعيت جي لحاظ کان به ايترو ته ججھي انداز ۾ ملن ٿيون جو انساني زندگيءَ جو ڪو اھڙو پاسو نٿو رھي جنھن تي حاوي نه ھجن. عورتن جون چوڻيون، ٻارن لاءِ پھاڪا، ڪمين ڪاسبين بابت ضرب الامثال. اھڙيءَ طرح امير ۽ فقير، جاھل ۽ عالم، شاھ ۽ گدا، ڏاھو ۽ بيوقوف، مڙني طبقن جون چوڻيون اسان کي ادب ۾ ملن ٿيون. حيرت ان ڳالھ تي وٺيو ٿي وڃي ته ايڏو وڏو ذخيرو ڪيئن وسريل رھيو آھي. ھاڻي اسان ان کي، ادب جي ڪھڙي صنف ۾ جاءِ ڏيون.

چوڻي، ڍيڪ، ٺٺول، محاورو ۽ ورجيس وغيره، سموري جا سمورا، ھڪ ئي خاندان جو وکر آھن، جن جو تعلق تاريخ يا علم ۽ ڏاھپ سان ته يقينن ناھي. اگر اسان ٻوليءَ ۽ محاورن، لطيف ادب يا صنايع ۽ بدايع جي سري ھيٺ انھن جو تذڪرو ڪيون ته مناسب رهندو.

چوڻيون، شعر ته يقينًا ناھن. ليڪن شعر وارو لطف ۽ مٺاس منجھن ضرور ملي ٿو. اھي خود تاريخي داستان يا ڪھاڻيون ناھن ليڪن انھن منجھان گھڻن جو ماخذ تاريخ جي ڦٽل ٽٽل واقعن ۽ عوام جا قصا ڪھاڻيون ضرور آھن، جن کي لوڪ ادب (Folklore) چئجي ٿو.

چوڻيون ڪنھن ادب جي آڳاٽي دور جو وکر نٿو ٿي سگھي، بلڪه انھن جو تعلق انھيءَ دور سان آھي جڏھن تمدن سان گڏ ٻولي به وسعت اختيار ڪري رهي هئي. جڏھن خيالن جي اظھار ۾ رنگيني ۽ نفسياتي دلڪشي پيدا ٿيندي آھي ۽ جڏھن اسان جي اندر منجھ، دلفريب ۽ وڻندڙ منطقي شعور نشو و نما حاصل ڪري وٺندو آھي.

ايئن ته ادب ۽ ادبي ھر صنف، زندگيءَ سان تعلق رکي ٿي، پر چوڻين ۾ زندگيءَ کي سمجھڻ جا جيڪي پڪا پختا اشارا ملن ٿا، تن ۾ ھڪ اھڙي ادب آموز ڪيفيت به ملي ٿي جيڪا کيس تنقيدي ادب ڏانھن وٺي وڃي ٿي. ادب جي ترقي، گھڻو ڪري، زندگيءَ جي تجربن تي منحصر آھي. اگر اھي تجربا نالا آھن فقط اسان جي حماقتن جا ته پوءِ چوڻيون به پڪ سان نالا آھن انھن حماقتن تي طنزيه تنقيد جا، جن کان قدرتي طور اسان کي متاثر ٿيڻ گھرجي. چوڻين جو اگر تجزيو يا ڇيد ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته انھن جو تعلق محض اُپڙڻ يا ذھني تخليق سان ناھي بلڪه انھن جو پسمنظر اھڙين حقيقتن تي مشتمل آھي جن جي حيثيت اقليدس جي اصول موضوع (axillary) کان گھٽ ناھي. ٻيو ته پاڻ ئي پنھنجي سچائيءَ جون ضامن آھن.

نمونا/نوعيتون:

چوڻين جا گھڻا ئي نمونا/قسم آھن. منجھانئن ڪي ته اھي آھن جيڪي ڪنھن خاص وقت يا واقعي جي پيداوار آھن. ليڪن ھاڻي انھن جي اھا تاريخي حيثيت ختم ٿي، فقط نصيحت آموز واري مقرر ٿي وئي آھي.

