ادبخاصنئون

ڊائري جا ورق

2 آگسٽ، 1984
دل چاهيندي آهي ته لکان، لکڻ باقاعدا شروع ڪريان. مضمون، تبصره، ڪهاڻيون، ڊراما وغيره. ان لاءِ ڪيئي موضوع ذهن ۾ ايندا آهن، پر لکڻ جو وقت بلڪل نه ٿو ملي. ڪاروبار ۾ اهڙو ڦاٿل آهيان جو لکڻ لاءِ ٽائيم نٿو بچي. حالانڪه مونکي انتهائي گهڻو شوق آهي، لکڻ جو ۽ پوءِ جڏهن لکي نه سگهندو آهيان. تڏهن منهنجي دل و دماغ تي بيچيني ۽ ڪاوڙ وارا جذبا اٿندا آهن. پوءِ وري سوچيندو آهيان ته مان نيٺ اهو ڪم ڪندس، آخرڪار تخليق جو رستو اختيار ڪندس. اڄ نه ته سڀاڻي جڏهن منهنجو پٽ سارنگ وڏو ٿيندو ۽ مون تان ٻيا فرض ۽ ذميواريون گهٽجنديون. تڏهن مان دل و جان سان، هڪ منون ٿي تخليق جو ڪم ڪندس. علمي ۽ ادبي راهه وٺندس. اهو منهنجو عزم آهي، ارادو آهي.
***
10 آگسٽ، 1984
هڪڙو ڏاهو انسان، ڏيهين جي سُکن ڪاڻ سالن کان، ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد رهندي به، وڙهي پيو ويرين ساڻ.
سختيون، اذيتون ۽ سور سهندي، آزاديءَ جا سُر آلاپي ويٺو. گهر، ٻار، ڀينر، پٽڙا، سڀ جيلن جون تڪليفون برداشت ڪندا ٿا رهن ۽ هي جوڌو جوان، پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي، وطن واسين جي ڇوٽڪاري لاءِ وڙهي پيو ۽ وڙهندو ٿو رهي. ويهن سالن ۾ وڏو عرصو جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند رهيو آهي.
ڇهن سالن کان ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد آهي، پر انهن اوچن ڪوٽن مان، انقلاب ۽ آزاديءَ جي جيڪا روشني هي پنهنجن ڏيهه جي مظلوم مجبور ۽ پورهيت عوام کي ڏيئي رهيو آهي، اُها روشني غلاميءَ جي اونداهي واٽن کي روشن ڪندي پئي اچي. اها روشني تمام تيزيءَ سان وڌندي وطن جي جرن جهنگن ۾ پکڙبي پئي وڃي ۽ هن شخص جي ذهانت ۽ ڏات ضرور انقلاب آڻيندي.
***
15 آگسٽ، 1984
زندگي جي رستن تي هلندي هلندي ڪڏهن اُميدن جا ڪرڻا، رستن کي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وري ڪڏهن نااُميدين ۽ مايوسين جون ڪاريون گهٽائون رستا اونداهه ۾ لڪايو ڇڏين.
اُميد ۽ نااميدين جو اهو عمل جاري آهي، پر جيئن پوءِ تيئن اُميدون ۽ آسرا وڌيڪ چٽا ۽ صاف ٿيندا پيا وڃن. ڪجهه عرصو اڳ ته مايوسين جا ميڙا هئا، ڪابه اميد آزاديءَ جي نظر نٿي آئي. اسين ائين ڀائيندا هئاسين ته اسانجو ملڪ ۽ قوم شايد ترقي نه ڪري سگهي، بلڪه لڳندو هو ته اسانجي قوم ئي نيست نابود ٿي ويندي، پر اها سوچ درست نه هئي، اهو ويچار اسان جي گهٽ علم ۽ ڪم عقل جي پئداوار هو، پوءِ جيئن جيئن علم جي اوڏو ٿيندا وياسين، جيئن عقل وارن جي آستانن تي اچڻ وڃڻ ٿيو، تيئن اسانجي سمجهه ۾ به واڌارو ٿيو، آهسته آهسته مڪمل ناُاميدين جي جاءِ تي اُميدن جي روشني وڌڻ لڳي ۽ هاڻ اهو ته يقين آهي ته دير سوير نيٺ سچ ۽ حق جي فتح ٿيندي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ هميشه نٿا هلي سگهن.