۱جان ہے، جہان ہے۔جيءُ آ ته جھان آ.
۲آپ سے گيا، جہان سے گيا۔جان کان ويو، جھان کان ويو.۲. مئي پڄاڻان، مري وئي دنيا.
۳آتما ميں پڑے، توپرماتما کی سوجھے۔پيٽ ۾ ناھي روٽي، نيت آھي کوٽي.

ان نوعيت جا نصيحت آموز ٻول/مقولا، اخلاقي يا مذھبي ادب ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا. ڇو جو اھي اصل ۾ اخلاقي يا مذھبي ادب مان ئي ورتا ويا ھوندا. جيئن بائيبل جا حضرت سليمان عليه السلام جا پھاڪا يا ايسپ جون آکاڻيون، ساڳئي نوع جي اخلاقي ادب سان تعلق رکن ٿيون. ائين اسان وٽ به ڪن قومن جي سرواڻن جا قول بلڪل ساڳيو رنگ رکن ٿا. مثال طور؛ گرو نانڪ جو اھو قول، جنھن ۾ سوال ڪرڻ جي مذمت ڪيل آھي، ڏاڍو مشھور آھي.

– آپ سے ملے سو دودھ برابر، مانگے ملے سو پانی. (گرو نانک)

– پاڻئون ملي سو کير برابر، پنيي ملي سو نير برابر. (ترجمو)

يا وقت تي ڪم نه ڪرڻ ۽ پوءِ ويھي افسوس ڪرڻ. اھڙيءَ حماقت کي ڪبير، ھيئن ظاھر ڪيو آھي؛

– آگےکے دن پيچھے گئے، کہو نہ ہر سے ميت،

اب پچھتاوےکا ہووت، جب چڑياں چگ گئيں کھيت. (کبير)

– ويا ڏينھن مور نه موٽن، قسمت تي نه ھڻ يار!

پوءِ پڇتائڻ مان ڪين وري، جڏھن ٻارِ چُڳي وئي جھارِ. (ترجمو)

ايسپ جي آکاڻين وانگر، اسان وٽ به لوڪ ڪھاڻين جو وڏو ذخيرو موجود آھي، جن منجھان گھڻي ئي چوڻيون ۽ پھاڪا جڙي پيا آھن. مثال طور؛

۱آنکھوں  کی سوئیاں نکالنا رہ گئی ہیں۔اکين منجھان سُيون ڪڍڻ رھجي ويون آھن.
۲پنچ کہیں بلّی تو بلّی ہی سہی  پئنچ چوندا ٻلي ته پوءِ ٻلي ئي سھي.
۳دال میں کالادال ۾ ڪارو ڪارو؛ يا مرچ، يا مک.
۴تھالی کا بینگنٿالھيءَ جو واڱڻ.
۵کرگھا چھوڑے تماشا جائے،

ناحق چوٹ جولاہا کھائے۔

چرخو ڇڏي تماشو ڏسڻ لاءِ ڀڳو،

اجايي ڪم ۾ ڪوريءَ کي ڌڪ لڳو.

۶آٹا دال الوبھی ہے۔اٽو، دال ۽ چٻرو به آھي.
۷شيخ کيا جانے صابن کا بھائو۔ساڌن جو ڇا سواد سان؟

مٿي ڄاڻايل سموريون چوڻيون، لوڪ ڪھاڻين سان تعلق رکن ٿيون. جن جو تفصيل، ھتي ڏيڻ جو موقعو يا مناسبت ناھي.

ٻين چوڻين جو قسم اھو آھي جن جو تعلق گھڻو تڻو انھن محاورن /اصطلاحن يا تجربن سان آھي، جن ھلي آخر ھڪ استعاري جي صورت اختيار ڪئي آھي. جيئن؛

۱پرانی لکير کا فقيرپراڻي لڪير جو فقير.
۲پتھر ميں جوک نہيں لگتی  پٿر ۾ ڪوڪو ٺوڪي نه سگھبو.
۳پھول وہی جو مہيسر چڑھيںگل اھي جي مند تي ٽڙن.
۴اکيلي لکڑی بھی نہيں جلتیاڪيلي ڪاٺي دود ڪري.
۵اپنا پيٹ تو کتا بھی پالتا ہےپيٽ ته ڪتا به پيا پالين.
۶چيل کے گھونسلے ميں ماس کہاںماريءَ جي گھر، ھڏن جو ڍير.
۷خربوزه کو ديکھ کر خربوزه رنگ پکڑتا ہےگدرو، گدري کي ڏسي رنگ مٽيندو آھي.

اھي ۽ انھن جھڙا سوين ٻول اھڙا آھن، جيڪي چوڻيون بڻجي چڪا آھن. … ليڪن منجھانئن ته ڪيترا اھڙا به آھن جيڪي فقط خيال جي گھرائيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ ڪيترا ته صرف روز مره يا محاوره/اصطلاح يا ورجيسون آھن…. ان قسم جون ڪجھ چوڻيون اھي آھن، جيڪي گھڻيون تڻيون عورتن ۽ سندن دنيا سان تعلق رکن ٿيون. رسمن ۽ رواجن جي نيڪي يا برائي بيان ڪرڻ لاءِ جوڙيل آھن.

۱آنکھ ميں آنسو ايک نهيں،

کليجه ٹوک ٹوک۔

ٻوڪٽ گھڻا، اک ۾ ڳوڙھو نه لڀي.
۲آنکھ پھوٹی، بلا سے پيڑ گئیسدا ڏکندڙ اک، ڪڍائي چڱي. ۲. ڪني آڱر، وڍي ڀلي.
۳آنکھ نه ناک، بنو چاند سینه اک، نه نڪ؛ ڪنوار چنڊ جھڙي.
۴آئو پڑوسن لڑيںپاڙيرا، ڌوترا، ڌڳريا.۲. جتي پاڙا، اتي ڍيڍواڙا.۳. اچو پاڙيواريون ته ڪيون جھيڙي-پچار.
۵اپنی پهير، پرائی باتيں۔پنھنجي سر تي آئي ته مصيبت، ٻئي جي سر تي آئي ته ڳالھ.
۶اٹھائو ميرا مکنا،

ميں گھر سنبھالون اپنا۔

جڏھن نئين نويلي ڪنوار، ساھرين ايندي آھي ۽ اچڻ سان پاڻمرادو گھر جي ڪمن ۾ لڳي ويندي آھي ته کيس رسم و رواج جي لحاظ کان بيشرم سمجھيو ويندو آھي ۽ ٽوڪ طور چئبو اٿس؛ ”سنڀاليو وڃي پنھنجا پيڪا، مان ٿي سنڀاليان پنھنجو گھر.“

ٽيون قسم چوڻين جو اھو آھي جن جي لفظن مان اھو ته پتو پوي ٿو ته سندن پٺيءَ پاڳئون ڪو نه ڪو واقعو ضرور آھي، ليڪن ان جي ڄاڻ اسان کي ناھي. مثال طور ھڪڙو پھاڪو آھي. ناچ نہ جانے، آنگن ٹيڑھا. (نچڻ نه اچي، آکي؛ ڀونءِ سوڙھي.) يقينًا آڳاٽي دور جي ڪنھن ناچوءَ تي نڪته چيني ٿيل آھي، جنھن پنھنجو عيب لڪائڻ لاءِ اھو جواب ڏنو ھوندو ته؛ ”ڇا ڪريان؟ ڇيڄ ته ڀلا وجھان، پر توھان نچڻ لاءِ ٽِڪري ئي نه ڇڏي آھي.“ انھيءَ وقت کانپوءِ فضول ۽ بيجا عذر تي ھيءَ چوڻي استعمال ڪئي ويندي آھي. ان قسم جو ھڪڙو مثال ٻيو به آھي. اندھا گائے، بہرا بجائے. (انڌو ڳائي، ٻوڙو وڄائي). اھو ته پڌرو آھي ته ٻئي، پنھنجي پنھنجي بيسرائپ پيا ڏيکاريندا.