اسان جي قوم ۽ عوام ۾ به آهسته آهسته سجاڳي اچي رهي آهي ۽ تازين حالتن ۽ واقعن ته انهيءَ سوچ کي پڪو ڪيو آهي، هاڻ ڏهه ويهه سيڪڙو نااُميدي به صرف پنهنجي ذاتي ڪمزورين سبب ٿيندي آهي، اسان ذاتي طرح سان تمام گهڻين ڪمزورين ۽ بيمارين ۾ ورتل آهيون ان ڪري اهو احساس ٿيندو آهي ته شايد اها صبح اسين نه ڏسي سگهون، پر اهو يقين آهي ته اها صبح ضرور ايندي.
***
7 سيپٽمبر، 1984
خوشي انفرادي به ٿيندي آهي ۽ اجتماعي به. حالتون اهڙيون آهن جو سڄو سماجي ۽ معاشي ڍانچو ئي اونڌو ۽ غلط آهي. سماجي، معاشرتي اقتصادي نا برابري هتي اهڙي لٽ مار واري غير انساني حالتن کي جنم ڏنو آهي جو ملڪ ۽ قوم جي وڏي اڪثريت هر لحاظ کان ظلم ستم جي چڪي ۾ ڏينهن رات پيڙهبي ٿي رهي. ماڻهو ويچارا اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جهڙي ڪوبه مهذب انسان نه گذاري سگهي. جتي ماءُ پيءُ پنهنجي معصوم اولاد کي پيٽ خاطر وڪڻڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃن، جتي ان ڪاڻ لڄ وڪامندي هجي، جتي پيار ڪندڙ ڪيئي ڪونڌر ۽ ڪنواريون روز ڪُٺيون پيون وڃن. جتي هڪ حب يا دوا جي ٽڪيءَ لاءِ ماروئڙا ڇڙيون هڻيون مريو وڃن. اُتي انهيءَ ملڪ ۾، ان ملڪ جي ماڻهن ۾، ماڻهن جي دلين ۽ روحن ۾ خوشيون ڪيئن داخل ٿينديون. انهن جا چهرا ڪيئن ٻهڪندا. عيد انهن جي لاءِ ڪهڙيون ڪيتريون خوشيون آڻيندي هوندي؟
***
9 سيپٽمبر، 1984
اڄ شام ٽنڊي باگي پهتاسين هڪ شادي جي رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ، منهنجا ٻار به تلهار ناناڻن ۾ آهن، سڀاڻي انهن کي به وٺي حيدرآباد ويندس. حيدرآباد کان ٽنڊي باگي تائين روڊ جي آس پاس برساتن جو پاڻي بيٺل آهي. برسات لاڙ ۾ گهڻي پئي آهي.
ٿر ۾ دوستن ٻڌايو ته برسات ايڏي گهڻي ڪانه پئي آهي، صرف هڪ وسڪارو ٿيو آهي، وري ڏهه پندرنهن ڏينهن رکي ٻيو وسڪارو ٿئي ها ته ٿري ماروئڙا سيراب ٿين ها، پر ٻيو وڏو وسڪارو نه ٿيو آهي. ان ڪري ٿري ويچارا اڃا به اڃايل آهن.
برسات جتي گهڻي پوڻ گهرجي ها اتي ڪانه وٺي ۽ جتي ضرورت نه هئي، اُتي ڏاڍي وٺي جو مرڳو نقصان ٿيو آهي. لاڙ جون زمينون اڳي ئي سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ آهن، باقي جو زبردست برسات ان هڻي فصل ٻوڙي ڇڏيا آهن.
لاڙ ۾ سم ۽ ڪلر تباهي مچائي رهي آهي. ان کان بچاءَ لاءِ سرڪار پاران ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سِم ناليون کوٽيون ويون، پر مقامي انجنيئرن ۽ آفيسرن اهڙو ته غلط ۽ ناقص ڪم ڪيو جو مورڳو زمينن کي نقصان پهتو. حالت اها وڃي ٿي جو سم ناليون سڌيون وهڻ جي اونڌيون وهڻ لڳيون ۽ برسات وغيره ۾ اهي ناليون جاءِ جاءِ کان ڦاٽيون آهن، تن هڻي هزارين ايڪڙ زمينن کي کاري پاڻي سان ٻوڙي ڇڏيو آهي.
***