ٽيڏي کيرڻي: اوھان ٽيڏي کيرڻي وارو ٽوٽڪو ته ٻڌو ھوندو. ڪنھن انڌي کان پڇيائون؛ ”کيرڻي کائيندين؟“ انڌي پڇيو؛ ”کيرڻي ڪيئن ٿيندي آھي؟“ جواب مليس؛ ”ٻگھ وانگر اڇي.“ تنھن تي پڇيائين؛ ” ٻگھ ڪيئن ھوندو آھي.“ جواب ڏيندڙ، ٻگھ جي ڊگھي ڳچيءَ وانگر، پنھنجي ھٿ کي ڪارائيءَ ۽ ٺونٺ سميت ٽيڏو ڪري، سندس آڏو جھليو. انڌي ھٿوراڙيون ڏئي ھٿ کي ڏٺس ۽ رڙ ڪري چيائينس؛ ”اڙي اھا ته وڏي ٽيڏي کيرڻي آھي.“

ان طرح جون ڪيتريون ئي چوڻيون آھن جن جو بنياد يا ته لوڪ ڪھاڻين تي قائم آھي يا ڪنھن نه ڪنھن خاص واقعي تي آھي، جنھن جي ڄاڻ اسان کي حاصل ناھي. منجھانئن چند ھيٺ ڏجن ٿيون.

۱چور کی داڑھی میں  تنکا  چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.
۲دیکھئے اونٹ کس کروٹ بیٹھتا ہےڏسئون ته اٺ ڪھڙيءَ ڪڙيءَ ٿو ويھي.
۳طویلے کی بلا، بندر کے سرطنبيلي جي سزا، باندر کي.
۴ہم بھی ہیں پانچوں سواروں ميںمان به پنجن سوارن منجھان آھيان.
۵وہی مرغے کی ایک ٹانگ اھي ئي سيھڙ ٽنگون ٽي، چوٿون پڇ.
۶کچھ بسنت کی بھی خبر ہے؟  اک پٽ، انب ڏس.
۷یہ منہ اور مسور کی دال جهڙا روح تهڙا ختمه.

چوڻين جو ھڪ قسم ٻيو به آھي جن کي اسان تلميحي/ورجيسي چئي سگھون ٿا. يعني انھن جو تعلق ڪنھن نه ڪنھن تاريخي روايت سان آھي. مثال طور؛ ۱. گھر جو ڀيدي، لنڪا ڊاھي. ان ڪھاوت ۾ اشارو ان روايت ڏانھن آھي ته جڏھن رامچندر جيءَ، راوڻ تي چڙھائي ڪئي ته راوڻ جي ڀاءُ، ڪي ڳجھيون ڳالھيون رامچندر سان وڃي ڳرھيون. جنھن جي ڪري حملي ۾ جلد ئي ڪامياب ٿيو. ۲. ھڪڙي ٻي چوڻي آھي؛ ”ھٿ ۾ سٽ جي ڍيري، ڪري ٿي يوسف جي خريداري.“ انھيءَ ۾ ان ڪراڙيءَ ڏانھن اشارو آھي، جيڪا مصر جي بازار ۾ سٽ جي ڍيري کنيو، يوسف سودڻ پئي وئي. ۳. اھڙي اڃان ٻي به چوڻي مشھور آھي؛ ”ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.“ ھن چوڻي ۾ ان روايت ڏانھن اشارو آھي ته مالوه ۽ گجرات جي راجا ڀوڄ، پنھنجي ڌيءَ، گنگو تيليءَ جي پٽ سان پرڻائي ڏني ھئي، سا صرف ان لاءِ جو ھڪ دفعي ان ديپڪ راڳ ڳائي محل جو ڏيئو روشن ڪيو ھو. ۴. ھڪڙي چوڻي ته اڃان به وڌيڪ مشھور آھي؛ ”انڌير نگري، چرٻٽ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.“ ان جي متعلق جيڪا روايت بيان ڪئي ٿي وڃي، سا ھڪ لوڪ ڪھاڻي آھي. ان جي تاريخي حيثيت ڪانھي.

دلي دور: ان سلسلي ۾ ”دھلي دور آ“ واري چوڻي، خاص طور تي چئي ويندي آھي. ٻڌايو ويندو آھي ته؛ ھڪ دفعي جھانگير، لاھور کان پنھنجي پياري زال نورجھان ڏي قاصد موڪليو. قاصد جي دعوى ھئي ته ھو ڏينهن ھڪ دھليءَ پڄي ويندو. شام ڌاري جڏھن ھو، نِسَتي حالت ۾، دھليءَ ويجھو پھتو ته ھڪڙيءَ ڪراڙيءَ کان پڇيائين؛ ”آيا دھلي دور آ؟“ ھن چيس؛ ”نوج دلي دور است.“ قاصد نوج کي ھنوز سمجھيو ۽ مايوس ٿي ڪري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. جھانگير کي خبر پئي ته ڏاڍو افسوس ڪيائين ۽ سندس قبر مٿان ھڪڙي عمارت اڏرائي ڇڏيائين. جنھن کي پيڪ جو مقبرو سڏين ٿا. دھليءَ کان پنجن ڪوھن جي فاصلي تي اڄ به موجود آھي. ان جو سن تعمير ۱۱۳۲ھ آھي، جيڪو جھانگير جو زمانو آھي.

اڳي، چوڻين جو استعمال، تمام گھڻو ۽ عام ھو. شاعر به پنھنجي ڪلام ۾ زور پيدا ڪرڻ لاءِ، ان جو استعمال ڪندا ھئا. اسان ھتي ڪي شعر نقل ڪيون ٿا، جن منجھان چوڻي جي اھميت ۽ مقبوليت جو اندازو چڱيءَ طرح ٿي سگھي ٿو.

داغ جو شعر آھي؛

پڑا ہوں سنگ راہ دوست بن کر کو ئے دشمن ميں،

سنا ہے آدمی کچھ ٹھوکريں کھا کر سنبھلتا ھے۔

مير فرمائي ٿو؛

اس ستانے سے تو دے صاف جواب،

آنکھ پھوٹی بلا سے پير گئی۔

”آنکھوں کے آگے ناک، سوجھے کيا خاک“ جھڙي چوڻي مشھور آھي. ان کي وري ناسخ ھيئن نظم بند ڪيو آھي.

ہے عياں جلوه خدا کا ان بتان ہند ميں،

سوجھے کيا زاہد تجھے آنکھوں کے آگے ناک۔

”دال ميں کالا ہے۔“ انھيءَ چوڻي کي جان صاحب پنھنجي مخصوص رنگ ۾ ھن نموني استعمال ڪيو آھي.

بال ہيں بکھرے، بند ہين ٹوٹے، ٹيڑھا کان کا بالا ہے،

تاڑ ليا بس ہم نے بھی، کچھ دال ميں کالا ہے۔

حاصل مطلب ته آڳاٽن استادن جو ڪلام، چوڻين ۽ محاورن سان ڀريو پيو آھي. ليڪن ھاڻي، ايڏانھن ڄاڻي واڻي توجهه نٿو ڏنو وڃي. جنھن جو نتيجو ھيءُ نڪتو آھي جو ھاڻي شاعري فقط خيال جي رھجي وئي آھي. ٻوليءَ جي ڄاڻ سان، ان جو ڪو تعلق ئي ناھي. يعني انھيءَ ۾ ائين ته وزن، قافيو ۽ سنجيدگي، فلسفو ۽ سياست، زور زندگي برائي زندگي، سڀ ڪجھ آھي ليڪن ٻولي ناھي. اھا ڳالھ جڏھن جديد رنگ جي شاعرن سان ڪجي ٿي ته چون ٿا؛ ”زبان درازي ٿا ڪيو.“

(ماھنامه نگار، جلد نمبر ۶۶، شمارو نمبر اول جولاءِ ۱۹۵۴ع تان ترجمي سان کنيل)